محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

'سنڌي ادب' فورم ۾ عبدالوهاب طرفان آندل موضوعَ ‏7 آگسٽ 2010۔

  1. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سنڌ اسيمبليءَ کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟



    ڇنڇر 18 مارچ 2006ع

    16 مارچ تي ”ڪاوش“ ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ جي لکت پڙهي، ان تي لکڻ جي آس ڪيم. شام جو آَفيس مان فون آيو ته هن جيڪو خط سنڌ جي وڏي وزير صاحب ڏانهن لکيو آهي، تنهن جي ڪاپي پهتي آهي. هن کوکرو پار رستي غير قانوني ڌارين تي اهو آرٽيڪل لکيو آهي. 17 مارچ تي وري ساڳي اخبار ۽ جاءِ تي نوجوان سهيل ميمڻ جو تاريخي ڏاڍاين جي هڪ سلسلي ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن پاران حرن مٿان ڪارروائيءَ جي قانونساز ي متعلق ليک ڇپيو آهي، جنهن کي نه رڳو پڙهڻ، سمجهڻ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ڪردار بابت پنهنجي راءِ قائم ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، پر اڄ به ان سلسلي جي باري ۾ پنهنجي راءِ پختي هئڻ جو احساس ٿيو.

    ”ٻٻرن کان ٻير گهرڻ“ واري اصول هيٺ ڊاڪٽر ايوب جو خيال اهو هوندو ته هن جي لکڻي کان پوءِ سنڌ جو وڏو وزير تحرڪ ۾ اچي ويندو، ريل مٿان سخت چيڪنگ ڪرائيندو ۽ ڪو به غير قانوني ماڻهو پرڏيهه مان سنڌ ۾ داخل نه ٿيندو. هڪ پاسي غير قانوني ماڻهن جي آمد جون خبرون آهن ته ٻئي پاسي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي اصلوڪي، قانوني ۽ تاريخي آبادين مٿان بلڊوزر گهمرائي سنڌين کي بي گهر بنائڻ ۽ انهن جي رهائش کي ”ڪچي آبادي“ ۽ ”غير قانوني“ جو عنوان ڏئي سندن مستقبل اونداهو ڪيو پيو وڃي. ان سڄي بي گهر بنائڻ ۽ سنڌين کي ڪراچيءَ مان ڪڍڻ واري بلڊوزر پاليسي جي سمورن ذميدار آفيسن، آفيسرن، بلڊرن ۽ سنڌ مخالف ڌرين کي اها ڳالهه معلوم هئڻ گهرجي ته اوهان ”انتظام“ جي نالي ۾ ”شهري ترقي“ جي نالي ۾ جيڪي به عمل ڪريو ٿا، سي سنڌي ماڻهن جي اکين مان وهندڙ ڳوڙهن وسيلي ظلم ۽ ناحق جي پٿر تي ليڪ بنجي پنهنجو نوحو رقم ڪندا رهن ٿا. اسان کي جڏهن به موقعو مليو ته عوام جي اکين مان نه رڳو وهندڙ لڙڪ بند ڪرائينداسين، پر سنڌين کي سنڌي هئڻ جي جيڪا سزا ملي ٿي، تنهن سنڌي هئڻ تي وڌيڪ فخر ڪندي سڄي قوم کي گڏ ڪنداسين.

    مان پير صاحب پاڳاري سان جڏهن خوش يا ناخوش هوندو آهي، ملندو آهيان. ان سان رڳو پير پاڳارو سمجهي ملڻ نه ويندو آهيان، پر ان کي اها خبر آهي ته مان کيس، سندن وڏن ۽ پوئلڳ حرن کي سنڌي سمجهندو آهيان. اسان جون خوشيون ۽ ماتم هڪ آهن، اسان جي ٻولي ۽ ڌرتي هڪ آهي. اسان جا ساهه ۽ ويساهه هڪجهڙا آهن. اڄڪلهه (شايد) سنڌ سان وفادارين جي حوالي سان اسان ساڳئي درياءَ جي ڌار ڪنارن تي بيٺا آهيون. وقت ثابت ڪندو ته ڪير صحيح جاءِ تي بيٺو هو. ا سائين کين ڄمارون ڏئي، جيئن پنهنجي هوندي ئي حرن پاران سنڌ جي خدمت جهڙا جادوئي واقعا ڏسي سگهن.

    سنڌ اسيمبلي 1942ع جي هجي يا 2005ع جي، مسئلو وقت جو ناهي، مسئلو پنهنجي وجود وسيلي پنهنجي عوام ۽ زمين سان سچو رهڻ جو آهي. جيڪي اڳي به سچا رهيا، سي نامور رهيا. جيڪي سنڌ ۽ عوام جا مخالف ٿي بيٺا، اهي اڄ به عوام جي دلين جي ويجهو ناهن. ماضيءَ کان وٺي اڄ تائين جيڪي به ماڻهو، اسيمبلي ميمبر ۽ وزير توڙي وزير اعليٰ، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر عوام خلاف هئا. اهي اڄ به عوام دشمنن جي مدد سان چونڊجي ته سگهن ٿا، پر عوام جي دلين ۾ ڪڏهن به انهن کي جاءِ نه ملي آهي. ايراني شاعر حافظ جي شعر جو ترجمو ملاخطه ڪريو: ”اسان دارا ۽ سڪندر بادشاهه جا داستان ڪو نه پڙهيا، اسان رڳو محبت ۽ وفا جون حڪايتون پڙهيون.“

    سنڌ اسيمبليءَ جو اڄوڪو اسپيڪر ڏسو. هن کي رڳو 2 ڪم اچن ٿا. هڪ ”ها“ ٻيو ”نه“. سنڌ جي ڀائپي، ڀلائي، خوشحاليءَ جو جيڪو به ڪم اسان چئون ٿا ۽ زبان مان اکر مس ڪڍون ٿا ته هن جي شگر گهٽجي وڃي ٿي، هو ”نه“ ڪري ٿو. هو آرام جي بهاني پنهنجي ڪرسي ڇڏي چئمبر ۾ ٿو وڃي. ٻيو ته ان اسيمبلي ۾ جڏهن به متحده وارا انصاف جي آڙ ۾ ناانصافيءَ جو لڪل تير سنڌ جي پُٺيءَ ۾ هڻن ٿا ته شاهه صاحب ”ها“ ڪرڻ ۾ دير نٿو ڪري. بيروزگار سنڌي عوام، جيڪو ڪراچيءَ ۾ نٿو رهي، تنهن لاءِ ان اسپيڪر اهو فيصلو ڪيو آهي ته ڪراچي شهر ۾ رڳو هتان جا ڊوميسائيل رکندڙ روزگار حاصل ڪندا. يعني ٻين صوبن، ٻين ملڪن، ايران، يونان، بهار ۽ ڀارت جا ماڻهو روزگار حاصل ڪري سگهن ٿا، پر سنڌي اهو حاصل ڪري نه ٿا سگهن. مان سهيل ميمڻ کي خاطري ڏياريان ٿو ته سنڌي وسندين جي ڊهڻ خلاف، سنڌو درياءَ جي پاڻي مٿان بندش خلاف، مالياتي ايوارڊ ۾ خطرناڪ ناانصافين خلاف، تعليم، صحت، ترقيءَ تي لڳندڙ ڌاڙن خلاف اسان پنهنجو آواز اسيمبلي اندر توڙي ٻاهر اٿاريندا رهنداسين. اسان پنهنجي سنڌين کي به چئون ٿا ته اسيمبليون ۽ اسپيڪر اهڙا هوندا ته سنڌين سان انصاف نه ٿي سگهندو. جيڪڏهن سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ۽ موجوده سرڪار ۾ سنڌي اسيمبلي ميمبر اهو رويو جاري رکندا ته سنڌ ۽ سنڌين خلاف قانونسازي ائين ئي ٿيندي رهندي، جيئن 1942ع ۾ اسان جي سنڌي حرن خلاف هڪ کان سواءِ سمورن ميمبرن ان انسان ۽ انصاف دشمن قانون ۾ حصو ورتو هو. سو مسئلو وقت جو ناهي، ڳالهه ڪردار جي ۽ ساک جي آهي.

    اسان چاهيون ٿا ته سنڌ اسيمبلي رڳو سنڌ ۽ ان جي رهندڙن جي حفاظت ۽ بچاءَ جو ڪردار ادا نه ڪري، پر پنهنجي ساڳئي پاڪستان ۾ بلوچستان جي عوام جي زندگين ۽ احساسن جي حفاظت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اسان چاهيون ٿا ته سنڌ اسيمبلي ماضيءَ ۾ ٿيل غلط فيصلن خلاف اڄ معافي وٺي. ماضيءَ ۾ اسان جي وڏن جي ڪيل غلطين ۽ ڏاڍاين جو تدارڪ اهو ئي ٿي سگهي ٿو ته اسان سنڌ جو نمڪ حلال اولاد بنجي ماضيءَ ۾ ڪيل سنگين غلطين جي سرعام معافي وٺون. پر اسان جيڪي سنڌ اسيمبلي ۾ اڄ موجود آهيون، تن جي به ڪردار جي ماپ تور مستقبل بدران اڄ ئي ٿيڻ گهرجي. اڄ جي معافي اڄ ئي وٺڻ جي روايت هئڻ گهرجي.

    1942ع ۾ جن ماڻهن حرن خلاف فيصلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ حرن خلاف قانونسازي ڪئي، تن ۾ منهنجو وڏو چاچو خانبهادر محمد ايوب خان کهڙو، موجوده وڏي وزير صاحب جن جو وڏو مرحوم ارباب توڳاچي صاحب ۽ ٻيا شامل هئا. سياست جي بي رحمي اڄ انهن سمورن کي هڪ پاسي ويهار ي ويٺي آهي. اڄ حرن جا حامي ۽ حرن جي مخالفن جو اولاد سنڌ سرڪار جو گڏيل حصو آهن ۽ اهي ٻئي گڏجي وري سنڌ خلاف ايڪشن ۾ مصروف آهن. اسيمبلي اندر اسپيڪر جي ڪري سنڌ سان ڀلائي ٿيڻ ڄڻ ته ڪوهه ڪاف جي پريءَ جو درشن محسوس ٿئي ٿو. ڪالهه جي سنڌ جي مخالفت ڪندڙن کي انعام ۾ پاڪستان سرڪار خانبهادر ۽ راءِ بهادر ۽ سر جو لقب ته نه ڏنو آهي، پر انهن کي هڪڙي اهڙي بي لغام سرڪار هٿ ۾ ڏني آهي، جنهن جو ڪم آهي سنڌ کي هر طرف کان نقصان پهچائڻ. سنڌين کي تباهه ڪرڻ، انهن کي اقليت ۾ بدلائڻ لاءِ نيون ڪوششون وٺڻ مان سنڌ جي نمڪ حلال فرزند جي حيثيت ۾ سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو آواز بنجي نوجوانن کي عرض ڪريان ٿو ته اهي گهڻي کان گهڻا ڪراچي ۾ آباد ٿين. ڪراچي اسان جو شهر آهي، ڪراچي اسان جو بندر آهي. ڪراچي اسان جي دل ۽ ترقي جو مندر آهي. ڪراچي کان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو سياست جي ابتدا ڪئي هئي، اچو ته اسان هن شهر مان پنهنجي جيئڻ جي ابتدا ڪريون ۽ ترقي، انصاف، انسانيت ۽ رواداري جا نوان مثال قائم ڪريون.

    nisarpppsindh@yahoo.co.uk
     
  2. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ٽي تلوارون!



    اڱارو 4 اپريل 2006ع

    هُن مون کي لاڙڪاڻي جو سمجهي ٻڌايو ته، ”سائين! ڀٽو وري نه ڄمندو ۽ ڪڏهن به نه مرندو.“ مون کي هن جي حُجت جو انداز وڻيو. مون کيس چيو ته هُو ڀُٽي جي باري ۾ ڪي واقعا ۽ اکين ڏٺا مشاهدا ٻڌائي. سنڌ هائوس اسلام آباد جي رنگ برنگي لان تي پروٽوڪول جو رٽائرڊ ڊرائيور خدا بخش پنجابي گاڏڙ اردو ۾ هڪ ياد کي تازو ڪندي ٻڌائي ٿو ته، ”پرائيم منسٽر ڀٽو صاحب ۽ فلسطيني اڳواڻ ياسر عرفات ڪراچي ۾ اسٽيٽ گيسٽ هائوس کان 70 ڪلفٽن روانا ٿيا. ڪلفٽن برج لهڻ تي ياسر عرفات جي نظر ٽن تلوارن تي پئي. هن ڀٽي صاحب کان ٽن تلوارن ٺهرائڻ جو پڇيو، تنهن تي پرائيم منسٽر کيس ٻڌايو ته، ”روٽي ڪپڙا اور مڪان“ جون اهي ٽئي تلوارون عوام سان هن جي واعدي جو نشان آهن. اهي مياڻ مان نڪتل تلوارون هر وقت مون کي پنهنجو واعدو ياد ڏيارينديون آهن.“

    مان اسلام آباد پارٽي آفيس ۾ مرڪزي اجلاس کان واندو ٿي واپس ڪراچي پهتس. ڪلفٽن پُل تي ئي مون کي خدا بخش جي پنجابي گاڏڙ اردو ۾ اهي جملا ياد آيا. ”اهي ٽيئي تلوارون اٽي، لٽي ۽ اجهي جو واعدو ۽ انهن جي ياد آهن.“ مون ٽن تلوارن کي غور سان ڏٺو. اڄڪلهه ان تي ”اخوت، ايمان ۽ تنظيم“ جو نعرو لکيل پڙهيم ته مون کي شهيد ڀٽو وڌيڪ ياد اچڻ لڳو، جنهن ڊگهي عمر بدران لافاني ڄمار حاصل ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي شهر ۾ حڪمران شهيد ڀٽي جي نعري ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ جا سمورا ٿنڀا ڪمزور ڪرڻ لاءِ عوام کي ڪمزور ڪري رهيا آهن. اٽو، دال، گيهه، تيل ۽ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. ماڻهن کي دال ۽ اٽي جي مسئلن ۾ ڦاسائي انهن کان آهستي آهستي سياست پري ڪئي پئي وڃي. شهيد ذوالفقار علي کان پلاند وٺڻ لاءِ هو رڳو عوام کان جيئڻ جو بنيادي حق نٿا کسين، پر مهانگائيءَ جي راڪاس وسيلي غريب جي تن ۽ من کي ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو اڻ لڀ ٿيندو پيو وڃي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اجهو کسڻ جون جديد انتظامي حرڪتون شروع ڪيون ويون آهن. عوام، جنهن ميڙي چونڊي گڏ ڪري پنجاهه ورهين کان هڪ هڪ سر لڳائي پنهنجي اجهي لاءِ ڇت حاصل ڪئي هئي، سا ”غير قانوني قبضي“ جي نالي ۾ بلڊوز ڪئي پئي وڃي.

    موجوده سرڪار جنهن طرح ۽ طرز سان اهو سڀ ڪجهه ڪري رهي آهي، تنهن کي جائز پئي سمجهي. عوام جا سمورا حق سلب ٿيا آهن. فصلن لاءِ پاڻي نه ٿا ڏين، ٺهيل وسنديون ڊاهڻ جا جتن پيا ڪن. جمعو ڳوٺ مسجدن سميت شهيد پيا ڪن. بلڊرز اهڙين ڪاررواين جي آجيان پيا ڪن. عوام اهڙي حال ۾ ڪنهن ڀٽو جهڙي مسيحا جي آسري ۾ آهي، جيڪو هنن جي اٽي، لٽي ۽ اجهي جي ٽنهي تلوارن کي اُڀو رکي ۽ پنهنجو واعدو ۽ ان جي تڪميل لاءِ تڪڙيون وکون کڻي. مون کي ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته ڀٽو صاحب رڳو دماغي ۽ جسماني طور چست نه هيو، پر هن کي ٽُٽل، اڌ ٿيل، اڌ جيئري ۽ اڌ ختم ٿيل ملڪ جي بچاءَ جي تڪڙ هئي. هن عوام کي زبان ڏيڻ ۽ انهن جي اڌ ڪُٺل جذبن کي جاڳائڻ جي جيڪا تمنا ظاهر ڪئي هئي، تنهن لاءِ تاريخ هن کان هر سيڪنڊ ۾ ڪيئي ورهين جو ڪم پئي ورتو. ڀلا! ڪهڙي جوءِ ۽ وسندي آهي، جتي هن جا پير نه گهميا هئا؟ ڀلا ڪهڙو ماڻهو هو، جيڪو هن کان متاثر نه هيو؟ هي روڊ رستا، نوڪريون، ملازمتون، حجتون، عوام سان پاڻ ملڻ ۽ عوام جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪري انهن کي صدين جي ننڊ مان جاڳائڻ جهڙا ڪم پاڪستان ۾ ان کان اول ته ڪنهن به نه ڪيا هئا.

    سنڌي ماڻهن کي اها خبر ڀٽي صاحب جي دور ۾ ئي پئي ته ريلوي، ڪسٽم، هوائي جهازن، پورٽن ۽ بئنڪن ۾ به نوڪريون ملي سگهن ٿيون. اهو شهيد ڀٽو هيو، جنهن عوام سان ڪيل واعدي جي تڪميل لاءِ رڳو ”اٽو، لٽو ۽ اجهو“ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي، پر سنڌي ماڻهو ڪٿي ڪٿي نوڪريون حاصل ڪن، اها خبر به تڏهن پئي. ڀٽي صاحب جڏهن 1973ع ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو جائز تاريخي مقام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ته هن صاف لفظن ۾ اهم ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا تاريخ جي ورقن ۾ زبردستي دفن ڪئي وئي آهي. بنيٽ جونز BENNETT JONES پنهنجي ڪتاب Pakistan Eye of Storm ۾ لکي ٿو ته، ”جنرل ايوب خان جي آمريت ۾ سنڌي ٻولي غير سنڌين کي پڙهائڻ جو عمل بند ڪيو ويو. اها ٻولي انگريزن ۽ پوءِ پاڪستان ٺهڻ کان وٺي انهن ماڻهن کي پڙهائي ويندي هئي، جيڪي سنڌ ۾ رهندا هئا، پر سنڌي نه سمجهي سگهندا هئا. ايوب خان کي اسلام آباد مان مقرر ڪيل آفيسرن چيو ته ان ٻولي پڙهائڻ ۽ ان کي سکڻ جي ڪا به ضرورت ناهي. (ڏسو صفحو 118) جناب ذوالفقار علي ڀٽو سنڌي ٻوليءَ جي حيثيت واپس بحال ڪرڻ لاءِ صاف لفظن ۾ چيو ته، ”ان سان اردو جي اهميت نه گهٽبي.“ (ڏسو صفحو 118) ٻولي جا هنگاما ٿيا، فسادن کان پوءِ ٺاپر ٿي ته ساڳي سنڌي ٻولي صوبي جي سرڪاري زبان بنجي وئي. اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڀارت مان آيل آبادين جي ٻارن کي سنڌي سمجهائڻ ۽ سيکارڻ لاءِ سليس سنڌي نصاب لاڳو ڪيو ويو. (تازو ارباب غلام رحيم صاحب جي سرڪار سنڌي ٻولي خلاف جيڪو قدم کنيو آهي، سو ڌيان ۾ رکيو وڃي.)

    سو عوام جي زبان بنيل، عوام جي احساسن جو مجموعو، جناب ذوالفقار علي ڀٽو عوام کي اٽو، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ لاءِ ساڍن پنجين ورهين ۾ جيڪي ڪم ڪري ويو، تنهن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي هن جي تاريخ سازيءَ جا بنياد فراهم ڪيا. شهيد ڀٽي کان اڳ گڏيل هندستان ۾ ديوبند تحريڪ 1867ع، ڪانگريس 1885ع، مسلم ليگ 1906ع، جماعت اسلامي 1941ع، عوامي ليگ 1951ع ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي 1967ع ۾ ٺهيون. ذڪر ڪيل سمورين مذهبي ۽ سياسي پارٽين جي ڄمار ڏسو. ديوبند تحريڪ ڀٽي صاحب جي پار ٽيءَ کان هڪ سئو سال اول، مسلم ليگ 61 سال اول، جماعت اسلامي 6 2 ورهيه اڳ، عوامي ليگ 15 سال اڳ ٺهي چڪيون هيون. انهن ۾ ڪانگريس ڀارت لاءِ، عوامي ليگ بنگالي عوام لاءِ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي موجوده پاڪستان جي عوام واسطي ٺهيون هيون. جڏهن ته مسلم ليگ ڍاڪا، جماعت اسلامي ۽ ديوبند تحريڪ ڀارت ۾ وجود وٺڻ جي ڪري هتي جي عوام ۾ پاڙون نه هڻي سگهيون. اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت جلاوطن آهي. چونڊيل اقتدار تان لٿي ڏهه ورهيه ٿيڻ وارا آهن، انهن ڏهن ورهين ۾ هزارين ماڻهو خودڪشيون ڪري چڪا آهن، لکين ايڪڙ زمين تباهه ٿي چڪي آهي. سنڌ جي نقشي سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي، سنڌي ٻوليءَ کي محدود ڪيو پيو وڃي، سنڌي وسندين جو منهن بلڊوزرن ڏانهن آهي. جنهن سون جو اگهه 6 9 9 1 ع ۾ 6 هزار تولو هيو، اڄ هڪ تولي تي 6 هزار وڌي ويو آهي. هاري ۽ آبادگار جيڪا ڪڻڪ 1996ع ۾ 270 تي کپائيندو هو، سا اڄ رڳو 50 رپيا وڌي آهي. 1996ع ۾ پيٽرول جو هڪ ليٽر 24 رپين ۾ ملندو هو، اهو اڄ 57 رپيا في ليٽر آهي. ڊيزل 9 رپين مان وڌي 36 رپيا، کنڊ جيڪا 8 رپيا سير ملندي هئي، سا 36 رپين ۾ ملي ٿي. ملازمن جون پگهارون نجي کاتن ۾ نه ٿيون وڌن، ڏوهه جي شرح وڌي رهي آهي، نفسا نفسي وڌي رهي آهي. ملڪ ۾ صحت جي حالت جو اندازو ان مان لڳايو ته عمر جي سراسري حد 63 ورهين مان گهٽجي 60 ورهين تي پهتي آهي. رڳو هڪ کاتي جي نااهلي جي ڪري 13 ڪروڙ ماڻهن جي 39 ڪروڙ سال عمر ختم ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن هڪ کاتي جو اهو حال آهي ته ملڪ جي وفاقي سرڪار جا 30 کاتا عوام سان ڇا ڇا نه ڪندا هوندا؟

    اهڙي دور ۾، تاريخ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نياڻي بينظير ڀٽو مٿان وڏا بار وجهي ڇڏيا آهن. هن جي اچڻ کان اڳ حڪمران عوام خلاف خطرناڪ سازشون گهڙي رهيا آهن. عوام جا مسئلا وڌائي رهيا آهن، ترقيون ۽ تعميرات تعصب ۽ ڪيني جي ور چڙهيل آهي. پاڻي سنڌو درياءَ کان پري ڪيو ويو آهي. امن سنڌ جي آس بنجي ويو آهي. ڪنهن واعدي جي تڪميل لاءِ ٽن تلوارن جي روڊ تي بينظير ڀٽو صاحبه جو سفر تاريخ جي ضرورت ٿي پيو آهي، جتي ”نظريهءِ ضرورت“ جي گنجائش نٿي رهي.

    nisarpppsindh@yahoo.co.uk
     
  3. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪراچيءَ جا قديم ڳوٺ ۽ سنڌ دوستيءَ جون دعوائون!



    اڱارو 09 مئي 2006ع

    جڏهن ”مهاجر قومي موومينٽ“ پاڻ کي ”متحده قومي موومينٽ“ ۾ بدلايو هو ته هنن دعويٰ ڪئي هئي ته هاڻي هو ”ملڪي ڌارا جي سياست ڪندا ۽ نسل پرستيءَ جي سياست نه ڪندا.“ نالن جي تبديلي ٿي، پر ”ايم ڪيو ايم“ ساڳي رهي. اوهان ان کي تڪڙ ۾ مهاجر قومي موومينٽ به اچاري سگهو ٿا ۽ متحده به. مون کي اها خبر ناهي ته ايشيا جي ماڊل ڊڪٽيٽر ضياءُ الحق جي وقت ۾ ٺهيل ايم ڪيو ايم ۾ تبديلي ڇو نه ٿي اچي؟ ان جو موقف هوبهو ساڳيو ڇو آهي، جيڪو ان جي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين نظر اچي ٿو؟ مثلن هو سويلين ليڊرن سان ڪڏهن به نٿا ٺهن، ۽ نان سويلين حڪمرانن سان واهه جو جوڙ ڇو ٿا هڻن؟ يا هو جيڪي چون ٿا، ان جي ابتڙ ڪم ڇو ٿا ڪن؟ اهو ساڳيو جملو جنرل صاحب لاءِ به چئي سگهجي ٿو، هو جيئن ۽ جيڪي چئي ٿو، عمل ان جي خلاف ڪري ٿو.

    اسان جڏهن به پڙاڏو سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته، ”سڏ“ جي ور ۽ وائيءَ بابت ضرور سوچينداسين. ٻاجهاري شاعر شاهه لطيف جو ذڪر آيو آهي ته مون کي ايم ڪيو ايم پاران ”جشن لطيف“ خيرپور ۾ ملهائڻ ياد آيو آهي. ڪنهن ڪافر کي به، ”ڪافر“ سڏائڻ جو حق اسان جو شاعر نٿو ڏئي، جو اهو ڪافر سڏائڻ وارو ”ڪفر“ سان به سچو ناهي. سچائي واسطي جنهن انتها کي اسان جو شاعر ڇُهي ٿو، اهو اهڙي دولاب جي مذمت ڪندي چئي ٿو ته،

    ڪوڙو تون ڪفر سين، ڪافر تون مَ سڏاءِ

    سو، في الحال ايم ڪيو ايم پاران ”جشن لطيف“ ملهائڻ واري فيڪٽر جي نه مخالفت ڪري سگهجي ٿي، نه وري مذمت. پر ان پٺيان نيت ڪهڙي آهي، اصل ڳالهه ڇا آهي؟ ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

    ايم ڪيو ايم سنڌ سرڪار جي واڳ سنڀالي ويٺي آهي. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ به انهن جي شهري سرڪار موجود آهي. سنڌ سرڪار اتحادي سرڪار آهي، جنهن ۾ سنڌي، اردو، پنجابي ۽ پشتو ڳالهائڻ وارا پارٽين، تنظيمن، گروپن توڙي فردن جي صورت ۾ موجود آهن. خميس ڏينهن ڪراچي شهري سرڪار ڪراچي شهر جي چانئٺ تي سهراب ڳوٺ وٽ سنڌين جي قديم آباد وسندي ”سڪندر ڳوٺ“ ڊاهي سنڌ سان ”دوستي“ جو نئون باب کوليو آهي. عورتن، مائرن، ڀيڻن، ٻارن ٻڍن لاءِ ڪربلا هئي. هنن جا اجها پٽ پئجي ويا. خميس ڏينهن سڪندر ڳوٺ جو مقدر خاڪ ۾ بدلائي جمعي ڏينهن ”جشنِ لطيف“ پيا ملهائين، جنهن جشن جي نه مخالفت ڪري سگهجي ٿي، نه مذمت.

    ان سنڌ سرڪار ٺهڻ کان اول ايم ڪيو ايم کي جمهوريت جي بحاليءَ جو خيال ٿيو هو. مون کي ياد آهي ته اي آر ڊي اتحاد جو بنيادي دستاويز ايم ڪيو ايم اڳواڻ آفتاب شيخ ٺاهيو ۽ صحيح پاتي. پوءِ مٿان حڪم اچي ويو ته اي آر ڊي سان اختلاف ڪندي چيائون ته، ”جيستائين ان دستاويز ۾ 1940ع جي ٺهراءَ هيٺ خودمختياريءَ جو مطالبو شامل نٿا ڪريو، اسان ان اتحاد ۾ شامل نه رهنداسين.“ پوءِ خودمختياريءَ جي لاش کي ڪلهي تي کڻي اخبارن ۾ آيا. پر ڏسڻ وارن ڏٺو ته هيءَ پارٽي، جيڪا مرڪزي سرڪار ۾ موجود آهي، تنهن جي اجازت سان ”بلوچستان آپريشن“ شروع ٿي ويو. بلوچستان آپريشن جي مخالفت ۾ هڪ ڏينهن انهن ايڏو ته سخت موقف (Stand) ورتو، جو دنيا دنگ رهجي وئي. اعلان ڪيائون ته، ”48 ڪلاڪن ۾ آپريشن بند نه ڪيو ويو ته اسان سرڪار کان الڳ ٿي وينداسين.“ ان الٽيميٽم کي 24 ڪلاڪن ۾ واپس ورتو ويو ۽ بلوچستان خلاف آپريشن اڄ به جاري آهي. ان کان اول ڊاڪٽر شازيه، مائي مختاران جا انسانيت سوز معاملا ٿيا، الٽيميٽم آيا ۽ ويا. سنڌ اسيمبليءَ جي مخالف ڌر پاران ملڪ ۾ ناڻي جي ورڇ لاءِ قائم ٿيل اين ايف سي ايوارڊ لاءِ اسان جي پارٽي اسيمبليءَ ۾ گذريل ختم ڪيل اجلاس ۾ داخل تحريڪن کي ملائي 15 ڀيرا 300 تحريڪون آفيس ۾ جمع ڪرائي ايوان ۾ بحث لاءِ رکڻ جي گذارش ڪئي. تنهن دور ۾ ناڻي جي وزارت ايم ڪيو ايم جي سردار احمد صاحب وٽ هئي. هن اين ايف سي لاءِ موقف رکيو ته، ڇو نه مخالف ڌر جي ان تحريڪ سان اسان به پنهنجي آواز کي ملايون ۽ گڏيل رٿ پيش ڪريون، اسان ان جي حامي ڀري. سردار صاحب ڪيترا ڀيرا سنڌ سان ”ناانصافي نه ٿيڻ“ جي دعويٰ ڪئي. هن جي وزارت بدلجي وئي. ايم ڪيو ايم جو موقف به بدلجي ويو. سنڌ کي هڪ سئو اربن جو نقصان ڏئي صوبي ۽ مرڪز ۾ ويٺل هن پارٽيءَ ”سنڌ دوستي“ جي اها تقاضا به پوري ڪري ڇڏي.

    هڪڙي ڏينهن ڪراچيءَ ۾ پاڪستان نيوي جي سنڌي ٽيڪنيشن کي اول اغوا ڪيو ويو، پوءِ ان جي سيني تي خنجر سان پارٽيءَ جو نالو لکيائون. مقصد اهو هو ته 80 ڄڻن ۾ هڪ سنڌي به اتي ڇو آهي، تنهن کي هراسان ڪجي، تنهن کي دهشت زده ڪجي. هڪ ڏينهن اهو ٽيڪنيشن نئين ديري پنهنجي ماءُ پيءُ وٽ پهچي ويو. پوءِ سڄي گهر کي خنجر جي نوڪ سان سمجهايل ”سنڌ دوستي“ سمجهه ۾ اچي وئي.

    اڄ جانور بک ۾ پاهه پيا ٿين، ڪراچي سميت سنڌ جي ٻهراڙين ۾ پيئڻ جي پاڻيءَ جو به قحط ٿيندو پيو وڃي، ٺٽي جون ٻه لک ايڪڙ زمينون سوڪهڙي جو نانگ سنگهي ويو آهي. سنڌو درياءُ لوڻياٺو ٿي رهيو آهي، پاڻيءَ جي کوٽ کي ڊاڪٽر ارباب رحيم انتظامي ناقصي پيو ڪوٺي. پر جمعي ڏينهن واري ”ڪاوش“ ۾ سنڌو درياءَ ۾ ڇڏيل پاڻي گهٽ ڏئي گهڻو ڏيکارڻ واري هيرا ڦيري ظاهر ٿي آهي. آئين کي اورانگهي ”گريٽر ٿل ڪينال“ ٺاهيو پيو وڃي. 2016ع تائين سڄي سنڌ سڪائي تباهه ڪري سنڌي قوم کي محتاج قوم ۾ بدلائڻ جون خطرناڪ سازشون ۽ عمل جاري آهن. مرڪز ۽ صوبي ۾ ايم ڪيو ايم ۽ ان جي اتحادين جي سرڪار آهي. جتوئي صاحب به گڏ، پير پاڳارو به هر حال ۾ حمايتي، پپو شاهه، سرڪي، مروت، مهر سردار، امتياز، ڄام، ڄاموٽ، حميده کهڙو صاحبه به ان جا حامي لڳا پيا آهن. ان ڪالاباغ ڊيم ۽ گريٽر ٿل ڪينال لاءِ به اسان جي ايم ڪيو ايم جو اهو ئي موقف آهي، جيڪو اڄوڪي سرڪار جو. ناڻي زمين سان سنڌ جي سڄڻائپ کانپوءِ باقي ڪسر سنڌو درياءَ ۾ ملندڙ پاڻيءَ جي لپ لاءِ به ”ڪجهه نه“ ڪرڻ لاءِ تيار آهن.

    اڄ متحده ٻهراڙين ۾ جهنڊا پئي هڻائي. اڄ ريليون ۽ مشعل بردار جلوس پيا نڪرن، جشن لطيف پيا ملهائجن، جن جي نه اسان مخالفت ڪري سگهون ٿا، نه ئي مذمت. پر مهاجر قومي موومينٽ مان تبديل ٿيل متحده قومي موومينٽ جي ترجمان ليٽر پيڊ تي چئن ستارن (صوبن) بدران ساڳيا ئي پنج ستارا موجود آهن. هنن جي پيڊ تي اڄ به ”جيئي مهاجر“ لکيل آهي. جمعي ڳوٺ، سڪندر ڳوٺ، انڙ بهراڻي ڳوٺ ۽ ٻيا سوين هزارين مقام، قبرستان، نقشا، نديون، گاديون ۽ مزارون سرڪاري طاقت جي زور تي فتح ڪيون پيون وڃن. اهڙي حالت ۾ خيرپور ۾ جشن لطيف ملهايو ويو، جنهن تي مون کي آڪاش عجب جهڙ ي سٽ ياد اچي وئي ته،

    ڌرتي لطيف جي قدمن هيٺان کسڪي پيئي،

    ۽ اسان مزارن تي چڙهايون چوليون ويٺا،

    اڃا به پاڻ کي ڳوليون ويٺا!
    nisarpppsindh@yahoo.co.uk
     
  4. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    سنڌ جي دل ڪراچيءَ کي ڪير بچائيندو؟



    اربع 16 مئي 2007ع

    جڏهن سرحد صوبي ۾ ڪراچي ۾ بي گناهه قتل ٿيندڙ ماڻهن جا لاش دفنائڻ کانپوءِ اتان جا ٻريل ۽ مڇريل ماڻهو اعلان ڪن ٿا ته، ”انهن مان“ جيڪو به اٽڪ پل ڪراس ڪري ته انهن جون ڄنگهون ٻانهون ڀڃي ڇڏينداسين.“ تڏهن ماڻهو ”انهن مان“ جو مطلب سمجهي وڃن ٿا ته اها چڙ ۽ غصو ڪنهن جي لاءِ آهي. اوهان جڏهن هڪ نجي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ فون ڪندڙ حبيب ڪمبوهه جو اهو ڪمزور ۽ ڊڄندڙ اواز ٻڌو ٿا، جنهن ۾ هو صاف لفظن ۾ چئي ٿو ”معنيٰ ته جيڪڏهن سڀاڻي ”هو“ چاهين ته پوءِ آرمي چيف به ڪراچي نه اچي سگهندو، ڪو وزير اعظم به نه اچي سگهندو.“ ان عمل مان هو صاف صاف ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو ڪراچيءَ کي پنهنجي ”رحم ڪرم“ تي رکڻ چاهين ٿا. جڏهن اسلام آباد جا صحافي ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار پاران ٽي وي چينل تي مسلسل فائرنگ ۽ تشدد جي معافي کي قبول نٿا ڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي ان پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪن ٿا ته سندن بائيڪاٽ مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هو ان سڄي واقعي ۾ اهم ذميدار ڪنهن کي سمجهن ٿا؟ جڏهن بي بي سي پاران اهو ليٽر ميدان ۾ آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته، ”12 مئي تي ڪنهن به پوليس واري کي ڪو به هٿيار کڻڻ جي اجازت نه هوندي“، ته ان ليٽر مان ماڻهو اهو نٿا سمجهن ته ڪو اهو آءِ جي لکيو هوندو، پر ماڻهن کي اصل ڌر جي خبر پئجي وڃي ٿي، ڇو ته هنن جي باري ۾ ته اڳوڻو آءِ جي سڀ ڪجهه ٻڌائي ويو آهي. آءِ جي سنڌ مسٽر جهانگير مرزا ڪي ٽي اين تي انٽرويو ۾ ذوالفقار ٻگهي کي صاف لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته، ”ايم ڪيو ايم وارا پاڻ کي ملڪ جو صدر به سمجهن ٿا، وزير اعليٰ به، آءِ جي به، پوليس به ۽ سڀ ڪجهه به...“ پوءِ ان جي سزا ۾ مسٽر ٻگهئي سان ٻه هٿ ڪري ڏيکاريائون ته اسان سان جيڪو ”کنئونس“ ڪندو، ان جو حال اهڙو ڪنداسين. يا بي بي سي واري مسعود عالم 12 مئي بابت ٻڌايو آهي ته، ”رات جو سڄي شاهراهه فيصل جي سوين لنگهن تي وڏا ٽينڪر بيهاري، انهن مان رات جو ئي هوا ڪڍي انتظام اهڙو ڪيو ويو، جئين ڪا موٽر سائيڪل به نه لنگهي سگهي...ڏينهن جو وري انهن ٽينڪرن کي باهيون ڏئي اهڙو انتظام رکيو ويو، جيئن ڪو پيدل ماڻهو به نه اچي سگهي...ٽولين کي هٿيار ڏئي هڪڙا ايئرپورٽ تي چيف کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اتي مقرر ڪري ڇڏيائون...ٻيا ويا هاءِ ڪورٽ...وڪيلن جا مٿا ڦاڙي انهن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنائون...ٽيان موڪليائون شاهراههِ فيصل جي پلين مٿان...انهن ڇا ڪيو، مسلسل فائرنگ ڪئي...هڪ نجي ٽي وي چئنل تي 6 ڪلاڪ فائرنگ ڪئي وئي. هو ٽريننگ يافتا پئي لڳا...ايستائين جو ماڻهو اندر بند ۽ هٿياربند آزاد هئا، سندن رسد به جاري هئي.

    هڪ ٻي اهم ڳالهه اسان جي چيف منسٽر جو جملو به غور طلب آهي ته، ”مون کين ريليءَ کان جهليو، پر هو نه مُڙيا“ ان جو مطلب ته اهو آهي ته ارباب جهڙي ماڻهو ته ريليءَ کان اول اها ڳالهه خراب سمجهي هئي. ان جو مطلب هيءُ به آهي ته اسان کي اول ئي انهن جي سموري ڪرت جو احساس هيو، سڄي ملڪ ۾ هڪ ايم ڪيو ايم ۽ ٻيو صدر جنرل پرويز مشرف هڪٻئي کي ان جلسي تي مبارڪون پيا ڏين. باقي سڄو ملڪ پاڻ کي مارجي ويلن جو وارث پيو سمجهي. هنن جو نعرو آهي، ”سب سي پهلي پاڪستان“ شايد تشدد ۽ سزا لاءِ! هنن جي لاءِ جيڪي به عام انساني قدر آهن، اهي ٻئين درجي جي حيثيت رکن ٿا. هن ملڪ ۾ مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروپ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري عملدار ۽ ڪارندا پنهنجا پنهنجا مفاد ۽ مطلب حاصل ڪندا آهن. سندن اهي مطلب پنهنجي سياسي ۽ غير سياسي گروپن جي حياتي وڌائڻ لاءِ هوندا آهن. سندن اهي مطلب سندن هٿياربند طاقت جي حساب سان پورا ٿيندا آهن، يعني جيتري طاقت اوتري منافعي ۾ شراڪت. گذريل ڪيترن سالن کان هن ملڪ ۾ بنا نالي جنهن ڪارڊ جي استعمال ۾ رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن، تنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي. ان ڪارڊ جو نالو آهي: ”ڪراچي ڪارڊ“. ان ڪارڊ ۾ انساني ”رت“ جي ”ر“ ۽ قانون ۽ امن ۾ ”رخنو“ وجهندڙ ”ر“ وسيلي نوان نوان ”رڪارڊ“ ٺاهيا ويندا آهن. اهڙي طرح ڪارڊ جي طاقت تي نوان نوان ”رڪارڊ“ ٺاهيا ويندا آهن. ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ان ڪار ڊ جيڪي ڪرامتون ڪري ڏيکاريون آهن، تنهن تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو به تيار ڪونهي.

    جنرل ضياءُ الحق ان گروپ جي نرسريءَ جي اوائلي ٻوٽن کي تاتي وڏو ڪيو، ان گروپ کان ٽوٽل لساني ڪم ورتئين. پنهنجي اقتدار جي ڊيگهه واسطي هن ساڻس سمورن ماڻهن سان جهيڙو ڪرايو، ڪراچي شهر، جيڪو پاڪستان جي ”واپاري شهه رڳ“ آهي، تنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي هئڻ جو فائدو وٺي کين طاقتور بنايو ويو. اهڙي طرح پهريون ڀيرو جنرل ضياءَ ۽ ايم ڪيو ايم ”ڪراچي ڪارڊ“ کي بنا عنوان جي استعمال ڪيو. هن مهل هو اسلام آباد جي جلسي جي جنرل صاحب کي مبارڪ پيا ڏين ۽ جنرل صاحب وري کين ڪراچي ۾ ڪاميابيءَ جي مبارڪباد پيو ڏئي.

    ڪنهن ظفر الله خان جمالي کان پڇيو ته، هنن کي سنڌ جي سرڪار ڇو ڏئي ڇڏي اٿوَ؟ تنهن تي اسان جي مهربان وزير اعظم فرمايو هو ته، ”هنن امن امان رکڻ جي گارنٽي ڏني آهي، تنهن ڪري ڪراچي جي سرڪار هنن وٽ آهي.“ 12 مئي تي، مون پنهنجي اکين سان تنهن ڏينهن جلوس جي اڳين گاڏين ۾ هوندي سڀ ڪجهه پنهنجي اڳيان ٿيندي ڏٺو هو. مون جيڪو بيان ڏنو هو ته، ”ايئن پئي لڳو ڄڻ ته هو سڌيون گوليون هلائي پکين جو شڪار ڪندا هجن.“ اهو ڪو سياسي بيان نه هيو، اهو اکين ڏٺو مشاهدو هو. مون پنهنجي سڄي ڄمار ڪنهن به زرينا جي والد کي ايئن مارجندي نه ڏٺو هو. مون اڳي دهشتگردي ٻڌي هئي، انهن جي ستايلن وٽ عذرخواهيون ڪيون هيون، انهن سان ڏکن ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر مون بنا ساهي هلندڙ انسان ماريندڙ بندوقون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. ڀلا، سڀاڻي جيڪا به ڪميشن ويهي، (ضرور اعلان ته ڪندا) ان کي اها جاچ ڪرڻ جي وڌيڪ ڪهڙي گهرج آهي ته بندر روڊ تي ايم ڪيو ايم جي ريلي بدران شاهراههِ فيصل تي ايئرپورٽ ويندڙ ريلي جا ماڻهو قتل ڪيئن ٿيا؟ ڇو ٿيا؟ ڪنهن ڪيا؟ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو مفاد پرست ”منٿ ميڙ قافلو“ پيدا ٿئي، جيڪو صحافين کان، مري ويلن جي عزيزن کان، ۽ ميڊيا کان معافي وٺي ڳالهه درگذر ڪري پاڻ مٿان آيل بار ۽ وزن گهٽائي. اهو سمجهيو ته ماريندڙ ۽ منٿ ميڙ جو ڪم ساڳيو آهي.

    سو سنڌ جي دل، مورڙئي جو ماڳ، عبدالله شاهه غازي، ملير، ڪلفٽن، منگهو پير، اسان جا ٻيٽ، اسان جو عوام، سنڌي، بلوچي، اردو، پنجابي، پشتو ڳالهائڻ وارو عوام خطري ۾ آهي. ڏکڻ ايشيا جي هن ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ جي حفاظت اسان سمورن ماڻهن جو فرض آهي. ان تي ويهي رهڻ، ڪجهه نه ڪرڻ، ڪجهه نه سوچڻ ۽ پنهنجا ٽپڙ تين وال ٿيندو ڏسي، سڀ ڪجهه ”قسمت“ جي چڪرن جي حوالي ڪرڻ جو ٽائيم پورو ٿيو. منهنجي سنڌ جي سمورن اديبن، صحافين، قلم ڌڻين، سياسي ورڪرن، سمورين وطن دوست، سنڌ دوست، عوام دوست ڌرين کي اپيل آهي ته سنڌ مٿان هي سڀ کان نازڪ گهڙي آهي. ترقي ۽ حقن جي نالي ۾، روشن خيالي ۽ ملڪ بچائڻ جي نالي ۾ سنڌ جي دل کي هڪ وڏي شڪار گاهه ۾ بدلائڻ جون ۽ هتان جي عوام کي شڪار ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. منهنجي خواهش آهي ته اهي ڌريون، جيڪي به سنڌ جي دل ڪراچي بچائڻ چاهين ٿيون، اهي گڏ ٿين. اهي گڏجي فصلو ڪن. اهي ملڪ جي ان ڪاروباري مرڪز ۽ سنڌ جي اڪيلي پورٽ کي بچائين.

    nisarpppsindh@yahoo.co.uk
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ويساهه گهاتيءَ سان ماريل عوامي ويساهه جي علامت!




    جمع 18 جنوري 2008ع



    ڪنهن وڏڙي جي قضئي تي ان جي اولاد، يا ڪنهن اولاد جي موت تي ان جا والدين جيڪي پار ڪڍن ٿا، ان جي وڇوڙي جو سوچي سوچي جيئن بيحال ٿين ٿا، تيئن اهي ان مري ويل جي موت جا سبب سڏڪن ۾ ٻڌائيندا رهن ٿا. ”ها ادا بس الله سائين جي مرضي هئي، جوان هيو، گڙدن جو مرض ماري ويس.“ يا ڪنهن کي اوچتو دل جو سور پوندو ته ماڻهو ان اوچتي لاڏاڻي کي الله جي منشا سمجهي روئي پٽي آهستي آهستي وري پنهنجي ڪم ڪار سان لڳي ويندا آهن. پر مان پنهنجي اڳواڻ، ٻه دفعا وزيراعظم رهندڙ، شهيد ڀٽي جي نياڻي، پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي قتل وسيلي شهادت کي ائين نٿو سمجهان. اهو هتان جي قاتلن جو ڪم آهي. الله سائين ڪنهن به انسان جي قتل کي ڪنهن به معنيٰ ۾ ۽ ڪنهن به حالت ۾ جائز ۽ بخشڻ قابل نه ٿو سمجهي، ان ڪم کي ڪڏهن به معاف نه ٿو ڪري. قاتل پاڪستاني هجي، يا غيرپاڪستاني، اهو الله تعاليٰ جي درٻار ۾ ناقابلِ معافي آهي.

    اسان سمورا ماڻهو، جيڪي محترمه سان سکئي ۽ ڏکئي دور ۾ گڏ رهيا آهيون، انهن سڀني لاءِ اهو تمام وڏي انسان جو قتل اسانجي سمورين خواهشن، آئيندي واسطي آئيڊياز، پاڪستان ۾ سک، امن، خوشحالي ۽ رواداري توڙي جمهوريت جو قتل آهي. ڄڻ ته 2000 ورهيه پراڻو سماج هجي، جتي ماڻهو سياسي طور پڄي نه سگهي، يا مقابلو نه ڪري سگهي ته پنهنجي مخالف کي ڪوڙ ۽ دوکي سان مارائي ڇڏي. اهي قاتل جا روادار هجن ها، باظرف هجن ها، باوصف هجن ها، جمهوريت پسند هجن ها، آمريت جا انڪاري هجن ها ۽ ان جا دلال ۽ زرخريد غلام نه هجن ها ته اسانجي ليڊر ۽ چيئرپرسن صاحبه قتل نه ڪئي وڃي ها ۽ ساڳي محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ٽيون ڀيرو به وزير اعظم ٿي پنهنجي جمهوريت ۽ عوامي آزادي جا نوان رڪارڊ قائم ڪري ها. جنهن تمام وڏي ليڊر جو قتل ڪيو ويو آهي، اها اسان جي يادن جو وڏو ۽ زرخيز سرمايو آهي. هن جون هزارين ڳالهيون، هدايتون، هيءُ ڪريو، هيءُ نه ڪريو، هيڏي وڃو، هن سان ملو...پر هن سان نه ملو، فلاڻو بيان فلاڻي جي نالي سان ڏيو، فلاڻي ليڊر کي صاف لفظن ۾ نياپو ڏيو ته، ”بي بي جو خيال هي آهي“ فلاڻن فلاڻن صحافين سان ملڻ گهرجي، انهن کي فلاڻيون ڳالهيون بنا دير سمجهائڻ گهرجن ته جيئن اهي اصل ڳالهيون بنا نقصان جي سمجهي وڃن. وڪيلن، اديبن، شاگردن، عورتن، هارين ۽ ليبر جا محاذ ڪم گهٽ ڪن ٿا، اهي ڪيئن وڌائڻ گهرجن. اهڙيون ۽ ٻيون تمام گهڻيون ڳالهيون.

    4 اپريل 1997ع

    هر سال جيئان شهيدِ قائد ذوالفقار علي ڀُٽي جي ورسي ملهائڻ لاءِ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ايندي هئي. 4 اپريل تي ”ڀٽو هائوس“ ۾ دانشورن، شاعرن ۽ اديبن سان نشست رکي ويندي هئي، اتان محترمه ڳڙهي خدا بخش ڀٽو جي قبرستان پهچي پنهنجي شهيد والد ۽ شهيد ڀائرن جي مزارن تي گل رکي وري مشاعري ۽ سياسي نشست ۾ موجود هوندي هئي. شام جو پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جو اجلاس سڏائي نيون راهون ۽ نوان طريقا سوچيا ويندا هئا.

    4 اپريل 1997ع تي شهيد ڀٽي جي 18 هين ورسي نه رڳو منفرد ۽ اهم ورسي هئي، پر اها پيپلزپارٽي سان هڪ خطرناڪ کيڏ کان پوءِ ٿيندڙ ورسي هئي. ان ورسي کان ست مهينا اڳ 20 سيپٽمبر 1996ع تي شهيد ڀُٽي صاحب جو وڏو فرزند شهيد ڪيو ويو هو. پارٽي جا مخالف ان سازش ۾ ڪامياب ويا هئا ۽ هنن ”هڪ ڀُٽو قتل ڪرائي، ٻئي ڀُٽو کي اقتدار کان الڳ ڪريو“ واري پاليسي تي عمل ڪري ڇڏيو. محترمه ۽ سموري پارٽي مير جي قتل تي نه رڳو پريشان ۽ ڏکاري هئي، پر هن کي هر گهڙي ان قتل جي اصل سببن جانچڻ جي اون هوندي هئي. هوءَ هر گهڙي پنهنجي ان ڳالهه کي ورجائيندي هئي ته، ”مون کيس ان ڪري ملڪ ۾ واپس اچڻ کان جهليو هو.“ ڪنهن به قاتل کي پڪڙڻ بدران هنن وڏي سازش جي اسڪيم نمبر ٻه تي عمل ڪندي محترمه جي ڀُٽو فيملي ۾ شگاف وجهڻ واسطي سندس ور آصف علي زرداري جي خلاف طوفانن کان به تيز پروپيگنڊا شروع ڪرائي ڇڏي. پنهنجي ڀاءُ جي قتل ۽ قاتل جي نشاندهي واسطي محترمه اسڪاٽلينڊ يارڊ وارن کي گهرائي انهن کان شهيد ڀاءُ جي جانچ ڪرائي، پر جيئن ئي پ پ پ سرڪار ختم ڪئي وئي ته اهي جانچون به ختم ڪرائي انهن ٽيمن کي واپس موڪليو ويو.

    رات جو دير سان پارٽي اليڪشن جو رزلٽ ڏسي محترمه مون کي چيو هو ته، ”مخدوم صاحب سنڌ صدارت لاءِ سڀ کان وڌيڪ ووٽ کنيا آهن، پر هو سنڌ جي صدارت نه ٿو وٺڻ چاهي. تنهنجو پنهنجي باري ۾ِ ڇا خيال آهي؟“ سندس اهو سوال ڇپ کان ڳرو هو، پارٽي صدارت جي وزن کان به وڌيڪ. منهنجي ذهن ۾ پراڻا صدر عبدالوحيد ڪٽپر، جتوئي صاحب، مخدوم خليق، هزار خان بجاراڻي وغيره ڦري آيا. مان جيتوڻيڪ اليڪشن جو اميدوار نه هيس، پر محترمه جي سواليه مرضي ڏسي مون ”ها“ ڪئي. ٻئي ڏينهن اخبارن ۾ منهنجي صوبائي صدارت جو ٻڌي سئو سيڪڙو ماڻهو حيران ٿيا هئا ته لاڙڪاڻي جي کهڙي کي ايڏي وڏي ذميداري ڪيئن ڏنائين؟ منهنجي ذهن تي اڪثر ڪري منهنجي چاچي مرحوم خانبهادر محمد ايوب خان کهڙي جي سنڌ سان ڪيل ويڌن ياد رهي ٿي. الله کان پناهه به گهرندو آهيان ته اهڙو مون کي ته ڇا، پر ڪنهن کي به نه ڪري. جيتوڻيڪ منهنجي والد جي وفات سبب خانبهادر صاحب مون کي ننڍي هوندي کان پاليو هو، پر سندس ان ”ذاتي“ مهرباني جي ڪري ”قومي ڏوهه“ کي وساري نٿو سگهجي. ان ڪري پيپلز پارٽي جي صوبائي ڪمان ملڻ ڪري منهنجي ذهن تي سنڌ سوار رهي ۽ مون سمورن صوبائي صدرن کان گهڻو ڪم ڪري پيپلزپارٽي کي عوام سان ڳنڍڻ جو ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن لاءِ محترمه شهيد مون کي 5 اپريل 1997ع تي نئون ديرو ۾ مقرر ڪيو هو.

    10 جولاءِ 1997ع بلاول هائوس ڪراچي

    صبح جي پهر تي ڪالاباغ ڊيم خلاف جوڙيل ”اينٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ“ جا اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو صاحبه پاران چانهه جي دعوت تي سڏايل هئا. رسول بخش پليجو، اجمل خٽڪ ، قادر مگسي، ايڊوڪيٽ يوسف لغاري وغيره موجود هئا. اجمل خٽڪ محترمه کي ٻڌايو ته، ”خان عبدالولي خان اٽڪ پل تي پاڻ کي کٽ تي کڻائي ايندو.“ ٻين ليڊرن ان اشوءَ تي محترمه کي الاهي تفصيل ڏنا. اوچتو انهن ليڊرن جي هٿن تي رکيل ساسر چانهه جي ڪوپن سميت لرزش ۾ اچي وئي، جڏهن شهيد محترمه چيو ته جيڪڏهن پيرسن ولي خان پاڻ کڻائي جدوجهد ڪري سگهي ٿو ته مان ته اڃا جوان آهيان، ايئن چئي هن اعلان ڪيو هو ته، ”سنڌ-پنجاب بارڊر ڪمون شهيد تي ڊئم مخالف ڌرڻي جي اڳواڻي مان پاڻ ڪنديس.“ هنن مون تي خاص مهرباني ڪندي انهن اڳواڻن جي روبرو انگريزي ۾ چيو هو: Nisar , I follow you, (نثار! مان تنهنجي ڳالهه مڃيان ٿي). ٻنپهرن جو محترمه ڪراچي پريس ڪلب ۾ اها تاريخي پريس ڪانفرنس ڪندي ان ڊئم جي بنيادن کي هميشه لاءِ کوکلو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ڪيل واعدي هيٺ سنڌ-پنجاب بارڊر تي ڪمون شهيد وٽ تاريخي ڌرڻو هڻي هن سنڌو درياءَ جي بچاءَ واسطي پنهنجي تاريخ رقم ڪري ڇڏي هئي.

    دبئي آڪٽوبر 2007ع

    محترمه بينظير ڀٽو صاحبه 18 آڪٽوبر تي جلاوطني ختم ڪري وطن واپس اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو. اسان سڀ تيارين ۾ لڳل هئاسين. هڪڙي ڏينهن اسان کي دبئي ۾ سڏ ٿيو ته اسان استقبال جي تيارين جي سلسلي ۾ اوڏانهن وياسين. پنجاب، سرحد ۽ بلوچستان مان به مرڪزي عيوضي آيا هئا. استقبال جي باري ۾ مون محترمه کي ايترو چوڪس نه ڏٺو، جيترو کيس هجڻ گهرجي ها. فطري طور هن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. پر هن جي سموري رٿابندي ۾ هرگهڙي اها ڳالهه هئي ته، ”جنهن گاڏيءَ ۾ مان هونديس، ان ۾ مون سان گڏ ڪوئي به نه هوندو.“ اسان سندس اها ڳالهه ٻڌي اول چپ ۽ پوءِ مڪمل احتجاجي ٿي وياسين. اسان محترمه کي چيو ته اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته ان استقبالي گاڏيءَ تي رڳو اوهان هجو؟ اها ڳالهه ماڻهن کي سٺي نه لڳندي. محترمه ان تي پنهنجي لاجڪ کان آگاهه ڪندي چيو ته، ” ان استقبال ۾ مون تي حملو به ٿي سگهي ٿو، پارٽي جي باقي قيادت کي بچڻ گهرجي.“

    اسان اها ڳالهه ٻڌي ويتر ضد ڪيو ته پوءِ جيڪڏهن حملو ٿئي ٿو ته اوهان تي اڪيلي سر ڇو ٿئي؟ اسان جي ان ضد کي ڏسي هن فيصلو ڪيو ته، ”ايئرپورٽ کان هر ٻن ٽن فرلانگن لاءِ گاڏيءَ ۾ پنجن پنجن جو گروپ مون سان گڏ هوندو ۽ هر ٽن فرلانگن کان پوءِ اهو گروپ تبديل ٿيندو.“ پيپلزپارٽي جي رواج پيل ڪلچر جي خلاف اها ڳالهه ٻڌي اسان سڀ چپ ٿي وياسين. ان چپ جي ماحول کي محترمه جي اڳين جملي ٽوڙيو، جڏهن هن چيو هو ته، ”اها انهن جي بدنصيبي چئبي، جيڪي مون سان گڏ حملي ۾ شڪار ٿيندا“ ان ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ مون کي ”مشرف ڊيل“ جي خطرناڪ پروپيگنڊا ۽ محترمه پاران امڪاني جاني نقصانن واري احتياط ڪنفيوز ڪري ڇڏيو. مان دبئي مان منجهيل منجهيل موٽي آيو هوس.

    27 ڊسمبر تي شام جو عوامي جلسي ۾ خطاب ڪندي محترمه بينظير ڀٽو اوچي ڳاٽ عوام سان خوشيون ۽ مرڪون ورهائيندي اڪيلي سر پنهنجي جان ڏئي عوام جي پارٽيءَ کي بچائيندي پاڪستان لاءِ شهيد ٿي وئي. سندس شهيد ٿيڻ کان پوءِ 40 منٽن تائين گهرو وزارت اهو اعلان ڪندي رهي ته ”محترمه بينظير ڀٽو مڪمل محفوظ آهي، بم ڌماڪي مهل هوءَ جلسو ختم ڪري وڃي چڪي آهي.“ ان سان ان وقت به ويساهه گهاتي ڪئي پئي وئي. ايئن ئي جيئن ملڪي تاريخ ۾ ڀٽو فيملي سان اسٽيبلشمينٽ ويساهه گهاتيون ڪندي آئي آهي.

    nisarpppsindh@yahoo.com
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    بينظير: جنهن جو غم اڄ به تازو آهي!

    ڇنڇر 27 ڊسمبر 2008ع

    محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جلاوطن هئي يا ان کان اڳ پنهنجي وطن ۾ هن پنهنجي ساهه جي تند عوام سان ٽاڪي ڇڏي هئي. جلاوطني کانپوءِ هن جو قتل عوام سان سندس تند ٽوڙڻ جو سانحو آهي. عوام دشمن اهو لاڳاپو برداشت ڪرڻ کان انڪاري هئا ۽ محترمه وري عوام جو ساٿ ڇڏڻ کان انڪاري هئي. ٻنهي طرفن کان “انڪار” اصل ۾ اها لڙائي آهي جيڪا جمهوريت ۽ آمريت جي وچ ۾ اڄ تائين جاري آهي، جنهن لڙائي ۾ هڪ پيءُ ۽ ان جي ڌيءُ پنهنجي جان ڏيڻ جي اقرار کان پري ٿي نه سگهيا، پنهنجي زندگي لازوال بنائي آمريت تي ڪارنهن جو هڪ وڌيڪ داغ هڻي ويا. جيستائين به سياست جو سفر رهندو انهن شهيدن جو ذڪر ڪروڙين ماڻهن جي زبانن تي رهندو. اهي ڪردار اهڙا هئا، جهڙو ٻيو ڪو ٿي نه سگهيو:

    مٽي ان خمير اصل هئي ايتري

    (ڀٽائي)

    منهنجي سيني مٿان پارٽي تي حاوي طوفاني دور ۾ صوبائي صدارت جو نشان لڳائي هن اميد ڪئي ته مان سندس نام ۽ نيڪي کي اوچو رکان، عوام سان ويساهه گهاتي نه ڪريان، عوام جي وچ ۾ رهان ۽ سنڌ جي باري ۾ سڄي سنڌ کي گڏ ڪريان. هڪ ڀيري مون کين چيو ته ”جيڪڏهن اجازت هجي ته ڪا چڻنگ دکائجي ۽ ملڪ ملير ڪجي.“ مون کي چيائين ته ”جيڪي توکي چڻنگون ٻارڻيون آهن تنهن لاءِ بسم الله ڪري ڇڏ.“ مون بسم الله ٻڌي الله توهار ڪري سنڌ جي چونڊ پارٽين جو ميڙ ڪوٺائي ان ۾ ”ڪالاباغ ڊيم“ جهڙي اجگر بلا هٿان هر روز زخمي ٿيندڙ سنڌ کي بچائڻ واسطي ”ائنٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ“ ٺاهي سنڌ جو دورو ڪيو ۽ ڪيئي پارٽيون ۽ گروپ گڏ کنيا. عوام کي گڏ ڪيو، عوام جي مدد سان بحران ۾ ڦاٿل پارٽي کي گهيرن مان ڪڍي ان کي سڌي ميدان تي آندو. اسان نه مينهن ڏٺو نه واچ، نه طوفان نه برساتيون، جيڪي آيا سي پنهنجا ڪري ان بلا خلاف جدوجهد کي تيز ڪيو. جدوجهد هلندي ان هنڌ پهتاسين جتي مرحوم خان عبدالولي خان اعلان ڪيو ته سنڌ وارن جي ان جدوجهد ۾ هو پڻ گڏ آهي ۽ 1997ع تي اٽڪ پل تي پاڻ کي کڻائي اڳواڻي ڪندو. 30 جولاءِ 1997ع تي محترمه بلاول هائوس ۾ ڪالاباغ ڊيم مخالف پارٽين جو اجلاس ڪوٺايو. اجلاس ۾ اجمل خان خٽڪ، رسول بخش پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، يوسف لغاري ۽ ٻيا موجود هئا. محترمه چيو ته ”عمر جي هن حصي ۾ جيڪڏهن خان ولي خان صاحب پاڻ کي بيماري جي حالت ۾ اٽڪ پل تي آڻي ٿو ته مان پنهنجي پيرن تي بيهي ”ڪمون شهيد“ وٽ ڌرڻي جي اڳواڻي ڪنديس“ ڄڻ ته اها به ڪالهه جي ڳالهه آهي. مون نوٽ ڪيو ته اها ڳالهه ٻڌڻ سان موجود ليڊرن جي هٿن ۾ ساسر تي پيل ڪوپ سندن نبض کان تيز هلي ڏڪي رهيا هئا. هن منهنجي عزت افزائي ڪندي چيو، Nisar ! I follow you (نثار آئون تنهنجو چيو ڪريان ٿي.) شام جو محترمه پريس ڪلب ڪراچي ۾ اهو تاريخي اعلان ڪيو هيو. 10 آگسٽ 1997ع تي سنڌ پنجاب جي دنگ تي گرمي ۽ سج پنهنجي عروج تي هئا، لکين ماڻهن جي سمنڊ کي 52 ڊگري جي گرمي ڪجهه نه ڪري سگهي هئي، جنهن کي گاڏي ملي، سو گاڏي تي آيو جيڪو پنڌ هلي سگهيو، سو پنڌ پهتو. محترمه کي آخري تقرير ڪرڻي هئي، سج پنهنجي ڪوشش ۾ ناڪام ٿي چڪو هيو، محترمه جهڙي نفيس ۽ نازڪ ليڊر عوام سان گڏ موجود هئي. جڏهن پاڻ تقرير ڪرڻ لاءِ اسٽيج تي پهتي ته آسمان تي هلڪي اوندهه ۽ گرمي جو ساڳيو اثر موجود هيو. هن ٻه منٽ به نه ڳالهايو هو ته ڪري پئي، سندس بيهوش ٿيڻ اسان کي موت جي ويجهو بيهاري ڇڏيو. پر پاڻي جي هڪ گلاس پيئڻ ۽ هٿ جي وڃڻي جي هوا تي وري سامت ۾ اچي هن پنهنجي تقرير جاري رکي. اکٻوٽ ۾ اها بيهوشي ۽ وري عوام سان گڏ هجڻ جي اها ياد اسان جي دماغن ۾ موجود آهي. اها 11 سال اڳ جي نه ڄڻ ته ڪالهوڪي ڳالهه آهي.

    جلد ئي محترمه کي معلوم ٿي چڪو هو ته سڄي دنيا ۾ هن خلاف سازشن جو هڪڙو ڄار اڻجي رهيو آهي. ملڪ قيوم جهڙا جسٽس پنهنجي ڪرت ۾ لڳا پيا هئا، تن محترمه کي پنهنجي وطن کان بيدخل ڪرڻ جهڙا ڪم ڪرڻ لاءِ قانون ۽ انصاف جو ٻيڙو ٻوڙي سياسي مخالفت کي ”انڌي انتقام“ ۾ بدلائڻ جا پلان تيار ڪري ڇڏيا هئا. آصف علي زرداري ته سندن قيد ۾ هيو پوءِ به ان تي ”غير حاضري“ جو الزام هڻي ان کي سزاوار ڪيو ويو. اوهان ڪڏهن اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي ته ”ڪجهه نه ڪجهه ٻيو پڻ آهي، جيڪو اسان کي نظر نٿو اچي ۽ عوام جي مدد ٿيندي رهي ٿي؟“ جيڪڏهن سڀ ڪجهه ظالمن جي مرضي سان ٿئي ها ته پوءِ ته مظلوم ۽ مسڪين جي جدوجهد هن دنيا ۾ ڪٿي به نه هجي ها. هڪ ڏينهن هوءَ اسان کان موڪلائي وطن کان بي وطن ٿي ”جلاوطن“ بينظير ڀٽو طور دنيا ۾ سامهون آئي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي ساڻن فون تي ڳالهه ٿي. محترمه چيو ته ”عوام سمجهندو هوندو ته مان نه اينديس. عوام کي حوصلو ڏيو. ملڪ ۾ هونديس ته پاڪستان واسطي پيدا ٿيندڙ ڪيئي عالمي خطرا ٽاري نه سگهنديس، ملڪ آهستي آهستي هڪ انڌي سرنگهه ۾ قيد ٿي رهيو آهي.“ ايئن ڏينهن، مهينا ۽ سال سندس جلاوطني ۾ گذرندا رهيا. هن مٿان ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو تاريخي ذمو رکيل هيو پر سندس ذاتي زندگي مٿان پنهنجي ور جي زندگي بچائڻ ۽ کيس خطرن کان پري ڪرڻ جو فرض پڻ شامل هيو.

    جولاءِ 2007ع ۾ اسان پارٽي اجلاس واسطي لنڊن وياسين. اتي محترمه ٻڌايو ته ”هاڻي سندس وطن واپسي جو وقت اچي ويو آهي.“ جنهن جو اعلان سيپٽمبر مهيني ۾ ڪيو ويو ته ”عوام جي اڳواڻ 18 آڪٽوبر تي ڪراچي واپس ايندي.“ محترمه ان اجلاس کانپوءِ دبئي آئي، جتي وري سيد قائم علي شاهه سميت اسان ڪجهه چونڊ اڳواڻ گهرايا وياسين. اتي محترمه اسان کي چيو ته ”مان پارٽي جي قيادت تباهه ڪرڻ نه ڏينديس ان ڪري منهنجي استقبالي گاڏي تي هڪ وقت سمورا ليڊر نه هوندا“ اها ڳالهه ٻڌي اسان سندس ڳالهه کي رد ۽ اختلاف ڪندي چيو ته ”پارٽي ليڊرشپ مٿان ننڍا ننڍا ليڊر پنهنجي جان ڏئي سگهندا“ ان جي جواب ۾ محترمه اسان جي جذبن جو قدر ڪندي آخر ۾ اهو فيصلو ڪيو ته ”پوءِ هڪ مهل سڀ نه پر پنج پنج اڳواڻ مونسان گڏ گاڏي ۾ هوندا ته جيئن نقصان ٿئي ته مونسان گڏ رڳو انهن پنجن ڄڻن جو ٿئي.“ منهنجي لاءِ اها ڳالهه تڏهن ۽ اڄ به حيرت واري آهي ته جيڪڏهن هن کي خطرن جي خبر هئي ته ايڏي دليري سان وطن اچڻ لاءِ وٽس ڪيتري نه بهادري هوندي؟

    18 آڪٽوبر کان 27 ڊسمبر تائين وارا 69 ڏينهن هن جي جدوجهد جا سڀ کان عاليشان ڏينهن هئا. موت، قتل، حملا پنهنجي دماغ تي سوار ڪرڻ بدران وڌيڪ ميچوئر ٿي محترمه شهيد ملڪ ۾ داخل ٿي هئي. هن کي جلدي هئي، کيس خطرن جو ۽ گهٽ ٽائيم ۾ وڏي لڙائي جو احساس هيو. سنڌ ۾ هر جلسي ۾ محترمه شهيد ٽائيم کان اول پهچندي هئي، عوام پوءِ پهچندو هيو. هن کي لاڙڪاڻي کانسواءِ سمورن جلسن ۾ گهٽ تياري تي غصو هيو. لاڙڪاڻي جي جلسي ۾ خطاب کان اڳ هن صلاح وٺندي مون کان پڇيو ته ”منهنجي دل ڪارڪنن وانگر نعرا هڻائڻ تي پئي چوي، تنهنجي خيال ۾ مون کي نعرا هڻائڻ گهرجن؟“ مون سندن ساهه ۾ موجود هڪ ڪارڪن واري دل کي محسوس ڪندي چيو ته ”اوهان هن سڄي عرصي ۾ سڀ ڪم غير معمولي ڪيا آهن، هڪ ڪم اهو به اوهان ضرور ڪندا.“ هن جڏهن خطاب پئي ڪيو ته هن جا هٿ چيلهه تي هئا، مون کي اسٽيج تي ويٺل مولا بخش چانڊئي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ان ساڳي ادا ياد ڪرائيندي چيو ”منهنجا مولا! هن کي پنهنجي پناهه ۾ رکجان.“ 23 ڊسمبر تي گهوٽڪي جي ضلعي صدر ڄام مهتاب ڏهر محترمه کي لاڙڪاڻي ۾ عرض ڪيو ته ”هو ڪجهه ٽائيم گهوٽڪي واسطي ضرور ڪڍن.“ ڳالهه ٻڌي محترمه ششدر ٿي وئي. هن کي شايد ڪمون شهيد ياد هيو. هن کي گهوٽڪي به ياد هيو. هن پنهنجي ٽائيم ٽيبل کي ڏسي چيو ته هوءَ ڪوشش ڪندي ته اتان جي عوام سان ضرور ملي. ان ڏينهن تي اسان جي آخري ملاقات ٿي. هن جو آخري سفر هوندو، هن جي عوام کان تند ٽوڙڻ وارا تياري ڪري رهيا هوندا، اها ڳالهه ته ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به نه هئي. مون محترمه کي 5 جنوري تي سندن والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه جي پروگرام بابت پڇيو ته ان کي ڪهڙي پئماني تي ملهائڻ گهرجي، ڇو ته جلاوطني کانپوءِ سندن موجودگي ۾ اها پهرين سالگرهه اچي رهي هئي. بنا ڪنهن جواب جي اسان جي ليڊر خاموش هئي، موجود ماڻهن سمجهيو ته شايد ان پروگرام جي باري ۾ دماغي طور غور ڪري رهي آهي. ٿڌو ساهه ڀريندي هن بي ساختگي سان چيو ”نثار! پر مان ته نه هونديس نه؟“ هن ڪنهن وليءَ وانگر پنهنجي حياتي بابت سوچيندي چيو ته ”اهو پهريون ڀيرو هوندو جڏهن مان ملڪ ۾ به هونديس ۽ بابا جي جنم ڏينهن تي به نه هونديس.“

    23 ڊسمبر تي سنڌ جي آخري سرحدن کي موڪلائي هوءَ پنجاب ۽ ٻين صوبن جي سفر تي نڪتي. 27 تاريخ شام جو، قاتلن، ظالمن ۽ عوام جي ويرين عوام جي ان عظيم اڳواڻ محترمه بينظير ڀٽو کي قتل ڪري ڇڏيو. هنن سوچيو هوندو ته بدليل حالتن ۾ ڀٽو فيملي جي چوٿين قتل کانپوءِ جمهوريت جي لڙائي به ختم ٿي ويندي ۽ سندن نالو کڻڻ وارا به ڪي نه هوندا. عوام جا ويري اڳي به ڀليل هئا ۽ هاڻي به سندن سامهون ساڳي بينظير ڀٽو صاحبه ان ئي جوش سان عوام سان گڏ موجود آهي.

    nisarpppsindh@yahoo.com
     
  7. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    نه ڪيل گناهه جي سزا طور لڳندڙ الزام!




    اربع پهرين اپريل 2009ع



    گذريل هفتي لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي هڪ دعوت اٽينڊ ڪري اتان کان دبئي مان ٿيندو خير سان ڪراچي پهتس. پنهنجي عادتن موجب هڪ هفتي جون سانڍيل اخبارون ڏسي دل باغ بهار ٿي وئي. اهڙي باغ بهاري ان کان اڳ مون پنهنجي حياتيءَ ۾ نه ڏٺي هئي، ڇو ته اهڙيون بهارون اسان جي دامن ۾ ڪڏهن اڳ آيون ئي ناهن. منهنجي پرائيويٽ سيڪريٽري پاران موڪليل آفيس فائيل تي نظر پئي. ان ۾ اهي انٽرنيٽ تي آيل بيان پڙهيم، جنهن ۾ منهنجي مرحوم چاچي کي تاريخي لفظن ۾ ياد ڪندي مون کي به ساڳئي ئي قطار ۾ بيهاريو ويو هو. ڪجهه اين جي اوز ۽ ڪي تنظيمون پنهنجي پنهنجي سوچ سمجهه سان مون تي ڪاوڙيل بيٺيون هيون. ڪي ته منهنجي پهچڻ کان اڳ ئي پريس رليز جاري ڪري چڪا هئا. انهن مان ڪي اهي هئا، جن سان ڪيئي ورهيه مان سنڌ جي رستن تي گرمين ۽ سردين ۽ طوفانن ۾ توڙي سٺي ۽ خراب ماحول ۾ گڏ رهيو آهيان. انهن اين جي اوز ۾ موجود منهنجي دوستي وارن سان گڏ ساٿ ڏيڻ وارن ۾ موجود ڪجهه مهربانن پنهنجي ساهيءَ جي حساب سان ”نڪا ڪئي هم نه تم“ بيان ڏئي پنهنجي ذميداري پوري ڪري پاڻ کي ”بي مثال غيرذميدار” بنائڻ ۾ دير ئي نه ڪيائون. هڪڙي خبر جنهن ۾ منهنجي باري ۾ رمارڪس ڏنل هئا، تنهن مان محسوس ٿيو ته لنڊن ۽ پاڪستان ۾ رڳو ڪجهه هزار ميلن جو فرق ڪونهي، پر ٻيا به ڪيئي فرق آهن.

    انهن ذڪر ڪيل ڪجهه اين جي اوز ۽ ايڪڙ ٻيڪڙ تنظيمن پاران توڙي انٽرنيٽ تي مختلف سنڌين پاران منهنجي باري ۾ جيڪا به مهرباني ڪئي آهي، تنهن منهنجي دل ۾ خيال پيدا ڪيو ته ان سلسلي ۾ هڪ دفعو سڄي ڳالهه پيش ڪري پنهنجي ڳالهه رڪارڊ تي آڻيان، ڇو ته پنجن ورهين کانپوءِ جيڪڏهن آمريڪا ويندس ته به اهو محترم سنڌي مون کان ان باري ۾ ته تڏهن به پڇندو، جنهن اڄڪلهه انٽرنيٽ تي منهنجي نالي پٺيان چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. دل ۾ آيل ان خيال سان گڏ وري ڪيئي خيال دل ۾ آيا ته سڄي سنڌ ۾ اها ڳالهه پهچائڻ لاءِ پنهنجي ڳالهه ”ڪاوش“ جي معرفت پيش ڪريان.

    منهنجي عادتن ۾ هڪڙي عادت اها رهي آهي ته مان گهڻو ڪري پنهنجي ذميداري جي باري ۾ غافل نه رهيو آهيان. شهيد محترمه بينظير ڀٽو صاحبه جي موجودگي ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ کانپوءِ اڄ تائين نه مون لوڻو هڻي ڪنهن ٻئي پاسي ڏٺو آهي، نه وري منهنجي ڪا خواهش پوري نه ٿيڻ تي مون سڄي جهان کي گاريون ڏنيون آهن. مون کي ڪنهن ماڻهو فون تي ٻه دڙڪا ڏنا هوندا ته به مون ڏند ٽيڙي ڳالهه درگذر ڪئي هوندي، پر جيڪڏهن مختلف سياسي محاذن ۽ اتحادن ۾ ڏڦيڙ جي پيدا ٿيل صورتحال ڏٺي هوندي ته به مون ان اتحاد کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي هوندي. مون ڪڏهن به فوج، پوليس جي سهاري يا ڪنهن مختيارڪار، تپيدار جي سهاري سياست ڪرڻ کي گناهه سمجهيو آهي. مون پيپلزپارٽي ۾ اچڻ کانپوءِ جنهن نموني محترمه شهيد کي ڏٺو يا آهستي آهستي جنهن نموني منهنجي عزت افزائي ڪندي رهي، منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ 4 اپريل جي موقعي تي مان عوامي سياست ڪندڙ سورمي جي باري ۾ ڪي نيون پراڻيون ڳالهيون پڻ ڪريان. مٿي مون فوج، پوليس جو ذڪر ڪيو آهي. اها هڪ سٽ ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڳالهه مان ڳالهوڙو بنائي اهڙي تصوير پيش ڪري سگهجي ٿي، جو بنا دير پوليس ۽ فوج، مختيارڪار ۽ تپيدار اهو سمجهڻ شروع ڪري ته ”هن کان وڏو ٻيو خراب ماڻهو ٿي ئي نٿو سگهي.“ حالانڪه پنهنجي پنهنجي شعبن ۾ انهن کان وڏو ماهر پاڪستان ۾ ٻيو ڪو ٿي سگهيو آهي ڇا؟

    لنڊن ۾ موجود ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين ڪجهه ڏينهن اڳ فون ڪري دعوت ڏني ته ”جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جي 25 هين سالگره جي نسبت سان ٿيندڙ تقريب تي لنڊن اچي سگهو ته مهرباني ٿيندي.“ مون ان قسم جي دعوت بابت پنهنجا جهاز اڏائڻ بدران پارٽي جي هاءِ ڪمان کي تفصيل کان آگاهه ڪيو ۽ مون کي حڪم ڪيو ويو ته ”مون کي وڃڻ کپي ۽ ڪابه جهل پلهه ڪانهي.“ ان کان اڳ ايم ڪيو ايم ليڊر مون کي ڪراچي ۾ ان مظاهري ۾ اچڻ ۽ تقرير ڪرڻ جي دعوت ڏني هئي. اهو احتجاجي مظاهرو ايم ڪيو ايم پاران شهيد محترمه جي ياد ۾ ٺهيل يادگار جي بيحرمتي خلاف ڪوٺايو ويو هو. سموري رڪارڊ جي سڌائي لاءِ اها ڳالهه به اڄ اوهان سان شيئر ڪري ڇڏيان ته ان کان اڳ 2002ع پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر جي حيثيت ۾ مون کي شهيد بينظير ڀٽو حڪم ڪيو هو ته مان ايم ڪيو ايم جي مرڪزي آفيس عرف ”نائين زيرو“ تي وڃي ساڻن سنڌ سرڪار ٺاهڻ جي باري ۾ ڳالهيون ڪريان. سيد خورشيد احمد شاهه ۽ ٻيا دوست پڻ مون سان گڏ هئا. الطاف حسين ٻيهر فون ڪئي ته کيس لنڊن اچڻ جو ٻڌايم. لنڊن ان 25 هين اجلاس ۾ مختلف ماڻهن پنهنجون سرگرميون ڪيون. راڳ رنگ کانسواءِ سياسي نشست جو پروگرام ٿيو. اتي مون تقرير ڪري سندس دعوت ڏيڻ جو ٿورو مڃيو. ايم ڪيو ايم جي ان تقرير ۾ مون مناسب سمجهيو ته مان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ محترمه شهيد جي عظمت ۽ احترام جي باري ۾ ڳالهيون ڪريان. مون اتي چيو ته ”شهيد ڀٽي ۽ محترمه شهيد اسان کي سياست ڪرڻ به سيکاري، ۽ اهو به ته ڪيئن جيئجي ۽ هاڻي ته هن اسان کي مرڻ به سيکاريو.“

    مون کان ان تقريب ۾ وڃڻ جي ضرورت وارو اهو سوال به تڏهن مناسب هجي ها جڏهن اسان ايم ڪيو ايم سان ٽڪراءَ ۾ هجئون ها ۽ منهنجي ان لنڊن واري پروگرام ۾ وڃڻ کي اشو بنائجي ها ۽ ڪير به اهو سوال پڇي پئي سگهيو ته مان لنڊن ۾ ايم ڪيو ايم جي تقريب ۾ ڇو ويو هيس. پر هاڻي جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي ”مفاهمت“ جي هڪ نئين انداز کي متعارف ڪرائي ماضيءَ جي سمورين تلخين جي خاتمي جو پروگرام شروع ڪيو آهي ته منهنجي وڃڻ تي گهٽ ۾ گهٽ مسئلو نه اٿيو آهي. ٻيو ته مان پارٽي جي هاءِ ڪمان جي اجازت سان ئي ويو هوس. سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف جيڪا به مهم هلي، ڇا ان جو ذڪر منهنجي نالي کانسواءِ ٿي سگهي ٿو؟ ان هلچل ۾ سنڌ جيڪي نوان رڪارڊ قائم ڪيا، مون کي جيڪي اندر اندر ۾ همتن جا هزارين هٿ نصيب ٿيا، جيڪي محبتون مليون، جيڪي ماڻهن عزتون ڏنيون اهي وسارڻ جون ڪڏهن به ناهن. اسان پنهنجو فرض پورو ڪيو. ڪڏهن توهان سوچيو آهي ته 18 هين فبروري 2008ع ۾ اليڪشن واري ڏينهن جنهن ڇوڪري منهنجي مٿان حملو ڪري مون کي ٺونشو وهائي پنهنجي اڳواڻ کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، ان موقعي تي اسان جي پارٽي جا ڪي ڪارڪن موجود هئا. منهنجي ردِعمل ۾ گهٽ ۾ گهٽ ته اهو هجڻ گهرجي ها ته مان کين چوان ها ته اهي سندس مناسب مرمت ڪري ڇڏين، پر مون کي ڪنهن سان زيادتي ۾ ڪڏهن خوشي محسوس ئي نٿي ٿئي، ان ڪري زماني واري پنهنجي بيعزتي برداشت ڪندي به خاموش رهيس. منهنجي خاموشي ڄڻ ته سڄي زماني جي ذلتن کان انتقام جو اظهار هيو. منهنجي ايڏي صبر جو اندازو ته ڪنهن کي به نه هيو. پاڪستان جي ووٽر کان ويندي پارٽي جي هاءِ ڪمان تائين سڀ منهنجي خاموشي ۽ صبر تي فخرمند هئا.

    تارخ جي هن موڙ تائين جتي پلين هيٺان ڪيتروئي پاڻي وهي چڪو آهي، جتي ڪيتريون ئي شخصيتون سنڌ توڙي ملڪ سان غداري جي ڪري غرق ٿي چڪيون آهن، اتي ماڻهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي دوستن، عزيزن ۽ قريبن لاءِ اها ئي دعا گهري سگهي ٿو ته: منهنجا مولا! پنهنجي ٻاجهه سان سمورن وطن دوستن ۽ ڌرتيءَ جي گهڻگهرن جي عزت بحال رکجانءِ، انهن سائلن ۾ هڪ مان به آهيان. انهن تي به پنهنجي ٻاجهه رکج، جن مون سان زيادتي ڪندي منهنجي خلاف بي بنياد بيان بازي ڪئي.

    nisarpppsindh@yahoo.com
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    شهادت جي غم ۾ ٻڏل سالگره جو ڏينهن!




    آچر 21 جون 2009ع



    اڄ پاڪستان جي ڪروڙين عوام جي ليڊر، پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني اڳواڻ جي وڏي نياڻي محترمه شهيد بينظير ڀٽو صاحبه جو 56 هون جنم ڏينهن آهي. ان نازڪ، دلير ۽ عوام جي اکين، دلين ۽ دماغن ۾ سمايل ليڊر جي جنم ڏينهن تي جيتري خوشي ڪجي گهٽ آهي. جنهن جي وجود جي ڪري پاڪستان ۾ پهريون دفعو عورت جي حڪمراني جو خواب ساڀيان ٿيو هو، جنهن جي جدوجهد جي ثمر ۾ پاڪستان اها ترقي ڏٺي جيڪا اڳ رڳو هن ملڪ جي عوام جي خوابن ۽ خواهشن ۾ موجود هئي. محترمه پاڻ رڳو ڪنهن وڏي شخصيت جو نالو نه آهي پر هن جي وجود سان سلهاڙيل سندس والد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هن جي واٽ هيو. وڏي ماڻهو جو اولاد ٿيڻ انتهائي ڏکيو ڪم هجي ٿو، پر محترمه پنهنجي جدوجهد، دليري، عوام دوستي ۽ پاڻ ارپڻ جهڙن جذبن جي ڪري نه رڳو پنهنجي والد جو مان رکيو، پر تاريخ جي ورقن ۾ پنهنجي ذات ۾ به الڳ ليڊر طور پاڻ مڃايو. اهڙي تاريخي ليڊر جي آمد تي جيتري خوشي ڪجي سا گهٽ، پر بدقسمتي سان ان جي جنم ڏينهن تي به سندس شهادت حاوي آهي.

    پاڪستان جي 11 هين ۽ 16 هين وزير اعظم، اسلامي ملڪن جي پهرين عورت وزير اعظم، لاڙڪاڻي جي ٻين ۽ ٽين وزير اعظم هئي. سنڌ جي دل ڪراچي ۾ ڄاول شهيد راڻي موئن جي دڙي جي تهذيب جي سڏ جو پڙاڏو هئي. هن جي والد توڙي ان جي والدين جي خون ۾ عشق ۽ ڦاسيءَ جي ڏور کي چمڻ، پهاڙن جا پنڌ جهاڳڻ، دريائن جا وهڪرا پار ڪرڻ، ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ تمام وڏا ڪم ڪرڻ جو جنون شامل هيو. هن جي والده محترمه بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جي رڳن ۾ وري ايراني ڪرد نسل جو خون ۽ ديس سان محبت موجود هئي. هوءَ ڪنهن دور ۾ ماءُ به هئي ته جيل ۾ قيد پنهنجي وڏي نياڻي بينظير ڀٽو صاحبه سان قيدي به. هڪ ماءُ پنهنجي ڌيءَ کي سندس ڦاهيءَ چاڙهيل والد جي قتل تي ڳوڙها به اگهندي هجي ۽ پنهنجو سور به پي وڃي اهو انياءُ ۽ هاڃو اسان جي خطي جي تاريخ ۾ ٻئي ڪنهن سان نه ٿيو آهي. هڪڙي ڏينهن جي ڳالهه آهي، جنرل ضياءَ جو دور هجي، آمريت جو راڪاس هر ڳوٺ ۽ شهر مٿان هر وقت لامارا ڏيندو هو. لياري جي ڪارڪنن ضياءَ جي مارشل لا خلاف وڏا مظاهرا ڪيا هجن. ڪيئي ڪارڪن 70 ڪلفٽن ۾ وٽس آيا. محترمه کي انهن مظاهرن، پوليس جي بي دردي ، آنسو گيس ۽ لٺين جي ڦهڪن جو حال ٻڌايو. ڪجهه عورتن ڌار ڪمري ۾ سندن پٺين تي لڳل لٺين کانپوءِ اهي نشان ڏيکاريا. اوچتو خبر آئي ته پوليس 70 ڪلفٽن جي ٻاهران اچي وئي آهي ۽ اهي لياري جي انهن سرفروش ڪارڪنن جي گرفتاري لاءِ مڪمل تياري سان موجود آهن. محترما تڪڙي گڏجاڻي ڪري انهن چونڊ ڪارڪنن کي پنهنجي گاڏيءَ جي ڊڪيءَ ۾ ويهاريو ۽ پاڻ سان چونڊ عورتون گڏ ويهاريون. ٽن گاڏين ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته ٻه گاڏيون اڳيان هلي پوليس گاڏي آڏو رڪاوٽ بنجنديون ۽ اهي ڪارڪن اتان لاهي شهر جي جنگل ۾ ڇڏيا ويندا. محترمه ڪيئي زمانا پوءِ ان ائڊونچر تي تبصرو ڪندي چيو هو ته ”ليڊرشپ ڪارڪنن جي ساهه سان گڏ جيئندي آهي، مون وٽ ائين ڪرڻ کانسواءِ ۽ ڪارڪنن کي عتاب کان بچائڻ لاءِ ٻيو ڪو چارو ڪونه هيو.“ هڪ ڏينهن پاڻ نئون ديرو پهتي، 1988ع ۾ وزير اعظم ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڀيرو پنهنجي اباڻي شهر آيل هئي. ويرم ئي نه گذري پنهنجا سڀ سرڪاري پروٽوڪول ۽ پوليس اسڪواڊ پنهنجي گهر تي ڇڏي اسان جي عرض تي نئون ديرو ۾ ٺهيل اسڪول ۽ ان جي پارڪ ۾ پهتي. ٻارڙا پڙهيا پئي، ڪجهه ان لان تي موجود پينگهن ۾ لڏيا پئي. محترمه هڪ خالي پينگهه تي ويهي انهن ٻارن وانگر لڏڻ لڳي. هوءَ ان مهل مڪمل ٻار هئي. هوءَ ٻارن سان گهڻو وقت رهاڻ ڪندي رهي. انهن کان اسڪول، تعليم ۽ سندن گهر جي باري ۾ پڇندي رهي. هن جو هر وقت اهو خيال هيو ته ٻار عمر جي ان حصي ۾ نازڪ ٿين ٿا، انهن سان هر وقت سرڪار کي گڏ رهڻ گهرجي ۽ نئين نسل کي تاتڻ لاءِ خاص خيال ڪرڻ گهرجي. سکر جيل ۾ قيد محترمه پنهنجي گرمي جا ڏهاڙا گذاري آزاد ٿي آئي. هن پارٽي جي نوجوانن لاءِ ”يوٿ ليگ“ ۽ شاگردن لاءِ موجود تنظيم ”سپاف“ کي جديد بنياد تي منظم ڪرڻ لاءِ شاگردن ۽ پڙهي پاس ڪيل نوجوانن جا اجلاس گهرايا. مون کي ياد آهي ته 1988ع کان اڳ مختلف اجلاس جيڪي ڪيئي ڏينهن هليا، انهن ۾ هن ڪنهن به موقعي تي ڪنهن به گرمي ۽ آسائش هجڻ جو ذڪر نه ڪيو. هڪڙو جنون سندس دماغ تي سوار هيو. هو هر حال ۾ پنهنجي تنظيمن ۽ ڪارڪنن سان ”حال ڀائي“ هئي ۽ ان جهڙي سياسي سرگرمين ۾ کيس مڪمل سڪون محسوس ٿيندو هو.

    سندس وزير اعظمي جو ٻيو دور ختم ڪيو ويو. اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ٺهيل وقتي حڪومتن ۽ ان کانپوءِ آيل نوازليگ جي سرڪار ملڪ ۾ نوڪرين ۽ روزگار تي لڳل هزارين ملازمن کي نوڪرين تان لاهي ڇڏيو. ان انتقام جي ڪرٽ جو سڌو نشانو گهڻو ڪري سنڌي هئا. سئي گيس، تيل ڪمپني، پي ايس او، اسٽيل ملز، ايف آءِ اي، ايجوڪيشن، ڪسٽم، پي آءِ اي ۽ ٻين هنڌن تان اهي ماڻهو چونڊي چونڊي نوڪرين مان لاٿا ويا. ان زماني ۾ مون کي پ پ پ سنڌ جو صدر بنائي هدايت ڪيائون ته انهن روزگار تان لاٿل ماڻهن سان يڪجهتي ۽ ساٿ لاءِ هڪڙي وڏي جلوس جو انتظام ڪرڻ گهرجي. اسان اهو جلوس ڪڍيو، جنهن جي اڳواڻي پاڻ ڪيائون. ڪسٽم هائوس وٽ ”جناح برج“ کان قائد جي مزار تائين ان جلوس لاءِ جڏهن محترمه پل هيٺان بي روزگار ماڻهن جا انبوهه ڏٺا ته سندس اکيون ڀرجي آيون. هزارين ماڻهن جي گهرن ۾ سياسي انتقام جي ڪري چلهه نه ٻرڻ جو کيس شديد صدمو ٿيو هو. محترمه جا اهڙا ڳوڙها مون 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ايئرپورٽ تي جهاز مان لهندي ڏٺا هئا. محترمه جڏهن وطن واپس آئي ته پهرين ڏينهن ئي سندس سياست ڪرڻ جي سزا طور سندس سر قلم ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ خوني راند کيڏي وئي. سوين ماڻهن پنهنجي جان جا نذرانا ڏنا. محترمه بچي وئي پر سندس ڪرد ماءُ جي خون ۽ سرڪش والد جي تربيت هن کي ڊڄڻ ۽ پوئتي موٽڻ نه سيکاريو هيو. ٻئي ڏينهن مون کي چيائين ”اڄ ئي ٻاهر هلنداسين.“ بينظير صاحبه جڏهن اسپتال ۾ لياري ۾ شهيد ٿيلن جي مائرن سان ڳراٽڙي پائي روئڻ لڳي ۽ روئندي روئندي حوصلو ڏيڻ لڳي ته سڄي پاڪستان کان ”ڇرڪ“ نڪري ويو. اهي منظر ۽ سندس لاپرواهه دليري ڪنهن جي وهم گمان ۾ به نه هئا. گهڻن ماڻهن جو خيال هو ته 18 هين آڪٽوبر جي خطرناڪ ”شاڪ“ مان نڪرڻ لاءِ ۽ پاڻ سنڀالڻ لاءِ کيس ڪيئي ڏينهن لڳندا. پر هن کي دشمن ۽ قاتل ۽ انهن جي موجودگي جو احساس هو. هن 69 ڏينهن ۾ ڪيئي ورهين جو ڪم ڪري ڇڏيو هو. ملڪ ۾ موجود جمهوريت جي دشمنن 69 ڏينهن لاءِ وري به برداشت ڪيو. پر هن جي مسلسل محنت آهستي آهستي سندن ڪوڙي حڪمراني ۽ انهن جي سر تي رکيل تاج جا اصل پتا وائکا ڪري ڇڏيا هئا. هن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪٿي پسٽول ڏيکاريائون، ڪٿي خاردار تارون هڻي سندس گهر ”زرداري هائوس“ سيل ڪيائون، ڪٿي سندس طاقت ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ جلوسن ۾ ايندڙ ماڻهو روڪيائون، ڪٿي نوان قانون ٺاهي کيس بي وسي جو احساس ڏنو ويو، ڪٿي سندس لاڙڪاڻي جو هجڻ وارو احساس ڏنو ويو، پر هن پنهنجي جمهوريت لاءِ جنهن جنگ کي شروع ڪيو هو، تنهن تان هٽڻ سندس شان ۽ مان جي خلاف هيو. هن کي پاڪستان سان پيار هو پر صوبن وچ ۾ موجود ناانصافي سندس احتجاج جو حصو هئي.

    قاتلن جي ڪمان ۽ گولين جا طوفان سندس جسم ۾ پهچڻ مهل اسان جي ليڊر جي ڄمار 54 ورهيه هئي. سندس 2007ع ۾ ٿيل قتل کانپوءِ ملڪ ڪٿي به سڌو نظر نه آيو آهي. ڀٽو فيملي جي هن هيري ۽ لال کي قتل ڪرڻ لاءِ هن ڀيري قاتلن ڪنهن ”سچي ڪوڙي“ الزام جو به سهارو نه ورتو. ڀري بازار ۾ سياست جي اسٽيج تي بهادري ۽ بي ڊپائي سان عوام سان هن وچن ڪيا هئا. هن جمهوريت جي ڏيئي ۾ موجود ڪارنهن کي ڪڍي پنهنجي خون سان ان جي ٻرڻ جا انتظام ڪيا هئا. بقول جنرل مشرف جي ” جيڪڏهن هوءَ اليڪشن ۾ حصو نه وٺي ها ته اڄ جيئري هجي ها.“ محترمه شهيد اليڪشن، جمهوري سرڪار آڻڻ ۽ عوام جي سرڪار قائم ڪرڻ لاءِ ڪابه سوديبازي نه ڪئي نتيجي ۾ هيڏي وڏي پهاڙ جيڏي ليڊر کي گوليون ۽ بم هڻي قتل ڪيو ويو. گڏيل قومن پاران مقرر ڪيل ٽن ملڪن جا عيوضي ايندڙ سال جنوري تائين محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قتل ۽ قاتلن جا پيرا جانچي پنهنجو اڀياس ٻڌائيندا. قاتلن جي خبر ته پئجي سگهڻ جا امڪان پيدا ٿيندا پر محترمه جي هجڻ ۽ عوام جي دلين ۾ رهڻ جو هڪڙو ئي امڪان آهي ته راولپنڊي جي سياسي اسٽيج تي سندس شهادت کان اڳ آخري تقرير تي عمل ڪيو وڃي. اسان جي شريڪ چيئرمين جناب آصف علي زرداري صاحب جي ان ڳالهه کي سنجيدگي سان پڻ محسوس ڪيو وڃي جڏهن هو اسان کي ياد ڪرائي ٿو ته ”پنهنجي عيبن لڪائڻ لاءِ هاڻي اها پوتي ۽ رئو موجود ناهي.“ اها محترمه جي سياسي حڪمت سمجهي ان تي عمل ڪيو وڃي. اسان سندس قول ۽ تقرير تي هلڻ جو انجام ڪريون ٿا. سندس جنم ڏينهن تي ساڻس اهو وچن مهلائتي ڳالهه آهي. اڄوڪي ڏينهن تي هڪ ڀيرو اها تقرير ٻيهر ٻڌڻ انتهائي ضروري آهي. ان سان پاڪستان ۽ ان ۾ سياست ٻئي بچي ويندا.

    nisarpppsindh@yahoo.com
     
  9. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: محترم نثار کهڙو جي لکيل ڪالمن جو مجموعو۔

    ڪاوش جو عوام دوست مزاحمتي ڪردار




    اڱارو 3 آگسٽ 2010ع



    ڪاوش جي باري ۾ لکڻ کان اڳ علي قاضي جي سوچ جي باري ۾ لکڻ بهتر ٿو سمجهان، ڇاڪاڻ ته اها سوچ تڏهن پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ماڻهوءَ وٽ وڏا خيال ۽ وڏا خواب هجن ۽ وڏيون سوچون هجن. مون کي ياد آهي ته جڏهن ڪاوش ڪڍڻ کان اڳ علي قاضي لاڙڪاڻي آيو هو، پوءِ سندس محترمه بينظير ڀٽو سان ملاقات ٿي، جنهن بعد منهنجي گهر آيو ۽ جتي منهنجي علي قاضي سان ڊگهي ڪچهري ٿي هئي. مون علي قاضي جي اکين ۾ اها چمڪ ۽ اها ڪمٽمينٽ ڏٺي ۽ اهو اتساهه ڏٺو، جنهن ڪاوش کي هن منزل تي پهچايو آهي. مون ڏٺو ته علي سماج ۾ ڪا لهر پيدا ڪرڻ چاهي ٿو ۽ سماج ۾ ڪا لهر پيدا ڪرڻ لاءِ وڏا خواب، وڏيون سوچون ۽ وڏي جستجو لازمي هوندي آهي، جنهن بعد ڪاوش نڪرڻ جو اهو زمانو آهي، جڏهن محترمه بينظير ڀٽو جي پهرين حڪومت ختم ڪئي وئي، بينظير ڀٽو ۽ ان حڪومت تي طرح طرح جا الزام هنيا پئي ويا، علي قاضي جي ان الزامن کي ڌوئڻ جي نيت ته نٿو چئي سگهجي، پر علي قاضي جي اها اعليٰ سوچ هئي، جنهن محسوس ڪيو ته اسٽيبلشمينٽ بينظير ڀٽو سان ناانصافي ڪئي آهي. ان ڏکئي دور ۾ علي قاضي بينظير ڀٽو جي شخصيت لاءِ بهتر تاثر پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن بعد جيڪا اليڪشن ٿي، ان ۾ ڇا ڇا نه ٿيو، دنيا کي ڏندين آڱريون آيون، خود کٽندڙن به بي ايماني جو اعتراف ڪيو ۽ هي اهو دور هو، جيڪو پ پ لاءِ ضياءَ کانپوءِ سنڌ ۾ سخت ترين دور هو ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ پ پ جا ورڪر، اڳواڻ ۽ عام ماڻهو عتاب هيٺ هئا، ان وقت حڪومت جا سربراهه اسٽيبلشمينٽ جا هٿيار هئا، جن ڊڪٽيٽرن جي ڪڇن ۾ ويهي سندن جانشين ٿيڻ جون دعوائون ڪيون ۽ سڀ اهي ڪم ڪيا، جيڪي ڊڪٽيٽرن ڪيا، جنهن ڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ جي عوام سندن عتاب هيٺ هو. ڪاوش هنن ڏينهن ۾ پنهنجي پروفيشنل ذميوارين جي حدن ۾ رهي ايڏو ته پاڻ ملهايو جو اها سنڌ جي ماڻهن جي گهر گهر جو حصو بڻجي وئي.

    ڪاوش ان دور ۽ ان کانپوءِ 2 وڏا ڪم ڪيا، جن کي سنڌ جي ماڻهن تي احسان چوان تڏهن به خراب ڳالهه نه ٿيندي، هڪڙو ته ڪاوش اشو بيس رول ادا ڪري هڪڙو مزاحمتي ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻيو سنڌ ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ايڏيون ته ڪوششون ڪيون، جو خود اسٽيبلشمينٽ ناراض ٿي پئي. انهن ڏينهن ۾ مردم شماري سنڌ جي ماڻهن لاءِ هڪڙو انتهائي وڏو چيلينج هو، ڪاوش ان دور ۾ شهه سرخين ذريعي ماڻهن ۾ سجاڳي پيدا ڪئي، هتي آئون ڪاوش سان گڏ علي قاضي، فقير محمد لاشاري، سهيل سانگي ۽ ٻين سينئر صحافين، جاڳو اخبار، عوامي آواز ۽ ٻي سنڌي ميڊيا جو پڻ ذڪر ڪندس، جن سمورن گڏجي اهڙو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو اسٽيبلشمينٽ کي نه وڻيو ۽ انهن مردم شماري کي قبول ئي نه ڪيو. آئون ڪاوش جو اهو ڪردار به پسند ڪندو آهيان ته اها سنڌ، ان جي ماڻهن، پاڻي ۽ ناڻي سميت جياپي جي مسئلن تي مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي پئي اچي. مون کان اهي ڏينهن نٿا وسرن، جڏهن ڪالاباغ ڊيم خلاف جدوجهد هلي رهي هئي، وقت جي حڪمرانن 1997ع ۽ 1998ع ۾ ڀرپور ڪوشش ڪئي ته اخبارون پنهنجون پاليسيون تبديل ڪن، پر ڪاوش سميت سنڌي اخبارن سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهي وقت جي حڪمرانن جي پسنديده پاليسين جو ساٿ نه ڏنو ۽ پيٽ تي پٿر ٻڌي لکين رپين جا اشتهار وٺڻ کان انڪار ڪيو. اهڙي ريت نواز شريف جي حڪومت هجي يا جنرل مشرف جي، سنڌ سان لاڳاپيل ظالم منصوبن خلاف مزاحمت جو ڪردار ان وقت به وڌي ويو، جڏهن ڪاوش لکين پڙهندڙ پيدا ڪيا، سج اڀرندي ئي هر گهٽي ۽ هر چوڪ ۾ ڪاوش پهچي ٿي وئي ۽ هر سنڌي ماڻهو ۾ چانهه جي ڪوپ سان گڏ ڪاوش پڙهڻ جي پڻ عادت پئجي وئي، جنهن ڪري نه رڳو سنڌ دشمن منصوبن، سنڌ دشمن پاليسين ۽ فيصلن بابت سنڌي ماڻهن کي گهر ويٺي آگاهي ٿي ملي، پر سندن حقن لاءِ جيڪا جدوجهد هلي ٿي، ان کان به هو واقف ٿي ان ۾ حصو وٺندا رهيا ۽ اڳيان هلي ڪالاباغ ڊيم توڙي سنڌ جي پاڻي، ناڻي ۽ ٻين حقن لاءِ جدوجهد هر سنڌي ماڻهو جي جدوجهد بڻجي وئي. ڪاوش سنڌ ۾ نوان ڪلچر ۽ نيون روايتون پيدا ڪيون، ان ۾ علي قاضي سميت سندس ان ٽيم جو وڏو ڪردار آهي، جيڪي پاڻ نڀائيندا اچن، يقينن جاڳرتا پيدا ڪرڻ جي ڪا حد ناهي هوندي، پر اڄ به علي قاضي ۽ ان جا ساٿي ڪاوش ۾ خبرن، مضمونن، ايڊيٽوريلز، ڪتابن ۽ ڪي ٽي اين ذريعي پاڻ پتوڙيندا رهن ٿا. آئون پراميد آهيان ته سنڌ جي لکين باشعور، باضمير، سنڌ دوست، جمهوريت پسند ۽ عوام دوست ماڻهن سان گڏ علي قاضي ڪاوش، ڪي ٽي اين ۽ ان جي ٽيم سنڌ جي بهتر زندگي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا.

    nisarpppsindh@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو