اصل هيرو ڪير؟

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاه
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا مزاج موجود آهن هي تضاد ئي دنيا جي خوبصورتي آهي ڪيترائي ماڻهو پنھنجي غلط ڪردار ۽ غلط فيصلن جي وجهه سان ناڪام ٿي رهيا آهن ۽ ڪجھ خوش قسمت ماڻهو انهن ناڪام ماڻهن جي زندگين مان عبرت حاصل ڪري ڪاميابي جو نسخو حاصل ڪري رهيا آهن. هن دنيا ۾ ﷲ تعالي جو هن کان وڏو ڇا انصاف هوندو ته هي دنيا ڪاميابي جي متلاشي کي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي متلاشي کي ناڪامي ڏيندي. ڪامياب اهو آهي جيڪو ﷲ تعالي جي درٻار ۾ ڪامياب هجي. جنهن ﷲ تعالي ۽ ان جي مخلوق کي راضي ڪيو. غلط انسان جنهن شي جي تلاش ۾ سرگرم هوندو آهي اهو ان کي ڪاميابيءَ جو تصور ڪندو آهي پر اصل ۾ اها ناڪامي هوندي آهي. بيشمار ماڻهو نه ئي پاڻ ترقي ڪرڻ چاهيندا آهن ۽ نه ئي ٻين کي ترقي ڪرڻ ڏيندا آهن هي ماڻهو ڪنهن فرد کي ۽ نه ئي معاشري جي خوشحالي جا قائل هوندا آهن. انهن کي نااميدي جو بادشاھ چئي سگهجي ٿو. تنقيد برائي تنقيد انهن جو پسنديده پيشو آهي. تقدير ڪڏهن به انهن تي مهربان نه ٿيندي آهي. هي گمنام ايندا آهن ۽ گمنام ئي ھليا ويندا آهن ڇو ته دنيا فقط تبصرو ڪرڻ، راءِ ڏيڻ، تنقيد ڪرڻ ۽ مشورو ڏيڻ سان ناهي بڻجندي پر ان جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو آهي. ھڪ طبقو ذاتي فڪر جي مفاد کي هميشه نظرن جي سامهون رکندو آهي. اهو ڪنهن جي به ڀلي جي لاءِ سوچڻ مناسب ناهي سمجهندو انهن ماڻهن کي پنهنجي فائدي سان مطلب هوندو آهي انهن کي گهٽ ظرف وارو چئي سگهجي ٿو. هن دنيا ۾ اهي بادشاھ به بڻجي وڃن تڏهن به آخرت ۾ ناڪام هوندا آهن ٻين جي ڪلهن تي سوار ٿي ڪري بلندي حاصل ڪرڻ وارو محتاج ئي ته هوندو آهي. پنهنجي زندگي جي سفر جي اختتام تي هي ماڻهو اڪيلائي جي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ اهائي انهن جي ناڪامي هوندي آهي جهڙي طرح اونداهي رات ۾ تارا پنهنجي چمڪ سان آسمان کي سجائيندا آهن اهڙي طرح دنيا جي انڌيري ۾ ڪجھ باڪمال ماڻهو تارا بڻجي ڪري چمڪندا آهن. هي تارا بغير ڪنهن تعصب ۽ نفرت جي پنهنجن ۽ پروانن کي روشني سان فيضياب ڪندا رهندا آهن. ڇو ته هي ماڻهو روشني کي الله پاڪ جو انعام سمجندا آهن ۽ ان انعام کي الله پاڪ جي رستي تي لڳائيندا آهن ۽ انهن ماڻهن کي هيرو چيو وڃي ته وڌيڪ بهتر آهي. انگريزي ادب ۾ انهن کي سپرمين ( supermen) چيو ويو آهي. شاعرِ مشرق علامه اقبال رحمت الله عليه انهيءَ سپرمين کي مردِمومن چيو آهي پر جديد نالو هيرو ئي بھتر آهي. قابل غور ڳالھ هي آھي ته انھن هيروز سان محبت ۽ احترام رکڻ وارو شخص به انهن جهڙين صفتن جو مالڪ ٿيڻ لڳندو آهي هي ماڻهو مقناطيس وانگر ھوندا آھن جيڪو شخص انهن جي تعلق ۾ ايندو آهي اهو به منفرد شخصيت جو مالڪ ٿيڻ لڳندو آهي. اسان فلمن ۾ جن هيرن کي ڏسندا آهيون اهي صرف ٽن ڪلاڪن جا هيرو هوندا آهن پر هي ماڻهو زندگي جي فلم جا هيرا هوندا آهن. انهن جي متعلق چيو ويندو آهي ته” هيرو اهو شخص آهي جيڪو هر طرح جي حالتن ۾ همٿ کي قائم رکندي مستقل مزاجي سان پنهنجي منزل جي طرف جاري وساري هوندو آهي اهو دنيا ۽ دنيا وارن کان تقاضو ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي مالڪ الله پاڪ کان ۽ پاڻ پنهنجي ذات کان تقاضو ڪندو آهي"
    هي ماڻهو معاشري زمانن ۽ تاريخ جا نقيب ھوندا آھن. ھي (trend setter) هوندا آهن. انهن جي ڪري دنيا کي آسانيون ملنديون آهن. هي ماڻهو پاڻ سختيون برداشت ڪندا آهن انهيءَ لاءِ ماڻهو انهن جو مثال ڏيندا آهن ۽ انسانيت کي انھن تي فخر هوندو آهي انهن جو ذڪر ۽ ڳالهيون ماڻهن کي همٿ ڏينديون آهن. هي محبت ۽ امن جو (درس) پيغام ونڊيندا آهن. هي زندگي جي اصل مفهوم جي تشريح ڪندا آهن ۽ ماڻهن کي اصل زندگي کان آشنا ڪرائيندا آهن. دنيا جا وڏا وڏا ستم ڪرڻ وارا حڪمران به اڄ تائين اهڙيون زنجيرون ايجاد نه ڪري سگهيا جيڪي انهن هيروز جي پيغام کي جڪڙي سگهن جهڙي طرح هوا روشني، ۽ خوشبو پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندي آهي اهڙي طرح انهن جو نالو ۽ پيغام به ماڻهن جي دلين جي دهڙڪن بنجي ويندو آهي. سقراط جيان ڪيترن ئي ٻين کي به بظاهر دنيا مان مٽائي ڇڏيو ويو پر اڄ به تاريخ انهن جي نالن سان زندھ آهي. انهن جي ڳالھ ۽ پيغام کي ﷲ جي طرف کان اذن (حڪم) هوندو آهي ته اهو ماڻهن جي دلين تائين پهچي وڃي ته جيئن ماڻهو خوشحال هجن ۽ انهن جون زندگيون آسان بڻجي وڃن. هي ماڻهو آسانيون ڏئي ڪري آسانيون ونڊڻ جو درس ڏيندا آهن. انهيءَ لاءِ سالن کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ انهن جي لاءِ محبت ۽ احترام زندھ رهندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو