پاڪستاني سياست ۽ ڪنٽينرز تي ڪرندڙ عذاب!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏9 نومبر 2019۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    معاملو اهو آهي جو ”هوتي هين شب و روز تماشي ميري آگي“.ڪٿي ٻڏندڙ معيشت تي سڪرات جي حالت طاري آهي ته ڪٿي بيروزگار ٿيندڙ ماڻهن جي گھرن مان اٿندڙ آهن جو دونهن هنگامو برپا ڪري رهيو آهي.سرڪاري ادارن ۾ نااهلي ۽ ڪرپشن پنهنجي انتها تي آهي.رشوت جا اگهه پنجوڻا ٿي ويا آهن.اهو اعلان نجي چينل تي جڏهن ڪنهن تجزيي نگار ڪيو ته ميزبان شڪايت ڪئي ته اها ته سخت زيادتي آهي،جڏهن مهنگائي رڳو ٽي ڀيرا وڌي آهي ته رشوت ۾ به ان نسبت سان ئي واڌارو ٿيڻ گھربو هو.اها به خوشخبري آئي آهي ته عالمي اداري ڪرپشن جي باب ۾ پاڪستان جو رتبو هڪ درجو وڌيڪ بلند ڪري ڇڏيو آهي.ايماندارن،صادقن ۽ امينن جي حڪومت ۾ ڪرپشن ايترو ڪيئن وڌي ويئي،سمجهه ۾ نٿو اچي.ڪرپشن هڪ طرف ته ٻئي طرف عام مهنگائيء ماڻهن جو ساهه ڪڍي ڇڏيو آهي.هاڻي ته ماڻهن ۾ نئون جوتو خريد ڪرڻ جي به سگھه نه رهي آهي.حڪومت جي معاشي ٽيم تسليون ڏيئي رهي آهي ته ايندڙ مهينن ۾ معيشت بهتر ٿي ويندي.حڪومتي ٽيم جو مهينو ڪيترن ڏينهن جو ٿئي ٿو اهو ته اهي پاڻ ئي ٻڌائي سگھن ٿا.بهرحال ٽيم جو مطلب آهي ته معيشت جي ڪڪڙ جلد بيضا ڏيڻ شروع ڪري ڏيندي ۽ ڪڪڙ جو حال اهو آهي جو ان جا کنڀ ان ٽيم پٽي ۽ ان جي ڳچي مروڙي رکي آهي.عمران خان جي حڪومت کي هي چوڏهون مهينو آهي پر ڪارڪردگيء جي گودام مان اڃا تائين روڪ هڪ عدد لنگر سواء ڪجهه به ٻاهر ناهي آيو.پي ٽي آئي جا پرجوش حامي،اينڪر ۽ دانشور هاڻي ”بي جوش“ ۽ ”بي هوش“ ٿيندا ٿا وڃن.اهي به هاڻي سڪتي جي عالم ۾ اهو جواب ٿا ڏين ته ” سائين! عمران ويچارو اڪيلو ڇا ڪري،سندس ٽيم ۾ سڀ جا سڀ نالائق گڏ ٿي ويا آهن.“ مزي جي ڳالهه اها ته اهي ئي صاحب ڪجهه عرصو اڳ چوندا هئا ته ”گرو صحيح هوندو ته چيلا پاڻهي سڌا ٿي ويندا.“

    تازو نوجوانن لاء قرضن جي خيالي اسڪيم جو افتتاح ڪندي خود خان صاحب جو چوڻ هو ته ”حڪومت جي خراب ڪارڪردگيء جو سبب اهو آهي جو منهن جي ٽيم نالائق آهي.“ ڪنهن ٽي وي چينل جو ٽڪر هن طرح هو ته ” مون کي نالائقن جي ٽيم ملي آهي.“ بندوبست ڪندڙ بزرگن جتي ٻيا انتظام ڪيا اتي ويچاري خان صاحب لاء ڪنهن ”لائق ٽيم“ جو به بندوبست ڪن ها ته شايد خان صاحب کي اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها!

    هونئن ته هتي هر روز نوان تماشا آهن پر سڀني تماشن تي بازي اڄ ڪلهه ڌرڻي ۽ آزادي مارچ کڻي رکي آهي.ٻنهي پاسين يعني حڪومت ۽ اپوزيشن ۽ ٽئين طرف هوندو ويچارو عوام جڏهن ته چوٿين طرف ميڊيا.

    اسلام آباد سڄو ڪنٽينرز سان سجايل آهي ته جيئن مولانا جي اجائي اٿل پٿل کي روڪي سگھجي. سموري ملڪ مان هنگامي طور تي سمورن ڪنٽينرز کي طلب ڪيو ويو آهي ۽ سندن موڪلون منسوخ ڪيون وييون آهن. ايندڙ ڏينهن ۾ انهن ڪنٽينرز جي چرپر ۾ وڌيڪ تيزي به ڏسي سگھجي ٿي.سياسي نجومي ۽ جوتشي پنهن جو پنهنجو حساب لڳائي اڳڪٿيون ڪري رهيا آهن ته ملڪ ۾ گھڻو ڪجهه ٿيڻ وارو آهي.جيڪي چون ٿا ته ڪجهه به نه ٿيندو اهي به اندر ئي اندر پريشان آهن.اهو جيڪو ايڏو خوف ۽ هراس پکڙيل آهي اهو رڳو مولانا جو ڪمال آهي.بهرحال هر نظر منتظر آهي ان ڌرڻي جي جيڪو عوام جي اهنجن ۽ آزارن ۾ اضافو ڪري نيٺ هڪ ڏينهن ختم ٿي ويندو.

    پاڪستان ۾ گذريل ڏهاڪي کان ڌرڻي ۽ لانگ مارچ جي سياست هڪ برانڊ بڻجي چڪي آهي انهيء برانڊ کي عروج تي تحريڪ انصاف جي 2014ع واري ڊگھي ڌرڻي پهچايو،اهڙيء طرح ”ڪنٽينر“ هاڻي پاڪستاني سياست جو لازمي جزو بڻجي ويو آهي.ملڪي سياست ۾ ڪنٽينر ٻن قسمن جا آهن.هڪڙو اهو جيڪو وزير اعظم عمران خان،اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ججز بحالي تحريڪ ۾ ۽ مولانا طاهرالقادري پنهنجي ڌرڻي ۾ ڪيمپ آفيس،رهائش ۽ اسٽيج لاء استعمال ڪيو ۽ هاڻي مولانا فضل الرحمان ان کي استعمال ڪري رهيو آهي.ڪنٽينر جو ٻيو قسم ”رڪاوٽي ڪنٽينرز“ آهن جيڪي روڊ بلاڪ ڪرڻ،جلسن،مارچن يا ڌرڻن کي روڪڻ لاء حڪومت جو هٿيار هوندا آهن.انهن بدقسمت ڪنٽينرز کان ملڪ جو عوام متاثر ٿئي ٿو نه رڳو اهو پر انهن جا مالڪ ۽ ڊرائيور سخت معاشي دٻاء مان به گذرن ٿا.اهڙن ڪنٽينرز کي پڪڙڻ پوليس لاء نهايت ئي آسان هوندو آهي،جڏهن ۽ جتي به مرضي پوين رستو بند ڪرڻ لاء انهن کي بيهاري وٺن ٿا.رستا بند ڪرڻ لاء جيڪي ڪنٽينرز پڪڙيا وڃن ٿا انهن جي پويان ڪا ڪهاڻي ضرور هوندي آهي.ڪنٽينرز مالڪن جو چوڻ آهي ته جڏهن پڪڙيو وڃي ٿو ته ان جي رڳو هڪ ڏينهن جو ڪرايو ويهن هزارن کان مٿي آهي پر ڪنهن کي به ڪا پرواه نٿي ٿئي ۽ بندوق جي زور تي ڪنٽينر کسيندي اها به سوچ نٿي ڪئي وڃي ته ان جي اندر ڪو خطرناڪ ڪيميڪل به ٿي سگھي ٿوجيڪو ڪنهن وڏي نقصان جو سبب بڻجي سگھي ٿو.مالڪ ٻڌائين ٿا ته وڏا وڏا ڌرڻا پنهنجي جڳهه تي پر هاڻي ته ننڍي ننڍي مسئلي تي به ڪنٽينر پاليسي استعمال ٿيڻ شروع ٿيو وڃي.ڪنهن سياستدان جي پيشي هجي،محرم يا ربيع الاول جو جلوس هجي،ڪنهن مذهبي جماعت يا ڊاڪٽرن ۽ استادن جو ڪو احتجاج هجي،حڪومت وٽ هر شيء جو هڪڙو ئي حل ڪنٽينر لڳائڻ آهي. سوال ٿو اڀري ته ڇا حڪومت وٽ ان جو ڪو متبادل آهي جو ماڻهن جو ڪاروبار نقصان کان بچي وڃي؟پوليس عملدارن جو چوڻ آهي ته وٽن اهڙو ڪو طريقو موجود ناهي جنهن سان ايڏي وڏي پيماني تي روڊن تي رڪاوٽون بيهاري اچ وڃ کي محدود ڪري سگھجي.

    پاڪستان ۾ سامان پهچائڻ لاء استعمال ٿيندڙ نوي سيڪڙو ڪنٽينرز شپنگ لائين جا آهن.ڪنهن ڪنٽينر جي سامان پهچائڻ جي معاملي ۾ ٽي پارٽيون هونديون آهن.هڪڙي اها جنهنجو ڪنٽينر آهي،ٻي اها جنهن پارٽيء جو سامان آهي ۽ ٽيون اهو ٽرانسپورٽر جنهن جي ٽرڪ استعمال ٿئي ٿي.جڏهن ڪو ڪنٽينر پڪڙيو وڃي ٿو ته اها پوري زنجير ڊسٽرب ٿئي ٿي.هاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته حڪومت پنهنجي ڪنٽينر استعمال ڪرڻ واري پاليسيء ۾ ڪجهه تبديلي آندي آهي ۽ ڪنٽينر مالڪن کي معاوضو ادا ڪرڻ واري عمل کي يقيني بنائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جيڪو هڪ سٺو قدم آهي تنهن هوندي به حڪومت جي ان ڪنٽينر پاليسيء سان ملڪي معيشت تي جيڪي ناڪاري اثر پون ٿا ۽ ڪنٽينرز مالڪن،واپارين توڙي ڊرائيورن کي جنهن ذهني ۽ معاشي اذيت مان گذرڻو پوي ٿو انهيء جو ڪو مناسب حل ڳولهڻ بهر حال حڪومت جي ئي ذميداري آهي.
     
    Asghar Ali Jamali هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو