مان نوجوانن سان مخاطب آهيان!منهنجي مشوري تي ڌيان ڏين...!

'تعارف' فورم ۾ عباس رضا سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏19 جنوري 2021۔

  1. عباس رضا سولنگي

    عباس رضا سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    مان نوجوانن سان مخاطب آھيان !!! منھنجي مشوري تي ڌيان ڌرين۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!!!!!!!!!
    جواني انساني جيون جو جوش ۽ جذبن سان ڀرپور ڀاڱو آھي، جنھن کي اڪثر نوجوان ھوش بدران جوش سان گذارڻ جي غلطي ڪري جذبات جي وھڪري ۾ وھي پنھنجو ناقابلِ تلافي نقصان ڪري ويھندا آھن ۔ جواني ديواني سڏبي آھي جنھن۾ مرد کي ھر عورت خوبصورت لڳندي آھي ۽ سندس سوچن ۽ حواسن تي حاوي ٿي پوندي آھي ۔جاڳَ ، اجاڳ ،خيالن ۽ خوابن ۾ سندس عڪس اکين اڳيان تصوير جو روپ ڌاري پيو گردش ڪندو آھي ۽ مرد تصور ئي تصور ۾سندس زلفن جي زنجير ۾ اسير ٿي رھندو آھي ۔ عمر جي ان انتھائي جذباتي حصي ۾ عورت جو مرد ڏانھن پوئتي مڙي ۽ مُرڪي نھارڻ مرد کي سندس دلربا ادا لڳندي آھي جنھن ادا تان مرد فدا ٿيڻ لاء تيار ٿي ويندو آھي ۔اھڙو ئي بيحال حال اجھل جوانيء ۾ عورت جو به ٿي پوندو آھي ۽ جذبات جي غلبي ۾ ھوش وڃائي، اٻھرا فيصلا ڪري ،ابي امان ۽ ڀائرن جي عزت کي خاڪ ۾ ملائي ، غلط قدم کڻي سڄي عمر سورن جي صحرا ۾ سڏڪندي ۽ سڙندي گذارڻ تي مجبور ٿئي ٿي ۔
    نوجوانو ! صرف ڪنھن جي مرڪي ملڻ کي ۽ ٿوري ھمدرديء جي ڪوڙڪيء کي محبت جي اعتراف ۽ اظھار سمجھڻ جي غلطي نه ڪريو ۔ اوھان جي عزت ، حرمت ۽ توقير جوانيء جي انڌن جذبن کان وڌيڪ قيمتي آھي ۔تنھن ڪري پنھنجي والدين جي اميدن مطابق محنت ڪريو ۽ پڙھائيء تي ڀرپور توجه ڏئي پھريان ڪجھ ڪري ڏيکاريو باقي شين لاء اوھان شعوري عمر پئي آھي ۔ اميد تہ منھنجي مَشوري تي عمل پيرا ٿي ملڪ ۽ ملت لاءِ پاڻ کي لاڀائتو ثابت ڪري ٽيڪنالاجيءَ جي مارڪيٽ ۾ پاڻ کي املھ بڻائيندا۔۔۔۔مھرباني
    اوھانجو ھمدرد
    عباس رضا سولنگي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو