ناميارو شاعر، محقق ۽ براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي.!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ناميارو صحافي، شاعر ۽براڊ ڪاسٽر فقير محمد سنڌي.....!

    ساجد مسڻ

    لاڙڪاڻي ضلعي کي ليکڪن، شاعرن، اديبن، دانشورن تاريخدانن ۽ محققن جو آستانو چيو ويندو آهي،جن هر دور ۾ پاڻ ملهايو آهي.
    لاڙڪاڻي جي چيڪي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ فقير محمد سنڌي به هڪ آهي، جنهن ٿورڙي ئي عرصي ۾ وڏو نانءُ ڪمايو آهي.
    سندس جنم 07 جنوري 1983 ع ۾ دنيا ۾ سياست جي شعوري طور مشهور شهر لاڙڪاڻي ۾ ٿيو آهي.
    فقير محمد سنڌي پرائمري جي تعليم شاھ محمد سنڌي اسڪول لاڙڪاڻي مان پرائي جڏهن ته مئٽرڪ 1998 ع تي گورنمينٽ پائلٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول لاڙڪاڻو مان پاس ڪئي وري انٽر 2000 ع ۾ ڪيائين، انٽر ڪرڻ کانپوءِ بي-اي 2003ع ۾ سچل سرمست اوريئنٽل ڪاليج لاڙڪاڻو مان پاس ڪيائين.
    کيس ننڍي هوندي کان ئي لکڻ پڙهڻ جو شوق هيو، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ ماسٽر جي ڊگري سنڌي ادب ۾ 2005ع ۾ شاھ عبدالطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪئي، دنوي تعليم کان علاوه سندس ديني تعليم واري قابليت به ڏسڻ وٽان آھي ،جنهن ۾ پاڻ مولوي، عالم ۽ فاضل جو ڪورس 1998ع پاس ڪئي آهي،ان کان علاوه پاڻ درس نظامي جو ڪورس 1995ع کان 2001ع تائين مدرسه جامعيه عربيه جيلاني مان ڪيو آهي، جنهن مان هن سندالفراغ سٺن نمبرن ۾ پاس ڪري مڃتا پڻ ماڻي آهي.
    فقير محمد سنڌي سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو عاشق پڻ آهي، پاڻ هر موضوع تي قلم آزمائي ڪندو رهيو آهي، سندس سڃاڻپ جو خاص حوالو دوستن جي نون آيل ڪتابن تي سڀ کان پهرين ڪيل بهترين تبصرا آهن. ان کان علاوه پاڻ سنڌي ٻوليءَ جو پڻ وڏو خيال رکندڙ آهي، جتي به کيس ڌاري ٻوليءَ جا لفظ سامهون ايندا آهن ته انهن کي هٽائي، ان جي جاءِ تي ٺيٺ سنڌي ٻوليءَ جا لفظ ڪتب آڻيندو آهي.
    جيڪڏهن سندس علمي خدمتن تي نظر ڦيرائينداسين تي اسان کي معلوم ٿيندو ته سندس شايع ٿيل ڪتابن ۾ ،شعري مجموعو، وچن وفا جا 2004 ع تي ڏاهپ پبليڪيشن قنبر شايع ڪيو ، ٻيو شعري مجموعو، جاني جيون جوڙ ، 2008ع ۾قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو شايع ڪيو ،گڏيل شاعري جو مجموعو، قلمڪار ڪوي 2009 ع۾ ، عظيم هستين جا عظيم قول 2012ع تي قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو طرفان شايع ٿيو ، سنڌ جي تاريخ( سهيڙيل تاريخ وار) آڪٽوبر 2013 ع تي قلمڪار پبليڪيشن شايع ڪيو ، گڻ جنهن جا ڳائن ماڻھو ...حفيظ کوهاري جي شخصيت ءِ فن تي، قلمڪار پبليڪيشن پنهنجا فرائض سرانجام ڏنا.
    ان کان علاوه سهيڙ ۾ سنڌ جي قديم تاريخ جو هڪ ورق. جيڪو سينيئر اديب سائين جي ايم رئيساڻي جي زندگيءَ بابت تاثرات لکيل آهن، سونهن سمبارا( ريڊيو اسڪرپٽ ) 2016ع ۾ شايع ٿيو ۽ اهڙي طرح 2020ع تي قلمڪار پبليڪِشن پاران ڪتاب، "تاريخ جو منظر ۽پس منظر" شايع ڪيو آهي . سندس پوکيل هيترا سارا گل سنڌي ادب جي باغيچي ۾ خوشبو پکيڙي ذھنن جي ذرخيزي ڪري رهيا آھن.
    سندس ڪيل ادبي خدمتن ۾ نوجوان ادبي فورم ، لاڙڪاڻي جو رابطه سيڪريٽري ،اياز ادبي اوطاق جو سنڌ جو سيڪريٽري جنرل،،قلمڪار پبليڪيشن لاڙڪاڻو جو نگران،،ڪمپيئر ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻو 2006ع کان ،ايڊيٽر ٻه ماهي قلمڪار مئگزين لاڙڪاڻو ، ايڊيٽر سجاڳ مئگزين لاڙڪاڻو ،، ايڊيٽر سلسليوار اخبار قلمڪار لاڙڪاڻو۽ ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر روزاني ”ارادو “ لاڙڪاڻو شامل آهن.
    سندس ڪيل خدمتن ۾ سائين فقير محمد سنڌي جون ڪاوشون ظاهر آھن، فقير محمد سنڌي جي ادبي سڃاڻپ ، شاعر ، اديب ، ڪالم نگار ، ايڊيٽر ، صحافي ۽ ڪمپيئر طور اسان سڀني وٽ مشهور آهي.
    فقير محمد سنڌي طبيعت ۾ خوددار ۽ باضمير هجڻ ڪري ڪنهن جي به آڏو هٿ نه ٿو ٽنگي، نه ئي ڪنهن سرڪاري ڪاموري آڏو پنهنجو پاڻ کي پيش ڪري ٿو، سندس اڻ ڇپيل ڪتابن جي ڊگهي لسٽ آهي، جنهن جو ذڪر هيٺ ڏجي ٿو.
    اڻ ڇپيل ڪتاب.
    * ڏات جو ڏيھ .
    (خاڪا ءِ ڪتابن تي تبصرا )
    * هر ڏينهن صليب تي .
    (روزانو ارادو لاڙڪاڻو جا لکيل ايڊيٽوريل )
    * تاريخ جو منظر ءِ پسمنظر
    (سهيڙيل تاريخ وار )
    * منهنجو لاڙڪاڻو ساھ سيباڻو.
    (ريڊيو اسڪرپٽ)
    * ڏات جرڪي ٿي ڏيھ ۾
    ( ڏاهپ اخلاقيات )
    *لاڙڪاڻو موتين مالها .
    (شخصي خاڪا )
    * لاڙڪاڻي جا صاحب ڪتاب .
    (ڪتابن جو مشاهدو)
    *سڏڪا سڏڪا سنڌ
    (شعري مجموعو )
    * سائي ڌرتي .
    (زرعي ءِ سماجي خاڪا)
    * نڪ ۾ ناڪيلي .
    (ڪهاڻين جو مجموعو)
    هاڻي ڏسجي ته ڪهڙو قدردان سندس ڪتابن کي شايع ڪرائي سندس علمي و ادبي حوصلا افزائي ڪري ٿو.
    هتي جيڪڏهن سندس شاعري جو ذڪر ڪيون ته اها به اسان کي منفرد محسوس ٿيندي.
    پنهنجي محبوب جي ياد کي ساريندي چوي ٿو ته :
    ھر رات يار تو کي ساري سمهي پوان ٿو
    محبوب مون کي تنهنجي سپنن سان دوستي آ.
    ٻئي هنڌ انتظار جي ڪيفيت کي هئين بيان ڪيو اٿائين.
    مڃان ٿو ته اسان ڏي تون اچڻو نه آھين،
    مگر پوءِ به رستا نهاريندا آھيون .
    ڪڏهن ڪڏهن کرو سچ ٻڌائيندي چوي ٿو ته:
    مفادن تي وڪامي ٿو،
    بڻيو بدڪار آھين تون .
    ڪارو ڪاري واري ڪنڌي رسم تي خيال پيش ڪيو اٿائين:
    ناحق جو واپار،
    ڪارو ڪاري ڪار ،
    آھِ تکي تلوار ـ
    ريتن رسمن کي.
    سنڌ جي سهڻي سرزمين جو ذڪر هن طرح سان ڪيو اٿائين.
    سنڌوءَ ڪناري سهڻي ٿي ساري،
    مومل جي ڌرتي امن جي ڌرتي،
    ڌرتي آ ڌرتي آ ڌرتي آ !
    فقير محمد سنڌي جي ٻي قابلِ ذڪر خوبي دوستن کي جنم ڏينهن تي شاندار ڀيٽا پيش ڪرڻ پڻ آهي، پاڻ انهن سمورن دوستن کي جنم ڏينهن تي ياد ڪندو آهي، جن جون علمي و ادبي خدمتون ٿيل آهن، جيڪو عمل پڻ حقيقي طور حوصلا افزائي، عزت افزائي ۽ همٿ افزائي واري زمري ۾ اچي ٿو.
    اڄ هن پياري انسان جو جنم ڏينهن آهي، جنم ڏينهن جي موقعي تي سندس لاءِ کوڙ سارين دعائن ۽ نيڪ تمنائن جو دلي اظهار ڪجي ٿو.



    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو