محمد عامر تي ڪو به ڏنڊ نه لڳائڻ جو فيصلو

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ TAHIR SINDHI طرفان آندل موضوعَ ‏12 سيپٽمبر 2010۔

  1. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ميچ فڪسنگ اسڪينڊل:اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاران محمد عامر تي ڪو به ڏنڊ نه لڳائڻ جو فيصلو

    لنڊن/ڪراچي (اسپورٽس ڊيسڪ) ميچ فڪسنگ اسڪينڊل، دانش ڪنيريا ڪليئر قرار، اسڪاٽ لينڊ يارڊ پاران محمد عامر تي ڪو به ڏنڊ نه لڳائڻ جو فيصلو، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم خلاف ميچ فڪسنگ جي الزامن جي جاچ ڪندڙ اسڪاٽ لينڊ يارڊ نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر تي ڪو به ڏنڊ نه لڳائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته محمد عامر جي جنهن نو بال جي فڪس هجڻ جي برطانوي اخبار دعويٰ ڪئي آهي، ان نو بال تي سڄي برطانيا ۾ ڪا به شرط نه لڳي هئي، اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي ذريعن مطابق پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم تي لڳل ميچ فڪسنگ جي الزام بعد برطانوي پوليس ٽيسٽ ٽيم جي ڪپتان سلمان بٽ، محمد آصف، محمد عامر ۽ ڪامران اڪمل کان جاچ ڪئي هئي ۽ ان جاچ ۾ ڪامران اڪمل کانپوءِ محمد آصف کي به ميچ فڪسنگ جي الزام مان ڪليئر ڪيو ويو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن جاچ ٽيم فيصلو ڪيو آهي ته نوجوان فاسٽ بالر محمد عامر کي به هن الزام مان ڪليئر ڪيو وڃي ۽ مٿس ڪو به ڏنڊ نه لڳايو وڃي، جاچ ٽيم جي ذريعن مطابق اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي رپورٽ پنهنجي آخري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ ان ڳالهه جو امڪان آهي ته ميچ فڪسنگ جي الزام هيٺ آيل پاڪستاني ٽيم کي ڪليئر قرار ڏنو وڃي، هوڏانهن ايسيڪس پوليس دانش ڪنيريا کي انگلش ڪائونٽي ۾ ميچ فڪسنگ ڪرڻ جي الزامن مان ڪليئر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو