تون جڳ جاڳائيندين جو اڀياس

'سنڌي ادب' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏26 اپريل 2022۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    61
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    [​IMG]

    غلام رسول سوڍر
    انھن ڏينهن ۾ آئون جڏھن يونيورسٽي آيس ته منھنجي اڃان مير سردار چنڙ سان ملاقات نه ٿي ھئي ۽ ان وقت ڪلاس (سنڌي شعبي) جي ڪافي شاگردن سان دوستاڻو ماحول پيدا ٿي چڪو ھئو. ھڪ ڏينھن ڪلاس ۾ اوچتو ھڪ اھڙي نوجوان ڇوڪري ته نظر پئي جو حيرت ۾ پئجي ويس . ان کي ڏسي ايئن محسوس ٿي رھيو ھئو ڄڻ آئون پرائمري اسڪول ۾ آيو ھجان، ان جو ڏيک پرائمري ٻار جھڙو ھو. پوءِ اڪثر ان تي منھنجي نظر پوندي ھئي ڇاڪاڻ جو ھن کي ڏسڻ لاءِ ازخود دل ۾ خيال ايندو ھئو، آخر نيٺ وڃي منھنجو ان سان تعارف ٿيو ۽ اھو ئي مير سردار چنڙ ھئو. مير کي ڏسي مون کي ان وقت ڪڏهن به ايئن محسوس نه ٿيندو ھئو ته ھو ڪو يونيورسٽي ۾ پڙھڻ لاءِ آيو آھي، ڇاڪاڻ جو ھن جون حرڪتون ھميشه اھڙيون ھونديون ھيون جن مان مونکي ايئن محسوس ٿيندو هئو ته ھي فقط ھتي گھمڻ ڦرڻ ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ آيو آهي ۽ ھن کي ادب سان ڪوبه لڳاءُ ته آھي. شايد زوري ادب جي شعبي ۾ موڪليو ويو آھي پر جڏهن وقت گذرندو ويو ۽ مير جي ڪلاس ۾ ادب ۽ فلسفي تي ڪارڪردگي ۽ قابليت ظاھر ٿيندي وئي ته منھنجا اھي سڀ رايا غلط ٿيندا ويا جيڪي سردار چنڙ جي باري ۾ ھئا. ان کانپوءِ مير اسان جي ڪلاس جي نمائندگي ڪئي ۽ ھي ڪلاس جو سي آر بنجي ويو. ھن کي سڀني شاگردن ان عھدي تي دل سان قبوليو ڇاڪاڻ جو ھن ۾ ھميشه ٻين جي رھنمائي ڪرڻ واري خوبي ھوندي ھئي، جيڪا سڀني کي پسند ھئي ۽ ھن شخص ۾ ڪيتريون ئي لڪيل صلاحيتون موجود ھيون جيڪي مختصر وقت ۾ مون سميت سڄي ڪلاس تي اثرانداز ٿينديون ويون، ھو ادب کي محض ڪتاب تائين نه پڙھندو ھو پر ان سان سماج ۾ ڪيتري قدر فائدو رسائي سگھجي ٿو ان تي به تمام گھڻو ويچاري اسان کي ٻڌائيندو ھو. اسان لئه سنڌي ادب ھڪ نئين دنيا ھئي پر مير اسان کي ھڪ ٽوئرسٽ گائيڊر وانگر ان جي چپي چپي کان واقف ڪرايو، ھن ۾ ھڪڙي زنده دل ۽ دوستاڻو مزاج آھي جنھنڪري ھن جي سماج جي ھر انسان وٽ الڳ سڃاڻپ آھي، ھن ۾ لکڻ، پڙھڻ ۽ته سماجي مشاھدي جي وڏي سگھ آھي، اسان لئه اھا ڪيتري نه فخر جي ڳالھ آھي ن اسان جي ھن ويجھي دوست پنھنجي ٻئي سال ۾ ڪٺن محنت سان ھڪ تمام وڏي ۽ سٺي ليکڪ جي ڪتاب کي پنھنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو آھي.
    "سنو تم ستارے هو" علي شيرازي جو ھي ڪتاب جنھن جو مير سردار چنڙ سنڌي ۾ ترجمو ڪري ان جو نالو "تون جڳ جاڳائيندي" رکيو آھي.
    "سنو تم ستارے هو" پاڪستان جي مشھور ڪتابن مان ھڪ اھڙو ڪتاب آھي جنهن. ٿوري وقت ۾ تمام گھڻي مڃتا حاصل ڪئي گذريل ڏھاڪي جي ڪتابي مارڪيٽ جا ھن ڪتاب سڀ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب جي جيڪا پذيرائي سال اندر ٿي ان جيتري پذيرائي اڳ ايتري ڪنهن ڪتاب کي نصيب ناهي ٿي سگھي.
    ھي ڪتاب "تون جڳ جاڳائيندين" اسان جي ھن سماج ۾ تمام اھم ڪردار ادا ڪري سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته ھن ھلندڙ دؤر ۾ اسان اگر پنھنجي سماج ڏانھن نظر ڦيرايون ته اسان کي ھر طرف کان نوجوانن ۾ مايوسي ۽ نااميدي پکڙيل نظر ايندي، جنھن جي نتيجي ۾ ھو ڪنھن به فيلڊ ۾ صحيح طرح پرفارم نه ڪري رھيا آھن، پر ھو ايترو ته مايوسي ۽ نااميدي جي ور چڙهيل آھن جو ھو پنھنجي زندگيءَ کي بي معنيٰ ۽ پاڻ کي ھڪ خراب مشين سمجھي محنت ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، پر اگر ڏٺو وڃي ته انھن نوجوانن جو ان ۾ ڪو به ڏوھ نه آھي ڇاڪاڻ جو ھِن سماج ۾ ھنن جي ڪير به حوصلا افزائي ڪرڻ وارو نه آھي ھنن جي مستقبل لاء ڪير سوچڻ نٿو چاھي ڪو ڪريئر ڪائونسلنگ ڪرڻ لاء تيار ناھي تنهنڪري ھو پاڻ کان نامعلوم آھن پنهنجي اندر ۾ موجود انھن خوبين کان، ھن لاء ڪا مقرر ڪريئر ڪائونسلنگ ناھي, جنھنڪري ھنن کي پنھنجي زندگي بابت ڪا ڄاڻ نه آھي ته ھو ڇا ڪري رهيا آهن ؟۽ ھنن کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟ تنھنڪري آئون سمجھان ٿو ته مير سردار چنڙ جو ڪتاب "تون جڳ جاڳائيندين" انھن سڀني مايوس ۽ نااميد نوجوانن لاءِ ھڪ اميد جو سبب بڻجندو، جيڪو انھن کي پنھنجو پاڻ سان ھمڪلام ڪري انھن کي پنھنجي اھميت کان واقف ڪرائيندو ته ھو ڪا خراب مشين پر ھڪ نه استعمال ٿيندڙ مشين آھن، جنھن مشين کي فقط پنهنجي محنت، جوش ۽ جذبي سان استعمال ڪري ھو دنيا جا عظيم انسان بنجي سگھن ٿا ۽ پنھنجي زندگي کي بي معنيٰ مان تبديل ڪري ھو ھڪ ڪامياب ۽ خوبصورت زندگي گذاري سگهن ٿا.
    اسان جي سماج ۾ ڪيترائي اھڙا به نوجوان آھن جيڪي پرائمري کان وٺي انٽر تائين لڳاتار پڙھندا ته آھن، پر تڏھن به ھو پنھنجي مستقبل لاءِ صحيح فيصلو ناھن ڪري سگھندا، مطلب ته ھو ان ڏھاڙي دار مزدور وانگر محنت ڪندا رھندا آھن جيڪو پنھنجي پيٽ پالڻ لاءِ ھر روز محنت ڪري فقط ھڪ ڏينھن جو گذارو ڪندو آھي ۽ مستقبل جي ڪابه منصوبا بندي ناھي جوڙيندو، ۽ اسان جا نوجوان به پرائمري کان وٺي انٽر تائين اسڪول ۽ ڪاليجن ۾ ھر روز محنت ته ڪندا آھن پر ھو پنھنجي مستقبل بابت ڪا به منصوبا بندي ناھن جوڙيندا، جنھن جي نتيجي ۾ جڏھن ھو يونيورسٽي تائين پھچندا آھن ته تڏهن ھو مٿي کي هٿ ھڻندا آھن ۽ پنھنجي زندگي جي مقصد کي تلاش ڪرڻ ۾ تمام گھڻو ڊپريس ٿي مايوسي ۽ نااميدي جو شڪار ٿي يا ته ھو يونيورسٽي اڌ ۾ ڇڏي واپس ھليا ويندا آھن يا وري پنھنجا چار سال بنا ڪنھن مقصد جي يونيورسٽي ۾ ضايع ڪندا آھن، مطلب ته اھي محنت ته ڪندا آهن پر صحيح رستي کي ناھن چونڊيندا جيڪو انھن کي منزل تائين پهچائي سگھي. مان سمجھان ٿو ته انھن مونجھارن ۾ شڪار ٿيل شاگردن لاءِ ھي ڪتاب ھڪ اھم ڪردار ادا ڪندو ڇاڪاڻ ته ھن ڪتاب ۾ انھن جي ڪامياب زندگي جا اھي گس آھن اھي پيچرا آھن جن ذريعي ھو سماج ۾ اڳيان نڪري وڌي اٿي سگھن ٿا انھن رستي تي ھلندي ڪڏهن ڪرندا نه , ڪڏهن ٿاٻڙبا نه , نه وري ڪڏهن مايوسين جي اونھي کوھ ۾ ڪرندا .
    ھي ڪتاب " تون جڳ جاڳائيندين" مايوسي جي دز ۾ ورتل نوجوان لاء ھڪ اھڙو ته ڪتاب آھي. جو جڏهن ھو ڪتاب پڙھندا ته ڪتاب انھن کي آگاھ ڪندو ته ھو پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪھڙي طريقي سان منصوبا بندي جوڙي ھڪ صحيح رستي کي چونڊي ۽ ان تي لڳاتار محنت ڪري پنھنجي منزل حاصل ڪري سگھن ٿا.

    ھي ڪتاب ڪيترن ئي انھن غريب شاگردن جو به حوصلو بڻجندو جيڪي پنھنجي زندگيءَ ۾ ڪامياب انسان فقط ڊگري کڻي سرڪاري نوڪري حاصل ڪرڻ کي سمجھندا آھن، ۽ ھن دؤر ۾ نوڪري جو ته ڪو آسرو ئي نه آھي تنھنڪري ھو پنھنجي تعليم کي اڻپورو ڇڏي ۽ ساڳي طرح پنھنجي زندگي کي ڪمن ۾ گذاريندا آھن، ھي ڪتاب انھن نوجوانن کي پنھنجي زندگيءَ ۾ خواب ڏسڻ ۽ انھن خوابن کي پنھنجي اڻٿڪ محنت سان ساڀيان ڪرڻ لاءِ حوصلو پيدا ڪندو ۽ انھن کي آگاھ ڪندو ته فقط نوڪري ئي سڀ ڪجهه ناھي ھوندي اگر انسان پنھنجي مقصد سان سچو آھي ۽ لڳاتار محنت ڪري ھو لائق ۽ قابل انسان بنجي وڃي ٿو ته ھن کي انھن نوڪرين جي ضرورت نٿي رهي پر ھو انھن نوڪرين لاءِ اھم بنجي وڃي ٿو.

    سنڌي ترجمو ٿيل ھي ڪتاب سنڌي پڙھندڙ ھر ان نوجوان جي زندگي کي تبديل ڪري ھڪ ڪامياب زندگي ڏانھن وڌائيندو، جيڪو پنھنجي تقدير ۽ پنھنجي زندگي ۾ درپيش آيل مسئلن کي پنھنجي ناڪامي جو ذميوار ٺھرائيندو آھي ۽ ھميشه ھن سماج ۾ ھو پاڻ کي لڪائڻ لاءِ انھن مسئلن ۽ پنھنجي تقدير کي آڙ بڻائي پنھنجو پاڻ کي ناڪامي جو ذميوار ناھي ٺھرائيندو، پر ھي ڪتاب انھن جي ضمير کي جاڳائيندو ته ھو ايئن ڪري فقط پنھنجو پاڻ سان ڌوڪو ڪري رھيا آھن، جنھن جي ڪري ھو ھميشه ناڪامي جي ور چڙهيل ھوندا ۽ ھو اصل ڪاميابي کان بي خبر ھوندا ته ڪاميابي نالو ئي انھن مسئلن کي منھن ڏئي پنھنجي زندگيءَ جي مقصد لاءِ مسلسل محنت کي جاري رکڻ آھي.
    مان سمجھان ٿو ته ھي سنڌي ۾ ترجمو ٿيل ڪتاب اسان جي پرين پياري دوست مير سردار چنڙ طرفان سنڌي ادب ۽ سنڌي قوم لاءِ ھڪ اھم تحفو آهي، جنھن کي پڙهڻ کان پوءِ ڪيترائي نوجوان پنهنجي زندگي جي مايوسين ۽ محرومين کان آجا ٿي پنھنجي زندگي کي ھڪ ڪامياب ۽ خوبصورت زندگي ۾ تبديل ڪري پنھنجو ھر ڏينهن مطمئن ٿي گذاريندا.
    ھي زندگي جي ھر شعبي سان تعلق رکندڙ فردن تي لاڳو آھي ته اھي پڙھن ڇاڪاڻ ته اھڙن عظيم ڪتابن کي پڙھڻ لاء ڪا مخصوص عمر ڪو شعبو مقرر ناھي ھوندو ھن ڪتاب جي خوبي اھا آھي ته ڪڏهن به اوھان کي ڪتاب تنگ(بور) نه ڪندو. جيتوڻيڪ ھن ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي پروف جو غلطيون رھجي ويون آھن پر تنهن ھوندي ڪتاب تي شاندار محنت ٿيل آھي.
    تازو سنڌي شعبي ٻئي سال جي شاگردن پاران ھڪ ڪتاب جي اھميت ۽ افاديت کي ڏسندي کيس مڃتا ايوارڊ پڻ ڏنو جيڪو پڻ سندس لاء قابل فخر اعزاز آھي.
    مير سردار چنڙ جو ھي ايوارڊ يافتا ڪتاب " تون جڳ جاڳائيندين "سڦلتا پبليڪشن حيدرآباد پاران 2022ع ۾ شايع ڪيو آھي 300قيمت سان 176 پيجن وارو ھي ڪتاب مترجم پنهنجي والد پيارو خان چنڙ ۽ ڏاڏي منظور احمد چنڙ کي ارپيو آھي. جڏهن ته ھن ڪتاب ۾ ٻه اکر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا جا شامل آھن ۽ بيڪ ٽائيٽل مڪيش مانجھيراڻا جي شاندارن اکرن سان لکيل آھي. اميد ته ھي ڪتاب سنڌي ادب ۾ پنهنجي مقام ضرور ماڻيندو.
    روزاني گرف خيرپور ميرس ۾ شايع ٿيل
    26 04 2022
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو