ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

'سنڌ سلامت سپورٽس' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2011۔

?

توهان جي نظر ۾ هي ورلڊ ڪپ ڪهڙي ٽيم کٽيندي ۔۔۔ ؟

  1. آسٽريليا

    0 ووٽ
    0.0%
  2. ڏکڻ آفريڪا

    6.3%
  3. انڊيا

    25.0%
  4. انگلينڊ

    0 ووٽ
    0.0%
  5. سري لنڪا

    0 ووٽ
    0.0%
  6. پاڪستان

    62.5%
  7. نيوزيلينڊ

    0 ووٽ
    0.0%
  8. ويسٽ انڊيز

    0 ووٽ
    0.0%
  9. بنگلاديش

    6.3%
  10. زمبابوي

    0 ووٽ
    0.0%
  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    ڪرڪيٽ 2011 جو ميلو شروع ٿيڻ تي آهي ۔۔۔ 19 فيبروري تي شروع ٿيندڙ هي مقابلا ڏکڻ ايشيا جي ٽن ملڪن ۾ کيڏيا ويندا۔۔۔ پاڪستان جي اندروني امن امان جي صورتحال ۽ سري لنڪا ٽيم تي ٿيندڙ حملي کان پوءِ آئي سي سي پاڪستان کي ميزباني مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو۔۔۔۔ هاڻي هي مقابلا انڊيا، سري لنڪا ۽ بنگلاديش ۾ کيڏيا ويندا۔۔۔ هن ۾ شامل ٽيمن جو تعداد 16 آهي جن مان 6 ٽيمون اڃان سيکڙاهٽ آهن۔۔۔ جڏهن ته توهان جي سهولت لاءِ هتي باقي ڏهن ٽيمن جو تجزيو پيش ڪجي ٿو۔۔۔۔

    آسٽريليا۔۔
    2008 کان پوءِ‌ جڏهن ٽيم ۾ شامل ميڪ گراٿ، شين وارن ۽ گلڪرسٽ جهڙن قابل رانديگرن ڪرڪيٽ تان ريٽائرنمينٽ ورتي ته ائين ٿي لڳو جهڙوڪ آسٽريليا جو حشر به ويسٽ انڊيز جهڙو ٿي ويندو پر نئين خون جي حامل نوجوان رانديگرن پنهنجي جستجو جاري رکي۔۔۔ تازو ايشز سيريز ۾ انگلينڊ هٿان بدترين شڪست کان پوءِ وري ون ڊي ۾ انگلينڊ کان خوب بدلو وٺندي 5-1 تان سيريز کٽي ۔۔۔۔ انتهائي پريشر ۾ به هي ٽيم بهترين راند جو مظاهرو ڪندي آهي ۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو هن ورلڊڪپ ۾ پڻ هاٽ فيورٽ طور شامل آهي۔۔۔

    ڏکڻ آفريڪا۔۔۔۔
    هي ٽيم ٽيم ڪڏهن ته بدقسمتي هٿان بس فتح کان ٿورو ئي پري رهجي وڃي ته وري ڪڏهن حيران ڪن طور اهم ميچ هارايو وڃي۔۔۔ فيلڊنگ ۽ بيٽنگ ۾ دنيا جي مڃيل هي ٽيم مخالف ٽيم جي لاءِ انتهائي سخت حريف ثابت ٿي سگهي ٿي۔۔۔۔

    انڊيا۔۔۔۔۔
    نوجوان ۽ تجريبڪار راندگيرن تي مشتمل هن ٽيم کي متوازن ۽ ڀرپور صلاحيتن سان حامل سمجهيو ويندو آهي۔۔۔ هن ٽيم جي بيٽنگ دنيا جي مضبوط ترين سمجهي ويندي آهي۔۔۔ هي ٽيم پنهنجي گرائونڊس تي انتهائي سخت حريف رهندي آهي۔۔۔ بس جيڪڏهن فيلڊنگ ۽ بالنگ ۾ بهتري آئي ته ورلڊ ڪپ کٽڻ کان کين روڪڻ ڏاڍو مشڪل آهي۔۔۔

    انگلينڊ۔۔۔
    ڪرڪيٽ کي ايجاد ڪندڙ هي ٽيم ڪڏهن به ورلڊ ڪپ کٽي نه سگهي آهي۔۔۔۔ پر گذريل ٻن سالن ۾ هن ٽيم جي ڪارڪردگي جو گراف تمام بهترين رهيو آهي۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ٽونٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ پڻ کٽي چڪي آهي۔۔۔ تازو آسٽريليا، پاڪستان ۽ بنگلاديش کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ ٽيم جو مورال بلند آهي۔۔۔ ۽ ڪافي ڌرين جو خيال آهي ته انگلينڊ هي ورلڊڪپ کٽي سگهي ٿي۔۔۔

    سري لنڪا۔۔۔
    هوم گرائونڊ جي سپورٽ۔ عقلمند رانديگرن ۽ ٻڌي سان کيڏندي هي ٽيم ڪيتري به مشڪل مخالف کان راند کٽڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي۔۔۔ هر فيلڊ ۾ متوازن ۽ جذبي سان ڀرپور هي ٽيم پنهنجي گرائونڊس تي تاريخ دهرائيندي ورلڊ ڪپ حاصل ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿي۔۔۔۔

    پاڪستان۔۔۔۔
    ويسٽ انڊيز کان بهترين ۽ تيز ترين بالنگ جو اعزاز کٽيندڙ هي ٽيم ڪجهه ڪري سگهڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي۔۔۔ 8 نمبرن تائين بيٽنگ رکندڙ هن ٽيم جو ڪو به هڪ رانديگر راند کٽرائي سگهي ٿو۔۔۔ دنيا جي بهترين بالنگ جي حامل هي ٽيم ورلڊ ڪپ حاصل ڪري سگهي ٿي پر سندس اهم ڪمزورين ۾ رانديگرن جو هڪ ٻئي سان ساٿ نه ڏيڻ ۽ رشورت خوري جي الزام هيٺ رهڻ ڪري پنهنجو مورال وڃائي سگهي ٿي۔۔۔

    نيوزيلينڊ۔۔۔۔
    دنيا جي عقلمند ٽيم ۽ ڪپتان جو اعزار رکندڙ هي ٽيم گهٽ ون ڊي کيڏڻ ڪري ڪجهه پوئتي ضرور آهي پر پنهنجي قابليت کي استعمال ڪري ڪنهن به ٽيم کي شڪست ڏئي سگهي ٿي۔۔۔ مسلسل محنت ۽ پريڪٽس سندن قسمت تبديل ڪري سگهي ٿي۔۔۔۔

    ويسٽ انڊيز۔۔۔۔
    ماضي جو شاندار ريڪارڊ رکندڙ ۽ ڪاري انڌاري سڏجندڙ هي ٽيم هن وقت نوجوانن تي مشتمل آهي۔۔۔ اڪثر پهريون دفعو ورلڊ ڪپ کيڏندڙ رانديگر ڪنهن به ٽيم کي اپ سيٽ شڪست ڏئي سگهن ٿا۔۔۔

    بنگلاديش۔۔۔۔
    هي ٽيم ڪنهن به وقت حيران ڪندڙ نتيجا آڻي سگهي ٿي۔۔۔ گذريل ڪجهه مقابلن ۾ اهم ٽيمن کي ٻاهر ڪڍڻ جو ڪم انجام ڏئي چڪي آهي۔۔۔ هي ٽيم بيشڪ ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ فيورٽ نه آهي پر هوم گرائونڊ ۽ هوم ڪرائوڊ جي سپورٽ سان بهترين پرفارمنس ڏئي سگهي ٿي۔۔۔۔

    زمبابوي۔۔۔
    تازو انڊيا کي شڪست ڏيندڙ هي ٽيم باصلاحيت ۽ نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي پر ورلڊ ڪپ جهڙي وڏي مقابلي ۾ سندن لاءِ ڪو ٻوٽو ٻارڻ ايترو آسان نه رهندو۔۔۔

    هي آرٽيڪل منهنجي پنهنجي ذاتي رائي تي ٻڌل آهي۔۔۔ ۽ منهنجي خيال ۾ سيمي فائينل تائين پهچندڙ ٽيمون هي آهين۔۔
    پاڪستان، انڊيا، سري لنڪا، آسٽريليا
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    سائين رشيد صاحب ۔۔۔ راز جو راڻو ته الله آهي ۔۔۔ جنهنکي چاهي سوڀون عطا ڪري، پر منهجيون خاص دعائون بنگلاديش جي ٽيم لاءِ آهن ۔۔۔ اميد ته هيءَ ٽيم پاڻ ملهائيندي ۽ دنيا جي هن مقابلي ۾ ڪجهه هيٺايون مٿايون ڪرڻ ۾ ڪامياب ويندي ۔۔۔

    باقي اڳڪٿي ڪري نه ٿي سگهجي ۔۔۔ ڪرڪيٽ باءِ چانس ته اوهان ٻڌو هوندو ۔۔۔ ڪيتريون سٺيون ٽيمون سهڻي راند ڪندي ترڪي پونديون آهين ۽ نالائق ٽيمون اڳتي اچي وينديون آهن ۔۔۔ جيئن تاريخ ۾ پاڪستان جي ٽيم پڻ اوچتو هڪ ٻه هيٺايون مٿايون ڪري دنيا جو ڪوپ کڻي آئي هئي ۔۔۔

    ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ويهي ۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    سائين رشيد جي مهرباني

    راء شماري ڏسي خوشي ٿي۔ ورلڊ ڪپ ۾ فيوريٽ ٽيمون ڪپ گهٽ ئي کٽنديون آهن۔

    ڪرڪيٽ باء چانس آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ دنيا جي بهترين ٽيمن جا تمام وڏا ۽ جوشيلا رانديگر پنهنجي اوج ۾ هوندا۔ ڪرڪيٽ جي هن رنگين ميڙاڪي جو سڀني کي چئن سالن کان انتظار رهندو آهي۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    پاڻ ڪو نجومي ناهيان جنهن جو ثبوت مٿي ڏنل منهنجي اڳ ڪٿي آهي ۔۔۔۔ پنهنجي ڪيل اڳڪٿي هن وقت تائين 50 سيڪڙو سهي ٿي آهي جي سري لنڪا ساٿ ڏنو ته 75 سيڪڙو ٿي سگهي ٿي۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    علي علي ۽ اوهين ملي ڪري سٽي بازن سان ملو ها ته هن وقت اسين دوست مٺايون کائون ها ۔۔۔ پر افسوس ائين نه ٿيو ۔۔۔ باقي اوهانجا ڄاڻايل ٻه نالا پاڪستان ۽ انڊيا ته سيمي فائينل ۾ اچي ويا آهن ۔۔۔ ۽ جي سريلنڪا اوهان جو ساٿ ڏنو ته بس پوءِ اوهانجو نالو جادوگر سهي رکيل آهي ۔۔۔ آسٽريليا وارن کي پنهنجي آڪڙ ٻوڙيو آهي ۔۔۔ چڱو ٿيو ۔۔۔

    خئير سڀاڻي خبر پوندي ته 50 فيصد يا 75 فيصد؟
     
  6. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    دوستو آ سمجهان ٿو ته دنيا جو ڪوپ پاڪستان يا سريلنڪا منجهان هڪ کڻندو
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    india khateendo world cup
     
  8. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    دوستو آ سمجهان ٿو ته دنيا جو ڪپ پاڪستان کڻندو
     
  9. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    اسان جهونن جو ووٽ سريلنڪا کي آهي باقي همدردي پاڪستان سان آهي
     
  10. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    سائين اوهان فڪر نه ڪريو کٽي ڪير به اوهان کي مٺائي کارائيندا سي ڇو ته کٽي ڪير به پر اسان کي فايدو ٿيندو ڇو ته اسان سٽي بازن سان ڊيل ڪرڻ وارا آهيون اسان جو جادوگر بلڪل ريڊي آهي ان ڪم لاء بس اوهان جو آشير واڌ کپي ۔۔۔۔
     
  11. نويد احمد ڪلوڙ

    نويد احمد ڪلوڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    468
    ورتل پسنديدگيون:
    206
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    253
    ڌنڌو:
    ڪنٽري مينيجر، سماجي ورڪر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    هاڻ انڊيا جو وارو آهي
     
  12. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    توهان جي هن جواب تي نظر وڌم ۽ ڏنل جواب جو وقت ڏٺم ته ڏاڍي کل آئي۔۔۔
     
  13. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    ادا اوهان ڀلي اسان جي جواب تي کلو پر جاني کٽيندي سريلنڪا ويه ٿورو انتظار ڪر اسان انهن سان سٽي بازي ۔۔۔۔۔۔۔ڪندا سي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ٽيڪنيڪي غلطي تي ڪن ناهي ڏبو جاني
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    مطلب ته اوهان جي 75 سيڪڙو اڳڪٿي صحيح نڪتي۔ هاڻي جادوگر سمون واقعي جادوگر پيو لڳي۔ اوهان جي فيوريٽ ٽيم به ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي چڪي آهي۔
     
  15. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    ادا سريلنڪا ٻاهر ناهي ٿي جاني ۔۔۔۔۔ ڏسو ته کٽيندي سريلنڪا بابا
     
  16. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    سريلنڪا جا چانس وڌيڪ آهن۔۔۔ فائنل تائين ته اهو پڄي ويندو پر هاڻ ڏسون ته انڊيا پاڪستان مان ڪير سو سندس مقابلي تي اچي
     
  17. اظهرالدين بهلڪاڻي

    اظهرالدين بهلڪاڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مئي 2010
    تحريرون:
    142
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    واپڊا ڪالوني گڊو سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    دعا ڪيو دوستو انشاالله ورلڊ ڪپ 2011 پاڪستان ئي کٽيندو۔
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    ادا الله ڪري پاڪستان کٽي پر اسان جو ووٽ سريلنڪا کي آهي همدردي پاڪستان سان آهي
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    ادا فائنل ۾ انڊيا آهي۔
     
  20. ابو جواد

    ابو جواد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    255
    ورتل پسنديدگيون:
    343
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ماڳ:
    قم ايران
    جواب: ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2011 ڪير کٽيندو۔۔۔؟

    ادا ڪرڪيٽ با چانس آهي اوهان کي ڀلا انڊيا تي ايڏو اطمينان ڇو آهي جڏهن ته پاڪستان تمام وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ اسان کي اميد آهي ته اهو ڪاميابين جو سلسلو دنيا جو ڪپ کٽڻ تائين جاري رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو