غير مستحڪم ٿيندڙ سعودي بادشاهت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏30 سيپٽمبر 2019۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    غير مستحڪم ٿيندڙ سعودي بادشاهت

    پروفيسر بشير احمد سومرو


    سعودي عرب جي وڏين آئل فيلڊن تي ٿيل راڪيٽ ۽ ڊرون حملن کان پوء آمريڪا جي پت وائکي ٿي وئي ته اھا پنهنجي اھم اتحادي ملڪ جنهن سوويت يونين سان مھاڏو اٽڪائڻ جي لاء افغان مجاھدن کي ھٿيار فراھم ڪرڻ سان گڏ سندن سکيا تي ھڪ وڏي رقم خرچ ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ سوويت يونين ھڪ ته افغانستان مان فوجون ٻاھر ڪڍي ويو ٻيو وري سوويت يونين غير مستحڪم ٿي ڪري پندرهن کان وڌيڪ رياستـ ۾ تبديل ٿي ويو پر سعودي عرب افغانستان تي آمريڪي گرفت مڙبوط ڪرڻ جي لاء پاڪستان جي اندر طالبان پيدا ڪرڻ سان گڏ القاعده کي ميدان تي لاٿو جنهن جي لاء ھڪ وڏي رقم خرچ ڪئي پر جلد ئي آمريڪا ۽ طالبان ۾ اختلاف وڌي ويا ۽ نيٺ نائن اليون ٿيڻ کان پوء آمريڪا طالبان کي اقتدار تان ھٽائي ڪابل تي قبضو ڪيو جنهن کان پوء ٻنهي ڌرين ۾ نه ختم ٿيندڙ جنگ جي شروعات ٿي وئي ۽ آمريڪا وري سعودي عرب کي القاعده جو خوف ڏياري وري به ھڪ وڏي رقم ڪڍڻ جو ڄار وڇائي رهيو پر آمريڪا جي طرفان عراق, شام ۽ لبيا ۾ جنگ جي شروعات ڪرائي ڇڏي جنهن ۾ سعودي شھزادن آمريڪا جي توقع کان وڌيڪ سيڙپڪاري ڪئي سا به انهيء اميد تي تي کين انهن ملڪن جي نئين سر تعمير ۾ ٺيڪا انهن کي ڏنا ويندا پر آمريڪي عدالت نائن اليون ۾ سعودي رياست کي ملوث قرار ڏيڻ جو فيصلو ڏنو جنهن تي سعودي عرب سخت ڪاوڙ ۾ اچي آمريڪا ۾ پنهنجي سڄي سيڙپڪاريء کي ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏني جنهن جي نتيجي ۾ صدر ٽرمپ ان کي صدارتي حڪم سان روڪي ڇڏيوــــ ۽ پوء يمن جي جنگ جي شروعات ٿي وئي جنهن کي سعودي ۽ ايران جي پراڪسي جنگ چيو ٿو وڃي ـ يمن جي جنگ کان پوء ايران ۽ سعودي عرب جي سڌي جنگ جا امڪان وڌي ويا آهن جنهن جي ئي نتيجي ۾ محمد بن سلمان پنهنجي دوست ۽ صدر ٽرمپ جي نياڻي جيئرڊ ڪشنر کي راضي ڪيو ته ھو آمريڪا کان ھٿيارن جي خريداري تڏهن ڪندو جڏهن صدر ٽرمپ رياض جو دؤرو ڪري ۽ پوء صدر ٽرمپ رياض جو دؤرو ڪيو جتي ظاهري طور تي سعودي عرب 110 ڊالرن جي ھٿيارن خريد ڪرڻ جا معاھدا ڪيا جنهن کان پوء ميزائيل ڊفينس سسٽم ٿاڊ ۽ پيٽرياٽڪ ڌار ھيا پر تازي ٿيل حملي ۾ ميزائيل ڊفينس سسٽم ناڪام ويا جنهن جي ڪري ئي صدر پيوٽن سعودي عرب ڄي ايس - 400 ميزائيل ڊفينس سسٽم ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيستائين سعودي عرب مان جواب ملي ان وقت تائين پينٽآگون آمريڪي پيٽرياٽ ميزائيلن جون بيٽرين سان گڏ 200 فوجي موڪلڻ جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته ڊفينس سيڪريٽري مارڪ ايسپر واڌاري فورسز کي تيار رهڻ جو حڪم ڏنو آهي ته اھي ڪنهن وقت به سعودي عرب وڃي سگهن ٿيون ـ
    سعودي عرب جو بادشاهه گهڻي وقت کان سمجهي ويو آهي ته ھاڻي سندن ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن ڇاڪاڻ ته سندن تيل جا ذخيرا ختم ٿيڻ وارا آهن جنهن جي ڪري خطي جي سعودي عرب جو پوليس مين وارو ڪردار به ختم ٿيڻ وارو لڳي رهيو آهي جنهن جي ڪري ھو عوامي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاء وڏي پئماني تي سڌارا آڻي رهيا آهن جنهن ۾ ھڪ طرف عورتن کي آزادي ڏيڻ کان سواِء اسٽڊيء ۽ نوڪرين جي لاء ھمٿائڻ آهي ۽ ٻئي طرف وري قديم آثارن جي لاء آن لائين ويزا کان سواِء جديد انٽرٽيمينٽ سٽي پڻ ٺاهيو ٿو وڃي جڏهن ته ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي پنج سؤ ارب ڊالرن جي لاڳت سان نوم شھر ٿا ٺاهن جتي ھر قسم جي عياشيء جو سامان موجود ھوندو پر تازو ئي محمد بن سلمان جي طرفان جمال خشوگيء جي قتل جو اعتراف ڪرڻ پر پاڻ ان ۾ ملوث نه ھجڻ جو بيان ڏيڻ مان سندن بي وسي ظاهر ٿي وڃي نه ته ھن کان اڳ ۾ صدر ٽرمپ تي ترڪي ۽ يورپي يونين سان گڏ انساني حقن جي تنظيمن محمد بن سلمان جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ لاِء آمريڪا تي شديد دٻاء وڌو ھيو پر صدر ٽرمپ ان وقت به پنهنجي بيان ۾ چيو ھيو ته شھزادي جي خلاف جيستائين ثبوت نه ٿو ملي تيستائين ھو ڪاروائي نه ڪندو ۽ پوء بيونس آئرس ۾ محمد بن سلمان وڏي طمطراق سان جي - 20 جي گڏجاڻيء ۾ شامل ٿيو پر ھاڻي جڏهن خطي جي صورتحال تيزيء سان تبديل ٿي رهي آهي خاص طور تي ايران جي تيل ۽ گيس تي قبضي جي حوالي سان جنهن جي پس منظر ۾ آمريڪا پنهنجا اھم اتحادي ملڪ جرمني ۽ فرانس کي به ناراض ڪيو آهي جيتوڻيڪ ٻنهي ملڪن ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهيون ڪرائڻ جي ذميواري پڻ کنئي پر ان کان اڳ ۾ ايراني قيادت کي راضي ڪرڻ جي لاء ايران تي حملي ڪرائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪرڻ واري جان بولٽن کي نيشنل سڪيورٽيء جي عھدي تان ھٽائڻ کان سواء ايران جو اھم دشمن اسرائيلي وزير اعظم نيتنياھوء جو اليڪشن ۾ ھارائڻ به آمريڪا ۽ ايران ٺاه ۾ اھم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ـ اھڙي پس منظر ۾ سعودي عرب ايران تي سڌيء طرح حملي کان ڪيٻائي رهيو آهي ته ڪٿي صدر ٽرمپ کين جنگ ۾ ڌڪي ھٿ نه ڪڍي وڃي ۽ ايران نه خطي جي طاقت ٿي اڀري ڇاڪاڻ ته برطانيا جي تيل بردار ٻيڙي کان پوء لائبيريا جي جھنڊي وارو ٻيو برطانوي ٻيڙو قبضي ھيٺ ڪيو آهي جنهن مان ئي عرب رياستن جا سربراھ سمجهن ٿا ته مسقبل ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي پر جيڪڏهن ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سڌيء طرح سان جنگ ٿي ته اھا صرف ٻن ملڪن جي وچ ۾ نه ٿيندي پر سڄو وچ اوڀر ان جي لپيٽ ۾ اچي ويندو جنهن جو فائدو وري به عالمي طاقتن کي ٿيندو ـ
    صدر ٽرمپ ھڪ طرف سعودي عرب ۽ عرب امارات ڏانهن پنهنجي فوج موڪلڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي ۽ ٻئي طرف وري ايران کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ واري سفارتخڪاريء جي به اجازت ڏني جنهن کي ايران جي صدر حسن روحانيء رد ڪري ڇڏيو آهي پر سخت معاشي پابنديون نيٺ ايران ۽ سندس اتحادين کي آمريڪا سان ٺاه ڪرڻ تي مجبور ڪنديون جو آمريڪا دنيا ۾ پيٽرول ۽ گيس پيدا ڪندڙ ملڪن تي پنهنجو اثر قائم رکڻ ٿو چاهي جنهن جو مثال وينزوئيلا ۾ سي آء اي انقلاب آڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام وئي ـ
    پنهنجين اھڙين چالاڪين سان اقوام متحده جي جنرل اسيمبليء ۾ مختلف سربراھن سان ملاقاتون ڪري ھڪ عالمي ماحول ٺاهي رهيو ھيو جنهن مان اھو ثابت ٿي سگهي ته ٽرمپ ھڪ عالمي اڳواڻ آهي ۽ ٻيو ھن عالمي سربراھن کي آمريڪا جي پروٽيڪشنسٽ پاليسيء تي راضي ڪرڻ پيو چاهي ۽ ساڳي وقت کين چين جي بي واجبي پڻ ظاهر ڪري رهيو ھيو جو اوچتو ھو اقوام متحده جو اجلاس ڇڏي واشنگٽن پھتو جتي ڊيموڪريٽس صدر ٽرمپ جي خلاف امپيچمينٽ يا الزام جي تحقيق ڪرڻ جي لاء تياتيون ڪري رهيا ته صدر ٽرمپ ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ۽ اڳوڻي نائب صدر جؤ بيڊن جو اليڪشن ۾ اميج گهٽائڻ جي لاء يوڪرين جي صدر وولودائمير زيلينيسڪيء تي دٻاء وڌو ته ھو جؤ بيڊن جي خاندان خلاف ڪرپشن جي جاچ جو حڪم ڏئي ـ ھي آمريڪي صدارتي پاور کي ذاتي مقصدن جي لاء استعمال ڪرڻ جي برابر جنهن جي الزام جي تحقيق ٿيندي جنهن جي لاء ڊيموڪريٽڪ پارٽيء مائيڪ پومپيو تي زور ڀريو آهي ته يڪرين سان ٽرمپ جي ڳالهين وارا ڊاڪيومينٽس سندن حوالي ڪري ـ جيڪڏهن صدر ٽرمپ جي خلاف امپيچمينٽ ٿي ته پوء آمريڪا جي ويجهي تاريخ ۾ صدر ڪلنٽن کان پوء وڏي امپيچمينٽ ھوندي ـ صدر ٽرمپ ھن راز ظاهر ٿيڻ سان عالمي رھنمائن ۾ ٿرٿلو ٿي ويو آهي ته ڪٿي ھنن جا راز نه ظاهر ٿي پون جنهن جي ڪري ئي صدر پيوٽن جي ترجمان پنهنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته اميد آهي ته صدر ٽرمپ ۽ صدر پيوٽن جي وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين کي ظاھر نه ڪيو ويندو ـ
    صدر ٽرمپ پنهنجي خلاف ٿيندڙ امپيچمينٽ جي لاء چيو ته ھي منهنجي خلاف ھڪ وڏي سازش آهي ڇاڪاڻ ته ڊيپ اسٽيٽ (سول ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ) نه ٿي چاهي ته مان اقتدار ۾ رھان جنهن جي ڪري پھرين ڏينهن کان ئي منهنجي خلاف الزامن جي ڀرمار ٿي وئي ھئي جيڪا اڃان تائين جاري آهي ـ صدر ٽرمپ جي ھن امپيچمينٽ مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ڊيپ اسٽيٽ نيتنياھوء کي ھارائڻ جي سزق ڏئي رهي آهي جنهن ھڪ طرف سعودي عرب ۽ ٻين عرب رياستن سان نه صرف تعلقات بھتر ڪيا ھيا پر ايران جي خلاف انهن جي ڳجهين ايجنسين جي ذريعي مدد به ڪري رهيو ته جيئن ھو يروشلم کي اسرائيل جي گاديء جو ھنڌ بڻائي ۽ ٻئي طرف ايران جي لڳاتار شيعا بلاڪ ٺاهڻ ۾ رڪاوٽ وجهي خاص طور تي عراق, شام ۽ لبنان ۾ ايراني نواز حڪومتن جي وجود ۾ اچڻ کي روڪڻ سان گڏ ايران کي ڪمزور ڪرڻ به ھيوـ


    Daily Sobh
    Date: 30-9-2019
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو