ڊاڪٽر ايس ايم قريشي

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ مختيار علي انڙ طرفان آندل موضوعَ ‏9 سيپٽمبر 2019۔

  1. مختيار علي انڙ

    مختيار علي انڙ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏28 جولائي 2019
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    61
    ايس ايم قريشي

    مختيارعلي انڙ

    سنڌ جي سڀاڳي سر زمين ھر دور ۾ املھ ماڻڪ انسانن کي جنم ڏنو آھي جن پنھنجي خداداد صلاحيتن جي بدولت دنيا ۾اسان جو مان مٿاھون ڪيو آھي. اھڙن اعليٰ ۽ اتم انسانن ۾ مشھور تعليمي ماھر، اعليٰ انتظامي سربراھ ۽ انجينئرنگ جي پارکو پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم قريشيءَ جو نالو نمايان حيثيت رکي ٿو. ڊاڪٽر ايس ايم قريشيءَ جو پورو نالو شمس الدين قريشي ھو. سندس والد جو نالو محمد بخش قريشي ھو ۽ پاڻ بوبڪ، تعلقي سيوھڻ ۾ 3 مئي 1936ع تي ھن دنيا ۾ اکيون کوليون. ھن 1959ع ۾ اين اي ڊي يونيورسٽيءَ مان سول انجنيئرنگ جي سند حاصل ڪئي. ان بعد 1965ع ۾ ٿائيلينڊ مان اسٽرڪچرل انجيئرنگ ۾ ماسٽر ۽ 1971ع ۾ برطانيا جي شيفيلڊ يونيورسٽيئ مان سول ۽ اسٽرڪچرل انجينيئرنگ ۾ پي ايڇ ڊي جي سند حاصل ڪئي. ڊاڪٽر ايس ايم قريشي جنوري 1959ع ۾ پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ ۾ سپروائيزر مقرر ٿيو ۽ ترقي ڪندو ڪندو سينئر ڊزائن انجيئر جي عھدي تائين پھتو. مئي 1965ع ۾ سنڌ يونيورسٽي انجيئرنگ ڪاليج ۾ ريڊر مقرر ٿيو. اپريل 1971ع ۾ ساڳئي ڪاليج ۾ پروفيسر بڻيو. مارچ 1974ع کان جولاءِ 1976ع تائين پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ جولاءِ 1976ع تي سنڌ يونيورسٽي انجينيئرنگ ڪاليج جو پرو وائيس چانسلر مقرر ٿيو. مارچ 1977ع ۾ جڏھن مھراڻ يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو تہ پاڻ ان يونيورسٽيءَ جو پھريون وائيس چانسلر مقرر ٿيو. مھراڻ يونيورسٽيءَ کي ملڪ جي بھترين يونيورسٽي بنائڻ ۾ سندس ڪيل ڪوششون ۽ خدمتون ڪنھن کان لڪل نہ آھن. سندس ڏھ سالھ دور ۾ مھراڻ يونيورسٽي ملڪ جي بھترين يونيورسٽين جي صف ۾ شامل ٿي وئي.
    ڊاڪٽر قريشي 1987ع کان 1990ع تائين تعليم جو وفاقي سيڪريٽري ۽ 1990ع کان 1993ع تائين نوجوانن جي معاملن جو وفاقي سيڪريٽري رھيو. ان کان علاوھ ھن وٽ ھائوسنگ ۽ ورڪس، زڪوات ۽ عشر ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالوجيءَ جي سيڪريٽريءَ جا قلمدان پڻ رھيا. 1996ع کان 1999ع تائين ھو انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽيءَ جو صلاحڪار ۽ 1999ع کان 2000ع تائين پاڪستان ڪائونسل آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جو چيئرمين رھيو. پاڻ 2002ع کان 2013ع تائين گورنر سنڌ طرفان چارٽر انسپيڪشن ۽ اويلوئيشن ڪاميٽيءَ جو چيئرمين رھيو. عمر جي آخري حصي ۾ ھن مھراڻ يونيورسٽي انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي ڊولپمينٽ قائم ڪيو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ان جو ڊائريڪٽر رھيو.

    ذاتي زندگيءَ ۾ ھو تمام مھربان، نرم مزاج ۽ ھمت افزائي ڪندڙ انسان ھو. ھن سنڌ جي سمورين يونيورسٽين ۾ تعليم جو معيار وڌائڻ ۽ انھن کي مالي گھوٽالي مان ڪـڍڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪئي. سنڌ جو ھي املھ ھيرو 17 فيبروري 2019ع ۾ اسان کان ھميشھ لاءِ وڇڙي ي ويو. سندس وصيت موجب کيس مھراڻ يونيورسٽيءَ ۾ دفنايو ويو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو