غزل / سوچون

'سنڌي شاعري' فورم ۾ شوڪت خاصخيلي - ڀان طرفان آندل موضوعَ ‏16 جولائي 2020۔

  1. شوڪت خاصخيلي - ڀان

    شوڪت خاصخيلي - ڀان
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏26 مارچ 2018
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    غزل
    ڪنهن کي پنهنجي گَھر جون سوچون
    ڪنهن کي دولت زَر جون سوچون

    ڪيئن غريبي جان ڇڏيندي؟
    پنهنجي ساري تَر جون سوچون

    وڇڙي ڪونج ڪري ٿي دانهون
    هن کي هاءِ وَلر جون سوچون

    ڇا لئه ايڏي دير ڪيائين
    گھر واريء کي وَر جون سوچون

    سانوڻ آيو خوش ٿيا مارو
    هاريء کي ڀي هر جون سوچون

    جيئن جھڙالي موسم آئي
    ڪنهن کي تيئن ڇَپر جون سوچون

    چور ڪري چوري آ ڦاٿو
    هن کي هاڻي چَر جون سوچون

    منزل ماڻي شال وٺان مان
    شوڪت کي ته ثَمر جون سوچون
     
    آخري ترميم: ‏17 جولائي 2020

هن صفحي کي مشهور ڪريو