محبّت رکيو پنهنجو معيار ڪٿ ڪٿ،

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ساره طرفان آندل موضوعَ ‏15 جون 2009۔

  1. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    محبت رکيو پنهنجو معيار ڪٿ ڪٿ،
    نظر ايندا اڄڪلهه وفادار ڪٿ ڪٿ.

    زمانو سڄو حُسن جي پويان آتو،
    دلن جا ٿا ڏسجن خريدار ڪٿ ڪٿ.

    عجيب و غريب آهي دستور دنيا،
    گلن کان مٿي ٿا ٿين خار ڪٿ ڪٿ.

    مچايو آهن ويٺا مچ عاشقي جو،
    گو، ٻڌبا برهه وارا بيمار ڪٿ ڪٿ.

    اکين هوندي نابين هر هنڌ آهن،
    اکين هوندي هشيار و بيدار ڪٿ ڪٿ.

    قلم جهڙو هٿيار ٿيندو نه ڪو ٻيو،
    ڪم ايندا مگر تير و تلوار ڪٿ ڪٿ.

    ڪڏهن اي ’جميل‘، آئون سوچيندو آهيان،
    مون پارا به هوندا گنهگار ڪٿ ڪٿ.

    جميل الزمان
     
  2. نور

    نور
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2009
    تحريرون:
    22
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادي تمام ڀلو ٿا لکو
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادي! اوهان ته اصل لاجواب ڪري ڇڏيو ... سائين جميل الزمان جو اهڙو من موهيندڙ گيت پڙهي سوچن جي ساغر ۾ ٽٻيون هڻي پاڻ سنڀالڻو پيو ...

    عجيب و غريب آهي دستور دنيا،
    گلن کان مٿي ٿا ٿين خار ڪٿ ڪٿ.

    چوندا آهن ته سٺن ماڻهن جي پسند به سٺي هوندي آهي سو لڳي ٿو ته اوهان جي اندر ۾ به هڪ انتهائي سهڻو انسان آهي جو اهڙي چونڊ ڪرڻ تي اوهانجي رهنمائي ڪري رهيو آهي ... ڀيڻ ان انسان جو خيال ڪجو ته جيئن اسانکي وڌيڪ اهڙا خيال ملندا رهن ...
    الله اوهانجو واهي ۽ مددگار هجي ...
     
  4. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    تمام بهترين شاعري سائين جميل الزمان جي...... ۽ ونڊڻ جي لاءِ ٿورائتا آهيون...
     
  5. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا نثار جيڪي پاڻ سهڻا هوندا آهن انهن کي ئي ٻين جي سونهن به نظر ايندي آهي .:)..

    سڀني جي مهرباني جيڪي منهنجي پوسٽس کي پسند ڪن ٿا..:)
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    ادا بهترين غزل آهي، سا به سائين جميل الزمان جي.
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    تمام بهترين شيئرنگ آهي
     
  8. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عبدالوهاب ادا نه ادي پوسٽ ڪئي آهي هي غزل ...
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور

    بلوچ ڀاءُ asul matt :D
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    اصل مان هيٺين ريت لکڻ پئي چاهيو پر تڪڙ ۾ پيش منظر جي بجائي محفوظ واري بٽڻ تي ڪلڪ ٿي ويو وري انهي وقت ماسي بجلي به هلي وئي. سو انهي ڪري انهي پوسٽ ۾ ترميم به ڪانه ڪري سگهيس. وري مٿان اسان وارن دوست بخار به اچي ڪڙڪو ڪيو سو ٻهه ڏينهن ته ڪمپيوٽر تي آيس به ڪانه.

    ادا نثار ابڙا بهترين غزل آهي، سا به سائين جميل الزمان جي، ادا سائين ادي جي اهڙين لکڻين ۽ شيئرنگس فورم کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. الله رب العزت ادي کي مڪي پاڪ جو ديدار نصيب ڪرائي.
     
  11. ساره

    ساره
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 جون 2009
    تحريرون:
    143
    ورتل پسنديدگيون:
    102
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڏاڍي مهرباني .. الله توهان جي دعا کي قبول فرمائي..
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ادي ساره توهان جون لکڻيون فورم جي سونهن ۾ اضافو آڻين ٿيون ... جاري رکجو...
    ادا وهاب لڳي ٿو توهان جي دوستي ٻروچن سان وڌندي پئي وڃي... منهنجو هڪ ٻروچ دوست اڪثر ڪري ڪجهه هن طرح ڳالهائيندو آهي...
    ”بجلي الائي ڪڏهن ايندو... ننڊ ته پورو ئي نه ٿو ٿئي...“ :d
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو