پاٽ شريف کي ٽائون جو درجو ڏيو

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 آڪٽوبر 2020۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ
    پاٽ شريف سنڌ جي اھم تاريخي شھرن ۽ دادو ضلعي جي قديم يونين ڪائونسلن مان ھڪ آھي يونين ڪائونسل پاٽ شريف جي ھن وقت تائين تقريبن آبادي 10000کان وڌيڪ آھي ۽ ڪيترائي ڳوٺ آندل چانڊيو ڳوٺ بھرام چانڊيو ڏاتاڻي مٺي واھڻ ڳوٺ حاجي اسمائيل پنهنور پاٽ پراڻي ڪلري ڳوٺ اسمائيل تيوڻو دٻي پلھ سميت ڪيترائي ڳوٺ يونين ڪائونسل پاٽ ۾ اچن ٿا ھن شھر سنڌ ۾ علم ادب زراعت ثقافت جي ھڪ الڳ سڃاڻپ آھي پاٽ شريف کي 1945ع ۾ يوسي جو درجو ڏنو ويو پاٽ شريف کي ھر دور ۾ نظرانداز ڪيو ويو آھي پاٽ شريف عظيم شھر ھوندي به سڀني بنيادي سھولت کان محروم آھي تعليم صحت روڊن کان محروم آ پاٽ شريف جي صحت جو نظام ايئن آھي جيئن سنڌي ۾ ھڪ پھاڪو آھي "انڌي جھڙي پيڪي تھڙي ساھري" پاٽ شريف کي بيسڪ ھيلٿ سينٽر رورل بي ايڇ يو سينٽر ته آھي پر اتي ھڪ ٽبيليٽ به ميسر ناھي اگر آھي روڊ رستا آھن ته ھر طرف وکريا پيا آهن تعليمي شھر کي پنهنجو ھاء اسڪول ته آھي پر امتحان سينٽر جو نالو ئي ناھي. سڀ مسئلا ھڪ پاسي پر ھي شھر دادو جي وڏي يوسي جو اعزاز رکي ٿو . اڄ جڏهن پوري سنڌ ۾ نيون تڪ بنديون ٿي رھيون آھن نوان ضلعا نوان تعلقا يونين ڪائونسلون ٽائون ٺھي رھيا آهن پراڻن ۽ آبادي وارن کي پروموٽ ڪيو وڃي پيو جتي پوري سنڌ جي اھم يونين ڪائونسلن کي ٽائون جي درجي ۾ شامل ڪرڻ لاء لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آھي ته اتي ھڪ صدي کان اڳ يوسي جي حيثيت ماڻيندڙ پاٽ شريف جو نالو ڪٿي آھي ؟ ڇا اھو سنڌ جو شھر ناھي ؟ ڇا يوسي پاٽ شريف کي ھاڻ اڳتي وڌڻ نه ڏنو ويندو؟ پاٽ شريف کي حق ڪڏهن ۽ ڪير ڏيندو؟ اسان جي نوجوانن جون تقديرون ڪير بچائيندو؟ اسان چاھيون ٿا ته اسان جي شھر پاٽ شريف کي ٽائون جو درجو ڏنو وڃي. اسان کي پنهنجا حق ڏنا وڃن اسان کي پنهنجن حقن کان محروم نه ڪيو پاٽ شريف کي پنهنجي حيثيت ڏيو پاٽ شريف جي نوجوانن جو مطالبو آھي ته پاٽ شريف کي ٽائون جو درجو ڏيو گھڻيون ٿيون اسان سان ويساھ گھاٽيون ھاڻ ڪو به ماٽيلي ماء وارو سلوڪ نه ھلندو ھاڻ اسان پنهنجا حق وٺي ڏيکارينداسين . اسان وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد شاھ ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪيون ٿا ته يونين ڪائونسل پاٽ شريف کي ٽائون جو درجو ڏنو وڃي نه ٻي صورت ۾ اسان جھموري طور تي احتجاج جو حق رکون ٿا .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو