ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو جي ڪتاب تي جائزو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ ساجد مسڻ طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2021۔

  1. ساجد مسڻ

    ساجد مسڻ
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2021
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو جي ڪتاب يورپ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا جو اڀياس.

    ساجد مسڻ

    چيو ويندو آهي ته ماڻهو پنهنجي ڪم ۽ ڪردار سان سڃاتو ويندو آهي، اهو سندس منفرد ۽ مختلف ڪم ۽ ڪارڪردگي ئي هوندي آهي جيڪا سندس سڃاڻپ جو شاندار حوالو بڻجندي آهي.

    بلڪل ساڳي طريقي سان پروفيسر ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو به ٿورڙي ئي عرصي ۾ پاڻ ملهائي وڏو نالو ڪمايو آهي، جيڪا سندس زندگي ۾ غير معمولي تبديلي پڻ آهي.
    اها ڳالهه اسان نوجوانن لاءِ اتساھ جو سبب پڻ آهي جو سندن بنيادي تعلق به هڪ ڳوٺ سان آهي، جتان هي اڄ هن منزل ۽ مقام تي پهتو آهي...
    پاڻ ملائيشيا ملڪ مان انفارميشن ٽيڪنالاجي ۾ پي ايڇ ڊي Ph. D ڪري آيو آهي ۽ هن وقت سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ آءِ - ٽي ڊپارٽمينٽ ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي.
    هونهن به ماڻهو جي شخصيت جو حوالو يا تعارف تڏهن ئي ٺهندو آهي، جڏهن هو ٻين کي منفرد ۽ مختلف ڪم ڪري ڏيکاريندو آهي.
    ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو به ائين ئي دنيا جي مشهور درسگاهن کي نه صرف پڙهيو ۽ سمجهيو آهي، پر اتان جي عالمي درسگاهن جي اصولن، قائدن، قانونن ۽ ضابطن کي سولي سنڌي ۾ سمجهائڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪئي آهي.

    سندس ڪتاب يورپ ۾ اعلي` تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا ۾ سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، عالم، اديب ۽ ريسرچر پروفيسر نواز ڪنڀر مهاڳ بعنوان "ڪيريئر ڪائونسلنگ بابت تحفي جهڙو ڪتاب" ! ۾ لکي ٿو ته اسڪالرشپ ڳولڻ جو طريقيڪار ڪهڙو آهي ته گڏوگڏ سائين شاھ مراد صاحب، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏيڻ جو به طريقيڪار ٻڌائي ٿو. ڊاڪٽر صاحب جي لاءِ اسڪالرشپ جي لاءِ گهربل قابليت، اپلاءِ ڪرڻ جو وقت، داخلا لاءِ گهربل ڪاغذ، اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هدايتون، اسڪالرشپ ۽ داخلا حاصل ڪرڻ جي اهم امتحانن ۽ انهن ۾ وري TOFEL, IELTS, GREs جي اهميت جهڙن انتهائي ضروري مسئلن کان به سولي ۽ آساني طريقي سان، پر مختصر ۽ جامع طريقي سان ڏاڍي سٺي نموني سمجهايو آهي.

    ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو پنهنجي هن ٻئي ڪتاب يورپ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا ۾ يورپ جي مجموعي طور 22 ملڪن جي يونيورسٽين جو ذڪر نه صرف تفصيلي ڪيو آهي پر آخر ۾ داخلا ۽ اسڪالرشپ ڪيئن وٺجي؟ ان حوالي سان به لنڪس شيئر ڪندو آيو آهي، جنهن عمل سان پڙهندڙن کي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ اڃا به وڌيڪ سولي نموني سان رسائي مليو وڃي.
    ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو يورپ ملڪن جي يونيورسٽن جو تفصيلي ذڪر ڪجهه هن ريت ڏنو آهي.

    پاڻ اولھ يورپ WESTERN EUROPE جي ست ملڪن جن ۾ جرمني، فرانس، بيلجيم، نيڌرلينڊس، آسٽريا، سوئٽزرلينڊ ۽ لگزمبرگ يونيورسٽيون شامل آهن، انهن يونيورسٽن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو آهي.

    اتر يورپ NORTHERN EUROPE جي اٺ ملڪن جن ۾ سوئيڊن فن لينڊ، ڊينمارڪ، ناروي، ايسٽونيا، آئرلينڊ ريپبلڪ، انگلستان، ليٽويا ۽ ليٿو نيا ملڪ شامل آهن، انهن ملڪن جي تعليمي نظام بابت مڪمل معلومات ڏني آهي.

    ڏکڻ يورپ SOUTHERN EUROPE جي چئن ملڪن جنهن ۾ اسپين، اٽلي، پورچوگال ۽ يونان شامل آهن، جنهن جي باري ۾ ٻڌايو آهي. جڏهن ته آخري اوڀر يورپ EASTERN EUROP جي ٽن ملڪن جنهن ۾ چيڪ ريپبلڪ، هنگري پولينڊ شامل آهن، جنهن باري ۾ پڻ سٺي نموني سان سمجهايو آهي.

    پروفيسر ڊاڪٽر سراج سيال سندس لاءِ لکي ٿو ته ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو جي خواهش چٽي ۽ صاف نظر اچي ٿي ته سنڌ جا هزارين لکين ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪئين به رڳو پڙهن نه، پر عالمي جيڪي رجحان آهن پڙهائيءَ جا ۽ جيڪي موقعا آهن، انهن کان به ڪئين به مستفيض ٿين.

    اها ساڳي خواهش ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو پنهنجي پاران ۾ به ظاهر ڪئي آهي. واقعي ڪيڏو نه حقيقيت پسندانه لکيو آهي، جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ سندس لاءِ اها ئي راءِ جڙي ٿي ته پاڻ سماج سُڌارڪ، انسان دوست ۽ سماج همدرد ماڻهو آهي.

    لکي ٿو ته " هن ڪتاب آڻڻ جو مقصد سنڌ جي نوجوانن کي يورپ ۾ اعلي تعليم جي موقعن بابت آگاهي ڏيڻ ۽ ڪوشش ڪرڻ لاءِ اتساھ ڏيڻ آهي.
    منهنجو خواب آهي ته سنڌ جي هر ننڍي وڏي ڳوٺ توڙي شهر مان گهٽ ۾ گهٽ هڪ نياڻي يا نوجوان دنيا جي بهترين يونيورسٽين مان نه صرف اعلي تعليم پرائين پر دنيا جي ڀلي لاءِ ڪو قانون، ڪا ايجاد ڪو نسخو يا ڪو نظريو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿين ۽ پنهنجي ڌرتيءَ جو نالو روشن ڪن.

    ڊاڪٽر شاھ مراد چانڊيو پنهنجي هن ڪتاب ۾ هر يونيورسٽي جو ذڪر سهڻي، سولي ۽ هر ڪنهن جي فهم ۽ عقل مطابق ڪيو آهي جئين هر هڪ پڙهندڙ سولي نموني سان سمجهي فائدو وٺي سگهي.
    اها پڙهندڙ لاءِ ڪيڏي نه دلچسپ ڳالھ آھي جو پاڻ هر يونيورسٽي جي پڙهائي جي طريقيڪار کي پڻ سولي طريقي سان سمجهايو آهي، مثال طور داخلا جو طريقيڪار، سيمسٽر ڏيڻ جو طريقيڪار، ٽيوشن فيس جو طريقيڪار، کاڌي پيتي جو طريقيڪار، رهائش جو خرچ، هيلٿ ڪيئر جو طريقيڪار، اسڪالرشپ ۽ فنڊنگ جو طريقڪار وغيره سڀ واضع طور سمجهايا آهن.
    وڏي مزي جي ڳالهه ته جيڪي عظيم شخصيتون يا پهاڪا/ چوڻيون انھيءَ ملڪ سان سلهاڙيل آهن،پاڻ انهن به ذڪر ڪيو آهي، جيڪا ڳالھ سندن وسيع علميت جي شاهدي ڏئي ٿي.
    ڪتاب پڙهڻ سان مونکي ائين لڳو ڄڻ ته مان يورپ کنڊ جو سير ڪري آيو آهيان، هي ڪتاب جنرل ناليج سان پڻ ڀرپور آهي،هن ڪتاب کي پڙهڻ کان پوءِ اسان يورپ جي جاگرافي بيهڪ جي باري ۾ ڄاڻڻ جي اهل ٿينداسين.

    يورپ کنڊ ۾ جيڪي ملڪ آهن، انهن جي گادي جا هنڌ، سڪا ۽ ٻوليون پڻ ڄاڻڻ جو موقعو ملي ٿو، مطلب ته هي ڪتاب اسان جي جنرل ناليج ۾ پڻ يقينن سگهارو اضافو ڪندو.

    هن ڪتاب يورپ ۾ اعلي تعليم ۽ اسڪالرشپ جا موقعا جي ارپنا ليکڪ پنهنجي وڏي ڀاءُ محمد مراد چانڊيو جي نالي ڪئي آهي، هي ڪتاب ڪنول پبليڪيشن قمبر طرفان شايع ڪرايو ويو آهي، جيڪو 144 صفحن تي مشتمل هجڻ سان گڏوگڏ 250 روپيه جي مناسب قيمت سان سنڌ جي سمورن ڪتاب گهرن تي موجود آهي.

    هي ڪتاب سنڌ جي انهن نوجوانن لاءِ ڪارائتو ثابت ٿيندو، جيڪي ٻاهرين ملڪن مان تعليم پرائڻ جا خواب ڏسن ٿا،
    هي ڪتاب انهن کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو