صحيح سمت جو تعين...!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    هنن ٽن جملن تي غور ڪيو. 1: مان خوشيون حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. 2: مان گهڻا پئسا ڪمائيندس. 3: مان ڪامياب ٿيڻ ٿو چاهيان. هر ماڻهو هن قسم جا جملا چوندي نظر ٿو اچي پر هي جملا فقط خواهشن کي ظاهر ڪندا آهن. مقصد بيان ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ اصول ۽ ضابطہ واضح ڪرڻ ضروري آهن. غير واضح مقصد توهان کي ڪو به فائدو نه ڏيندو ۽ نه ئي توهان ان کي حاصل ڪري سگهندئو. مقصد جو تعين ڪرڻ جي لاءِ هيٺ ڏنل شرطن کي سامهون رکو. پهرئين شرط: توهان جو مقصد حقيقت تي مبني هئڻ گهرجي، فرضي خيال ۽ خواهشون مقصد ناهن چورائينديون. خواهشن جي ڪثرت سان توهان شيخ چلي ته بڻجي سگهو ٿا پر ڪامياب انسان نه. ٻئين شرط: توهان جا مقصد واضح ۽ قطعي Define هئڻ گهرجن انهن کي ماپي سگھجي، مثال طور: مونکي سٺا نمبر حاصل ڪرڻا آهن هي ھڪ واضح ۽ قطعي گول کي بيان نه ٿو ڪري پر مونکي %90 نمبر حاصل ڪرڻا آهن هي هڪ مخصوص ۽ قطعي مقصد کي بيان ڪري ٿو. ٽئين شرط: توهان مقصد کي بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ هي به ٻڌائي سگهو ته توهان کي هي ڪيتري وقت ۾ حاصل ڪرڻو آهي. مثال طور : مونکي گھڻا پئسا گهرجن. هي هڪ غير واضح ۽ غير قطعي مقصد آهي جنھن سان وقت جو تعين به نه ڪيو ويو آهي ته توهان کي هي مقصد ڪڏھن حاصل ڪرڻو آهي؟ جڏهن ته مونکي هن سال 20 لک رپيا ڪمائڻا آهن هي هڪ واضح ۽ Time bound مقصد آهي. چوٿين شرط توهان جا مقصد توهان جي اختيار ۾ هجن ٻين جي هٿن ۾ نه. مثال طور : مان پنهنجي پٽ کي ڊاڪٽر بڻائيندس. هي مقصد توهان کان وڌيڪ توهان جي پٽ جي اختيار ۾ آهي انهي لاءِ هي هڪ خواهش آهي جيڪا پوري ٿئي يا نه خبر ناهي پر مونکي ڊاڪٽر ٿيڻو آهي هڪ اهڙو مقصد Goal آهي جيڪو %100 توهان جي پنهنجي اختيار ۾ آهي ۽ ان کي توهان محنت سان حاصل ڪري سگهو ٿا. پنجين شرط : توهان جا مقصد وڏا هجن، ننڍا ننڍا هدف توهان جي شخصيت کي نرالو ناهن ڪندا، هي توهان کي عمل تي به نه اڀاريندا پر وڏا مقصد توهان جي اندر جوش ۽ جذبو پيدا ڪندا آهن. ماڻهو صرف بل ادا ڪرڻ، ٻارن جي فيس ادا ڪرڻ ۽ گهر هلائڻ جا مقصد سامهون رکندي ڪم ڪندا آهن. انهيءَ ڪري اهي ٿڌي جذبات جا مالڪ هوندا آهن. جيڪڏهن هڪ شخص گهڻو پيسو ڪمائڻ ۽ زندگي پُرلطف بنائڻ جو سوچي ته اهو جذبي سان ڪم ڪندو. انهي لاءِ چوندا آهن ته : Always shoot the moon. شاگرد صرف پاس ٿيڻ جي لاءِ پڙهائي ڪندا آهن پر انهن کي ٽاپ ڪرڻ جي لاءِ محنت ڪرڻ گهرجي. هي مقصد انهن جي اندر هڪ نئو ولولو ۽ جوش پيدا ڪري ڇڏيندو. ڇهين شرط : توهان جا مقصد مثبت طرز فڪر تي مبني هجن. مثال طور : توهان بيمارين کان بچڻ جي لاءِ صحت مند ٿيڻ جا هدف مقرر ڪيو. Anthony Robbins جو چوڻ آهي ته : ماڻهو سست ناهن هوندا، انهن جا مقصد بيڪار ۽ سست ھوندا آھن جيڪي انهن کي جوش ناهن ڏياريندا ۽ اهي پاڻ بيڪار ٿي ويندا آهن. ڪيترا ئي ماڻهو انهن جهازن جي واپسي جو انتظار ڪندا آهن جيڪي انهن ڪڏھن سفر تي رواڻيا ئي ناهن هوندا. مقصد کي واضح بيان ڪرڻ ۽ ان سان گڏ وقت جي حد مقرر ڪرڻ کانسواءِ توهان ان کي ڪڏهن به حاصل نه ٿا ڪري سگهو. هڪ Define Goal بڻائڻ سان توهان کي خبر ھوندي آھي ته توهان کي ڇا ڪرڻو آهي، ڪهڙي طرف وڃڻو آهي، ڪٿي پهچڻو آهي ۽ ڪڏهن پهچڻو آهي. انهيءَ ڪري توهان ڪامياب ٿي ويندا آهيو. Nepoleon Hill چوي ٿو ته : انساني ذهن جيڪو ڪجهه واضح طور تي سوچي سگهي ٿو ان کي حاصل ڪري سگهجي ٿو. ماهرن جو چوڻ آهي ته هڪ اهڙو راز آهي جيڪو هر انسان جي زندگي جو رستو بدلائي سگھي ٿو چاهي ان جي عمر ڪيتري ۽ ماحول ڪيئن ئي ڇو نه هجي. اهو راز آهي "واضح مقصد جو تعين ڪرڻ". مقصد منتخب ڪرڻ کانپوءِ توهان هڪ مختلف انسان بڻجي ويندا آهيو. توهان جي سوچ، ڪاوش، محنت، جستجو ۽ شوق سڀ توهان جي مقصد جي تابع ٿي ويندا آهن. توهان جي سڄي توانائي هڪ مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ صرف ٿيندي آهي ۽ توهان ڪامياب ٿي ويندا آهيو. جڏهن توهان هنن شرطن جي مدد سان مقصد منتخب ڪري ڇڏيو ته پوءِ انهن کي ڪنھن ڪاغذ تي صاف لفظن سان لکو ۽ لکڻ کان پوءِ پنهنجي پاڻ سان واعدو ڪيو ته توھان ان کي حاصل ڪندئو. توهان جڏھن انھن مقصدن کي ڪاغذ تي منتقل ڪندا آهيو ته هي حقيقت جو روپ وٺڻ لڳندا آهن. اهداف جو واضح طور تي تعين ڪرڻ توهان جي وقت کي بچائيندو آهي ۽ توهان جي ڪاميابي کي يقيني بڻائيندو آهي. جن ماڻهن جي سفر جي منزل ناهي هوندي ۽ جيڪي پنهنجي زندگي کي ڪنهن مقصد جي تحت نه گذاريندا آهن اهي ماڻهو عام طور تي ڀٽڪجي ويندا آهن ۽ ڪامياب ناهن ٿيندا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو