سلام مڪي پاڪ کان

'تعارف' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏23 جون 2009۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    نالو : نثار احمد ابڙو
    پيدائشي شهر : لاهوري محله لاڙڪاڻو
    پيدائشي تاريخ : 4 مارچ 1961عه
    تعليم
    ابتدائي : پرائمري اسڪول علي گوهرآباد
    سيڪنڊري : گورمنٽ پائلٽ اسڪول
    هائر سيڪنڊري : گورمنٽ ڊگري ڪاليج
    گريجوئيشن : گورمنٽ ڊگري ڪاليج
    ماسٽر : (سنڌي ادب) ڪراچي يونيورسٽي
    ٻاراڻي جا شوق : رائيس ڪئنال ۾ ترڻ
    جوانيءَ جا شوق : ڪتاب پڙهڻ، دوستيون وڌائڻ
    تاريخي جڳهون گھمڻ
    محبت : سنڌ
    سياست ؛ سنڌ
    وڻندڙ شاعري : شاه جو ڪلام
    وڻندڙ شعر : سائينم سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار
    روئڻ جا سبب : انتها جي خوشي ۽ ٻين جا ڏک
    کلڻ جو سبب : شخصي نقصان
    پسنديده شخص : شمشير الحيدري (مولا تي ننگ آ)
    ڪم : هوٽل (کاڌي پيتي جو کاتو)
    موجوده پتو : نزد الله جو گھر (ڪعبو) مڪو پاڪ
    رابطو ؛ kanwalnisa@yahoo.com
    پسنديده دعا : ٻيڙائي پار
     
  2. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    السلام عليڪم
    HaqMojood
    واه سائين نثار مڪي پاڪ وارا اوهان ڪيترا نه خوش نصيب آهيو جو جنهن گهر کي ڏسڻ لاء دنيا ترسندي آهي اوهان ان ديس تي رهي رهيا آهيو دڻيءَ در دعا آهي ته هو اسان کي سندس پاڪ گهر جي زيارت نصيب فرمائي آمين

    سائين هونئن ته اسان اوهان جي شخصيت کي پڙهندا هئا سي پر اڄ اکين به ديدار جو لطف وٺي سڪون پاتو سائين اوهان نيٺ ادي وهاب جو چيو مڃيندي پهنجو تعارف ڪرايو لڳي ٿو ته اسان کي به ڪرائڻو ئي پوندو نه ته وهاب اصل ڪونه ڇڏيندو :D سائين پر جي مان پنهنجو تعارف ڪرايو ته مون کي گل ڪير ڏيندو مون کي فقير وارا گل ڪونه کپن فقير گل نه پر ڇٻر ميڙي کڻي ايندو آهي khil sahi :D ( اها ٻي ڳاله آهي ته ان مان به خلوص نظر اچي رهيو هوندو آهي ):D سائين اوهان جي شخصيت اسان لاء قابل احترام آهي ۽ اسان جي جي ۾ اوهان لاء کوڙ ساريون محبتون ، پيار ۽ سڪ آهي شل اوهان جڙيا هجو اوهان جو ساٿ هميشه جڙيل رهي
    اوهان جي لاء هي گلن جا تحفا آهن اميد ته قبول پوندا

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  3. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    HaqMojood
    سائين نثار توهان ته وڏا خوش نصيب آهيو اوهان اهڙي مقدس جڳه تي رهو ٿا
    ڀاءُ اسان غريبن کي دعائن ۾ ضرور ياد ڪجو
    sadayeen gud
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    :D
    ادا عظيم غريب ڇوٿو سڏائين يار?:D:D
    ادا اسان وهاب کي اوهان ڏانهن ميڙ ڪري ڪون ٿا موڪليون پر تون غريب سڏائڻ ڇڏي ڏي :D

    اصل ۾ ادو عظيم ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙجي پيو اسان ادي وهاب کي ان ڏانهن ميڙ ٿي وڃڻ لاءِ موڪلڻ ٿي چاهيو سي ته ادي وهاب پنهنجي مختصر ناشتي جو ذڪر ڪيو ته مان ناشتي ۾ ٻارنهن مانيون ٻه ڪلو دهي 8 آنا ۽ ڪجهه سنو مال پاڻي کائيندو آهيان جي اوهان چئو ته ادي عظيم ڏي ميڙ ٿي وڃان ادي عظيم ڪاوڙجڻ تان ته هٿ کنيو پر ان ڏينهن کا وٺي غريب سڏائڻ شروع ڪيو اٿائين :D:D ادا غريب ٿين تنهنجا دشمن باقي يار ڀائرن سان مُنهن پيو ڏبو يار دل نه لاءkhil sahikhil sahi
     
  5. عظيم

    عظيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 جون 2009
    تحريرون:
    520
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    shabash
    ڀاءُ علي علي
    مان ان ڏينهن کان غريب ٿو سڏرايان جڏهن ادي وهاب جو ناشتو پڙهيم
    متان ڪڏهن اسان وٽ قدم ڀري اچي ٻه ٽي ڏينهن رهي اسان وٽ ته فقط هڪ ناشتي جي سگهه آهي
    hall charihall chari
     
  6. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين توهان کي سنڌ سلامت جي هن محبتن ڀري دنيا تي هڪ دفعو ٻيهر خوش آمديد ٿو چئي. & مونکي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي جو توهان جو ديدار نصيب ٿيو & ٻي ڳالهه ته توهان منهنجي ڳالهه کي دل سان لڳائي پنهنجو تعارف ڪرايو.
    سائين مون وٽ اهي لفظ ناهن جن سان مان اوهان جو شڪريو ادا ڪريان.

    مٺا علي ٻيلي ڏاهو ٿي. دادلو ڪيو اٿئي ته دادلن جا انگل به مڃڻا پوندءِ، نه ته مونکي ڏاڍو ڏک ٿيندءُ.
    ادا عظيم مان رب کان دُعا ٿو گهران ته پوري سنڌ کي مولا مڪي پاڪ جي ڀر ۾ ايمان سان رهائي. & خاص ڪري توهان جي لاءِ الڳ.
    ادا، علي علي هاڻي توهان ئي کڻي سمجهايوس. مون مسڪين ته ڪجهه ئي ڪونه چيو مانس جو پنهنجو پاڻ کي غريب سڏرائڻ لڳو.

    ادا بس ايتري ڳالهه، مٺا الله توهان ڏانهن خير ڪري، مولا توهان کي امير ڪري، توهان کي پارس ڪري.
     
  7. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    اسلام عليڪم ادا نثار ابڙو صاحب
    سائين توهان جو تعارف پڙهي مون کي ڏاڍي خوشي ٿئي ادا توهان جو ديدار ته مان ڪافي اڳ ۾ ڪري چڪو هئس ادا توهان کي ڦلپوٽو فقير هڪ دفعو ٻيهر سنڌ سلامت فورم تي خوش آمديد ڪري ٿو .
    ادا هي توهان لا۽

    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]


    [​IMG]

    دعائن ۾ ياد
    sindhsalamatsaathsal
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سنڌ سلامت جا دوستو
    حق موجود؛

    دوستو، اوهانجا لک لائق جو ايترن سٺن جذبن سان نوازيو اٿوَ، چڱا ڪن چڱايون ... سو ادا اوهان دوستن کان اها ئي اميد هئي،

    جيتوڻيڪ اسين هڪ ٻئي کي پنهنجين لکڻين ذريعي ڪنهن حد تائين سڃاڻي ويا آهيون پر تنهن هوندي به ادي عبدالوهاب جي گذارش کي مان به ملي ويو ۽ مختصر تعارف به ٿي ويو ۽ ان انداز ۾ جي سڀ دوست تعارف ڪرائندا ته اڃان به سٺو لڳندو ...

    هونءَ ته هرڪو انسان موتيءَ داڻو ۽ هر انسان جي هڪ ڊگهي ڪهاڻي هوندي آهي جنهن ۾ هزارين افسانا لڪيل هوندا آهن ... چوڻ جو مقصد ته تعريف ان الله جي بس پاڻ ته ويٺا وقت کي ڌڪا ڏيون ...

    اوهان دوستن جي قرب ۽ دوستيءَ سان موڪليل گلن ۽ آڌرڀائي خطبن جو مون وٽ وڏو مان آهي ...

    سدائين خوش ۽ آباد هجو ...
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين نثار ابڙا صاحب۔۔۔۔۔
    اوهان جا لک ٿورا جو اوهان هن سنڌ سلامت جي دادلي ايڊيٽر ادا عبدالوهاب جي چوڻ تي پنهنجو تعارف ڪرايو۔۔۔ جيئن ته سائين اوهان اهڙا ته محبتي آهيو جو الله تعالي به اوهان تي راضي آهي جو اوهان کي پنهنجي گهر واري پياري ملڪ تي گهرايو اٿس۔۔۔۔ سائين ٻيو ته اوهان ته اصل وري ايترا پيارا آهيو جو اوهان لاڙڪاڻي شهر جا رهواسي آهيو۔۔ سائين سنڌ ته پوري سونهن آهي انهي سونهن جو مان ديوانو آهيان۔۔۔ پر لاڙڪاڻي شهر سان پنهنجو نينهن لڳي۔۔۔۔ ڇو جو اوهان منهنجي محبوب مرشدن ڪريمن جي شهر سان تعلق رکڻ وارا آهيو۔۔ منهنجي سر جا سائين آهيو۔۔۔ پرين جي پار سان، محبت کي سائين حمل فقير هن نموني سان لکيو آهي۔۔۔

    مرشدن جي نسبت سان هڪڙو سائين حمل فقير جو شعر پيو ياد اچي:

    پرين جي پار ڏانهن آئي ڪتي ڪاري،
    اسان سڀ لغاري، قربان وڃو انهي ڪتي تان۔

    وري انهي شعر پڙهڻ سان حمل فقير جي قوم وارا سائين سان نارض ٿي پيا تنهن تي سائين هڪ ٻيو شعر پڙهيو۔۔۔

    پرين جي پار ڏانهن آيو ڪتو ڪارو،
    هي حمل ويچارو، قربان وڃي انهي ڪتي تان۔

    حمل فقير جي ڀرسان ننڍڙو ڏوهٽو بيٺو هو جو ائيڻ چوڻ لڳو ته نانا مان به اوهان سان گڏ آهيان سائين حمل فقير وارڻيو نه پٽ توکي ڪونه سهندا۔۔۔۔۔

    نيٺ ڏوهٽي جي ڳالهه مڃي ورتئين ۽ آخر ۾ هڪڙو سرائيڪي ۾ شعر سائين پڙهيو۔۔۔۔۔

    پرين دي پار وچون، آئي ڪتي ڏون
    هڪڙا مين، هڪڙا تون،
    قربان وچون اهيئن ڪتي تون۔۔۔۔

    سائين اها ته هئي سائين حمل فقير جي محبت، اسان انهن فقيرن جا غلام آهيون۔۔۔۔ منهنجي پرين جي پار جا پرين سهڻا مٺڙا نثار ابڙو صاحب اوهان جا قدم ۽ اسان جو اکيون۔۔۔۔۔۔

    رب سائين اوهان کي شادو آباد رکي جو اوهان اسان جهڙن کي پنهنجي باري ۾ ٻڌايو۔۔۔ اوهان جهڙن اديبن جي هن سنڌ کي ضرورت آهي۔۔۔۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal

    shal judy hujeen
     
  10. شبير جتوئي

    شبير جتوئي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايگزيڪيوٽو آفيسر مهران شگر ملز ليميٽڊ ٽنڊو الهيار
    ماڳ:
    ٽنڊو مستي، خير پور ميرس
    شبير جتوئي
    خيرپور ميرس
    ادا سائين نثار توهان ته وڏا ڀاؓڳ وارا آهيو اوهان اهڙي مقدس جڳه تي رهو ٿا
    ڀاءُ اسان غريبن کي به دعائن ۾ ياد ڪجو
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين منهنجا توهان جا اڳ ۾ اسان مسڪينن تي احسان گهڻا آهن، وري اسان جي چوڻ تي پنهنجو تعارف ڪرائي اسان تي اڻ ڳڻيا احسان ڪري ڇڏيا. منهنجي شيئرنگ کي pasand
    asul matt
    shal judy hujeen
     
  12. وقار

    وقار
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 مئي 2010
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    ادا وڏي مهرباني اوهان جي جو پنهنجو تارف ڪرايو؟؟
     
  13. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    سائين توهان جو تعرف ڏٺوسين ۽ پڙهيوسين ۽ تمام گهڻو پسند آيو، مون کي خاص ڳالهه اهيا وڻي ته توهان پنهنجي تصوير پڻ لڳائي آهي، ۽ ڪيتري عرصي کان توهان جي تصوير ڏسڻ جا مشتاق هئاسين، ۽ اهيا خواهش به الله تعاله پوري ڪئي، ادا توهان جو جڏهن به الله جي گهر بيت الله وڃڻ ٿئي ته هن ناچيز کي دعائن ۾ ياد رکندا۔ ۽ جڏهن به سائين جي روضي تي حاضري جو شرف حاصل ڪريو ته سائين جي روضي ڀرسان سائين کي منهنجا ۽ پوري سنڌ جا سلام پيش ڪجو، سائين جن ته سنڌ جي چادر اجرڪ کي به پسند ڪرڻ فرمايو آهي۔ ۽ سنڌ لاء ته اهيو به فرمايو آهي ته هيڏانهن مون کي خوشبوء ٿي اچي۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    مٺڙا ممتاز، اوهانجا لک ٿورا جو اوهان اسانکي مان ڏيو ٿا، دوستن جي دوستي تا سر قربان ڪرڻ جي ستي پيل آهي، هڪ عرض ڪندو هلان ته الله جو دين به پوري عالم لئه ته سندس موڪليل رسول به رحمت العالمين، الله جي رحمت ۽ رسول جي نظر سنڌ ته ڇا پوري دنيا تي آهي ۔۔۔ هڪ طرف قرآن آهي ته ٻي طرف سنت رسول آهي ۔۔۔ ٻنهي کي مضبوطي سان پڪڙبو ته ٻيڙا پار ۔۔۔

    دوست ممتاز، جي سچ پڇو ته حرم پاڪ ۾ پڙهيل گهڻين نمازن ۾ ٻه دعائون ته ضرور گهرندو آهيان ۔۔۔ هڪ آهي ۔۔۔سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ۔۔۔ ۽ ٻي آهي تون حبيب تون طبيب، تون درد جي دوا ۔۔۔ ۽ اهي ٻئي دعائون آ پاڻ سان گڏ سموري سنڌ جي دوستن، مٽن ۽ مائٽن کي ذهن ۾ رکي گهرندو آهيان ۔۔۔
    رب العالمين سنڌ واسين ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن تي پنهنجي رحمت جا پاڇا همشه قائم رکي ۽ دين ۽ دنيا ۾ سرخرو ڪري ۔۔۔ آمين
     
  15. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    ادا سائين نثار صاحب اوهان ته وڏا ڀاڳ وارا آهيو جو اهڙي مقدس جڳه تي رهو ٿا اسان غريبن کي به دعائن ۾ ياد ڪجو ۽ اميد ٿا ڪيون ته اوهان به هن فورم ۾ ڪجه ڪري ڏيکاريندا ...........................
     
  16. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    واه سائين واه اسان کي امتحانن تي روانو ڪري پوء ٿا پنهنجو ديدار ڪرايو & مڪمل تعارف به ٿا لکو
    بس يااااااااااااااااار ڏاڊي ٿي
    سچ پچ دل باغ بهار ٿي پئي آهي
    هي ته شڪر ڪريان ته جنهن سنگت وٽ حيدر آباد يا ڄامشوري ۾ آهيان اتي نيٽ ملي ٿي پوء ته ڪجه ٽائيم پڙهائي کان فارغ ٿي اوطاق تي اچڻ جو موقعو ملي ٿو وڃي
    پر سائين مان وارا واقعي توهان جو ديدار ٿي ويو الله رب العزت اوهان کي شاد & آباد رکي & اسان ۾ اهڙي تبديلي آڻي جو اسان جو ملک سنڌ ماتا ايڏي ته شاد & آباد ٿي پوي جو ڪنهن به سپوت کي پرديس جا ڏينهن ڏسڻا نه پون
    باقي پنهنجي گهر بيت الله & پنهنجي پياري حبيب جو ديدار ته الله هر مسلمان کي نصيب فرمائي
    آمين
    سدا خوش رهو آباد رهو
    ڏاڏي مرحومه مونکي هڪ دعا ڏيندي هئي اها اوهان لاء
    شل ڪوسو واءُ نه لڳندء
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    مٺڙا دوست طاهر، عرض ته ادي عبدالوهاب عرف عبدو هن فورم جي شروعاتي ڏينهن ۾ سڀني دوستن کي عرض ڪيو هو ته هو پنهنجو تفصيلي تعرف ڪرائن، ان سلسلي ۾ مون اڳرائي ڪندي هي تعرف موڪليو هو ته جيئن ٻيا دوست به تعرف ڪرائن ۽ مون هڪ نمونو پيش ڪيو هو ته من دوست ان نموني تي پنهنجو تعرف ڪرائن پر ڪجهه دوستن کان علاوه ڪيترن دوستن پاڻکي ڍڪيل رکيو ۔۔۔سو انڪري اهو چئبو ته هي تعرف هن فورم جي شروعاتي تعرفن مان هڪ آهي ۔۔۔ سال کن پراڻو آهي ۔۔۔

    اوهانجا لک لائق جو اوهان دوست، ايترو مان ڏيو ٿا، محبت ڏيو ٿا ۔۔۔ اوهانجي ان محبت ۽ مان سبب پاڻکي دنيا جو خوشنصيب انسان سمجهندو آهيان۔ رب العزت اوهانکي پنهنجي پناه ۾ رکي ۽ امڙ ڏاڏي جي دعا اسانجي واتان به ته اوهانکي ڪوسو وا نه لڳي۔

    هميشه دعائن ۾ گڏ رکجو ۔۔۔
     
  18. ابن قابل قاضي

    ابن قابل قاضي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 فيبروري 2010
    تحريرون:
    52
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    السلام عليڪم


    اَول الله عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي؛
    قادِرُ پنهنجي قُدرت سين، قائم آهِ قديم؛
    والي، واحِدُ، وَحۡدَهٗ، رازق، رَبُّ رَحِيم؛
    سو ساراه سچو ڌڻي، چئِي حَمدُ حَڪِيم؛
    ڪري پاڻ ڪَرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جهان جي.

    سنڌ وارن جا سلام مڪي جي مالڪ ۽ مديني جي مهندار تائين پهچائڻ لاءِ عرض رکجن ٿا جي مهل موقعي ۽ وقت جي سهوليت سان ڌڻين تائين رسائيندا تـ الله پاڪ اوهان لاءِ آسانيون پيدا ڪندو . دعاڳو خادم السنڌ
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    خادم السنڌ! حاضر مڪي جو مالڪ جيڪو سڄي ڪائنات جو مالڪ آهي انجي پسنديده گهر ڪعبت الله ۾ وڃي اوهان ۽ سنڌ واسين لئه دعاڳو ٿبو ۽ باقي مديني ته مونکي به ڪئي مهينا ٿي ويا آهن انڪري آس آهي ته جلد ديدار نصيب ٿئي ته اوهان لئه ۽ سنڌ لئه سلامي ٿجي۔
    ڌڻي سڳورو اوهانجي لئه به آسانيون ڪري ۽ اوهانجي من جون سڀ نيڪ خواهشون پوريون ڪرڻ فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  20. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: سلام مڪي پاڪ کان

    سائين مهربانيون​
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو