ناڪاميون ڪاميابي جي لاءِ ضروري آهن..!!!

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ امتياز علي رند طرفان آندل موضوعَ ‏11 آگسٽ 2019۔

  1. امتياز علي رند

    امتياز علي رند
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    17
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ليکڪ: قاسم علي شاھ
    سنڌيڪار: امتياز علي رند

    مسافر جي چهري جي ٿڪاوٽ وڏي سفر جي مشڪلاتن کي ظاهر ڪندي آهي. اڄ جو الميو هي آهي جو پوڙها ته پوڙها پر نوجوان به جواني جي شاندار ڏينهن ۾ زندگي مان بيزار ٿي ويندا آهن. استقامت ۽ جدوجهد جي ايتري گهٽتائي آهي جو هڪ يا ٻه دفعا ناڪامي انهن کي ايترو مايوس ڪندي آهي جو ڪاميابي جو تصور ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي نالو وٺڻ به وساري ڇڏيندا آهن. اسان ڪيترا دفعا شاگردن جي پذيرائي ۽ همٿ وڌائڻ جي لاءِ انهن کي هي چئي ڏٺو آهي ته توهان تمام اڳتي ويندو ۽ ڪامياب ٿيندو ته انهن منجهان اڪثريت هي چوندي آهي ته سر توهان مذاق ته نه ڪيو اسان ڪامياب ڪيئن ٿي سگهون ٿا اسان جي زندگي ته ناڪامين سان ڀري پئي آهي پوءِ اسان انهن کي هڪ اهم آفاقي اصول سمجهائيندا آهيون ته (ناڪاميون ڪاميابي جي خوراڪ هونديون آهن) ڇو ته دنيا جا وڏا وڏا ڪامياب ماڻهو ڪيترا ئي دفعا ناڪام ٿيا پوءِ وڃي انهن کي ڪاميابي ملي. ايڊيسن جو مثال ئي ڏسو ته ان بلب ٺاهڻ جي لاءِ 9999 دفعا ناڪام ڪوشش ڪرڻ کان پوءِ ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪنهن ان کان معلوم ڪيو ته ايڊيسن توهان 9999 دفعا ناڪام ٿيا آهيو توهان کي مايوسي ناهي ٿي ان جواب ڏنو ته بلڪل به نه، پر مان 9999 اھڙا طريقا ايجاد ڪيا آهن جن سان بلب روشن نٿو ٿي سگهي. هاڻي ٿورو تصور ڪيو جيڪڏهن ايڊيسن همٿ هاري وڃي ھا ته! اڄ سڄي دنيا روشن نه هجي ها. جڏهن اسان ڪنهن کي ناڪامين جي اهميت ٻڌائيندا آهيون ته اهو هي سوال ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي ته ناڪامي آخر ايتري ضروري ڇو آهي؟ ان جا وجوهات ڏاڍا دلچسپ آهن پهرين وجھ هي آهي ته ناڪامي کان بغير ئي ڪاميابي ملڻي هجي ها ته سڀ ڪو ڪامياب هجي ها ۽ جيڪڏهن هر ڪو ڪامياب هجي ها ته ڪاميابي جي خوشي جو احساس سڀني جي لاءِ ختم ٿي وڃي ها. ٻي وجھ هي آهي ته اها شيء جيڪا سخت محنت کان پوءِ حاصل ٿيندي آهي، اها توهان جي لاءِ قيمتي بڻجي ويندي آهي ۽ توهان
    ان جو قدر ڪندا آهيو. ٽئي وجهه هي آهي ته جيستائين ڪاميابي توهان جا قدم چمندي آهي تيستائين توهان جي شخصيت پختي ٿي ويندي آهي ۽ توهان ان جي مقام ۽ مرتبي کي سنڀالي ويندا آهيو. چوٿي وجهه هي آهي ته وڏي انسان جي شخصيت سخت حالتن مان ئي اڀري ڪري سامهون ايندي آهي بلڪل ايئن جيئن ڪندن ٺاهڻ جي لاءِ سون کي تمام گرم ڪرڻو پوندو آهي. عظيم ماڻهو tea bags وانگر هوندا آهن توهان انهن جي اصل طاقت جو اندازو نه ٿا ڪري سگهو جيستائين ان کي اٻرندڙ پاڻي ۾ نه وڌو وڃي. سکڻ جا بيشمار ذريعه آهن پر پوءِ به چيو ويندو آهي ته "زمانو سڀ کان وڏو استاد آهي" منزل جي رستي ۾ اچڻ واريون پريشانيون توهان کي سيکارڻ جو ذريعو بڻجنديون آهن. غلطين جا نتيجا ئي انسان جي تجربي کي وسيع ڪندا آهن. دنيا جا استاد پهريان سيکاريندا آهن پوءِ امتحان وٺندا آهن مگر زندگي هڪ خاموش استاد آهي جيڪا پهريان امتحان وٺندي آهي ۽ پوءِ سيکاريندي آهي. "ناڪامين جي دور ۾ اميد جو دامن پکڙڻ کان سواءِ ثابت قدم رهڻ ئي خوش بختي جي علامت آهي" استقامت ۾ ڪرامت آهي. ( حضرت واصف علي واصف) مسئلن، مشڪلاتن ۽ پريشانين کي منهن ڏيڻ ئي مردانگي آهي. نوجوان ناڪامي کان بچڻ چاهيندا آهن انهيءَ لاءِ اهي هميشه جي لاءِ ڪاميابي کان به بچي ويندا آهن. ڇو جو ڪاميابي ناڪامين کان پوءِ ئي ته ايندي آهي. ناڪامي ڪنهن انسان جو رستو ناهي روڪي سگهندي جيڪڏھن ان کي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو يقين هجي. انسان سڀاڻي جو انتظار به اميد جي سهاري ڪندو آهي نه ته هڪ هڪ لمحو ان جي لاءِ ڪنڊو بنجي ويندو آهي. اچو ته اڄ کان اميد جي شمع کي روشن ڪيون ۽ پنهنجي ناڪامين کي خوش دلي سان قبول ڪيون ته جيئن اسان جي ڪاميابي اسان کي فراخ دلي سان قبول ڪري.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو