ايڪتا ڪيئن ملھائي۔۔۔۔۔

'سنڌ جون وسنديون' فورم ۾ ابن الھيار طرفان آندل موضوعَ ‏29 ڊسمبر 2020۔

  1. ابن الھيار

    ابن الھيار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد (تعليم حاصل ڪرڻ).
    ماڳ:
    ڳوٺ نھانء (طاهر نانگور ) تعلقه محراب پور .
    ڳوٺ نھان وارن ايڪتا ڪيئن ملھائي

    سنڌ ايڪتا سنڌين جي لاء هڪ عيد جي حيثيت رکندڙ ڏڻ آهي۔اهو هرسال ڊسمبر جي پهرين آچر ڏينهن ملهايو ويندو آهي۔ خوشي ۽ حب الوطنيء جي سبب گهڻا ماڻهو ضابطي مان نڪري ويندا آهن. اهڙن ئي ماڻهن تي بحث هلي رهيو هيو ڳوٺ نهان جي عام واٽس اپ گروپ جي ميمبرن وٽ.....
    اها 5 ڊسمبر جي شام هئي ۽ اڳلي ڏينهن ايڪتا ڏهاڙو هيو ۽ ان مطابق نوجوان موبائل واٽس اپ تي قومن جي ترقي ۽ تنزلي ۽ ثقافت جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا. جي چاهيو ته ان مان ڪجھ اوهان سان به ونڊيان.
    مختلف ڳالهيون هيون پر اختصار سان هتي لکان ٿو:
    * هر قوم کي پنهنجي وطن سان محبت هجڻ گهرجي.
    * وطن جي محبت جو ثبوت آهي ته ان جي خوشحاليء لاء محنت ڪجي.
    * خوشحالي حاصل ڪرڻ لاء اڳواڻ ۽ عهديدار اهڙا رکجن جيڪي عوام ۽ وطن سان پيار ڪندڙ ۽ سچار هجن.
    * اڳواڻ ۽ عهديدار هميشه عام ماڻهو ئي چونڊيندا آهن جنهن کي ووٽنگ چئبو آهي.
    * هر هڪ ماڻهوء کي ايتري ڄاڻ ۽ شعور هجڻ گھرجي جو اهو بهتر اڳواڻ جي چونڊ ڪري سگهي۔
    * شعور ۽ ڄاڻ تعليم حاصل ڪرڻ سان حاصل ٿين ٿا۔
    * ماحول جي سڌاري لاء هڪ اهڙو گروپ يا تنظيم هجڻ لازمي آهي جيڪو ماڻهن جي لاء تعليم ۽ ترقيء ۾ آساني ۽ رهنمائي ڪري.
    اهي سڀ ڳالهيون هلي رهيون هيون ۽ هرهڪ پنهنجا پنهنجا رايا ڏئي رهيو هو، ته وچ ۾ هڪ سوال آيو ته ان معاملي ۾ اسان ڪيترو پاڻ ملھايو آهي؟ ايڪتا جي حوالي سان اسان ڇا ڪيو آهي؟ ايڪتا اسان لاء ڪيتري ضروري آهي؟
    انهن ڳالھين کانپوء جوانن کي احساس ٿيو ته اسان کي به وطن ۽ ڌرتيء سان پيار ڪرڻ گهرجي۔ ان کي ڏکيائن کان آزاد ڪرڻ گھرجي. پر ان لاء شرط آهي گڏجي ڪم ڪرڻ.
    پوء ته سلام آهي ڳوٺ نھان جي نوجوانن کي جو پنهنجي ڌرتي ۽ رشتن سان ايڪتا ملھائڻ لاء تيار ٿي ويا. آء انهن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. ڳوٺ نھان جي نوجوانن هڪ تنظيم جوڙي آهي، جنهن جو نالو آهي ”رفاھ عام ڪميٽي.“
    هيء تنظيم ڳوٺ نهان جي ترقياتي ڪمن ۽ عام ڀلائي جي ڪمن لاء جوڙي وئي آهي۔ ان جو دفتر لطيف لائبريري نھان آهي. اڄ ڪلھ ان جو صدر غلام سرور راڄپر، خزانچي حافظ نياز احمد راڄپر ۽ سيڪريٽري عبدالسميع راڄپر آهي. باقي ان کان علاوه کوڙ سارا نوجوان ان تنظيم ۾ تعريف جوڳو ڪم ڪري رهيا آهن۔ تنظيم جو دارومدار ميمبرن ۽ ڳوٺاڻن جي مدد تي آهي۔ اميد آهي ته هن تنظيم کي ڀرپور موٽ ملندي ۽ اها پهنجي علائقي کي تمام گهڻو اڳتي تائين کڻندي. ۽ ڳوٺ نھان هڪ مثالي ڳوٺ ثابت ٿيندو. آمين.
    سچ ته اها ئي حقيقي ايڪتا آهي جيڪا ڳوٺ نهان جي نوجوانن ملهائي ۽ 6 ڊسمبر 2020 جي ڏهاڙي کي يادگار بڻايو. پوري سنڌ کي ان ئي نموني ايڪتا ملھائڻ گھرجي۔ جيئن سنڌ ڌرتي سورن ۽ پريشانن کان آجي ٿي وڃي۔
    ايڪتا جون لک لک واڌايون۔
    ساٿ سلامت سنڌ سلامت۔


    تاريخ:11.12.2020
    ( تي لکيل )
    ابن الھيار راڄپر۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو