پنهنجي نوڪري ڪيئن بچائجي۔۔۔۔؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2009۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    دوستو اسان جي سنڌ سلامت جي هڪ معتبر ۽ لاڏلي رڪن جذبات ۾ اچي پنهنجي نوڪري تان استعفا ڏئي ڇڏي آهي۔۔۔۔۔
    ان جو سبب پنهنجي ڪاوڙ تي قابو نه رکڻ هجي، جذباتي هجڻ هجي يا گرمي جو وڌي وڃڻ هجي۔۔۔۔ يا ڪو ٻيو پر پنهنجي هر ڪيفيت ۾ ياد رکڻ گهرجي ته توهان جي ڪمايل روزي صرف توهان جو خرچو پاڻي پورو نه ٿي ڪري پر ان تي يقينن توهان جا گهر وارا، ٻار بچا ۽ والدين پڻ انحصار ڪن ٿا۔۔۔ ان کانسواءِ نوڪري واري ماڻهون کي معاشري ۾ پڻ عزت وارو مقام حاصل هوندو آهي۔۔۔۔
    اهي سڀ ڳالهيون سموريون سون پر ياد رکو ته بي روزگار ماڻهن ۾ خرابيون پيدا ٿيڻ جو عنصر به وڌي ويندو آهي۔۔۔۔۔ ڇو ته جڏهن هن کي ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ملي ته هو ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ۾ اخلاقي ۽ سماجي حدون پڻ لنگهي سگهي ٿو۔۔۔۔ اهڙي طرح هو پنهنجي عمر ته وڃائيندو ئي پر انهن والدين جي دلين کي پڻ ڏکارو ڪندو آهي جن ڄمندي ئي سندس لاءِ آفيسر ٿيڻ وارا خواب ڏٺا هئا۔۔۔۔۔ جن اهو سوچيو هو ته اسان جو اولاد اسان لاءِ پوڙهائپ جو سهارو ٿيندو۔۔۔ ۽ اهڙي طرح هو پڻ اولاد کي ڪامياب نه ڏسي وقت کان اڳ عمر پوري ڪري وٺندا آهن ۔۔۔۔۔۔۔ ان جو به ذميوار اهو ئي اولاد آهي۔۔۔۔
    ٺيڪ آهي ته خود داري ماڻهون ۾ هجڻ گهرجي پر جذبات تي قابو رکڻ به هڪ گُر ٿيندو آهي جنهن تي هرڪو عمل ڪري نه سگهندو آهي ۔۔۔۔۔ ائين نه ٿئي ته خود داري کي بچائيندي بچائيندي عزت هٿ مان نڪري وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ۽ پوءِ عزت کي بچائڻ لاءِ بي عزتي به برداشت ڪرڻي پوي۔۔۔۔۔
    دوستو اسان جي ملڪ ۾ نوڪري بچائڻ لاءِ هڪ خاص ڪلچر آهي جنهن مان نڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي۔۔۔۔ ان ڪلچر جي جهلڪ توهان هن تصوير کي ڏسي محسوس ڪري سگهو ٿا۔۔۔۔

    [​IMG]

    مان پنهنجي ان دوست کي اهو به ٻڌائيندس ته هر انسان کي پنهنجي عهدي جي حساب سان پريشانيون ڏسڻيون پونديون آهن۔۔۔۔۔ جنهن جي جهلڪ هن تصويرڪشي ۾ پڻ خوب رکيل آهي۔۔۔۔۔

    [​IMG]

    مٿين سڀني ڳالهين کي نظر ۾ رکندي مان پنهنجي پياري دوست ”محترم عبدالوهاب قمبراڻي“ کي نماڻو عرض ڪندس ته پنهنجي فيصلي تي هڪ دفعو ٻيهر نظرِ ثاني ڪري۔۔۔۔۔
    ادا ياد رکو ته جيڪڏهن توهان جي نوڪري توهان کي مهيني جا 29 ڏينهن خوش رکندي هجي ۽ هڪ ڏينهن ناخوش ڪري ته ان کي برداشت ڪيو ۔۔۔ ڇو ته توهان ان هڪ ڏينهن جي مقابلي ۾ 29 ڏينهن خوش ۽ مطمئين هوندا آهيو۔۔۔۔۔
    مون کي يقين آهي ته توهان منهنجي ڳالهه تي غور ضرور ڪندا ۔۔۔۔۔ نه ته هي سنڌ سلامت جو سمورو ساٿ توهان کي بهترين صلاح ۽ مشورو ڏيندو ۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ کي اڪيلو ڪڏهن به محسوس نه ڪجو ۔۔۔۔۔ سک ۾ به اسان توهان سان گڏ هياسين ۽ هاڻي به اسان توهان سان گڏ آهيون۔۔۔۔۔۔
     
  2. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا عبدالرشيد ڀاءُ! اصل ڳالهه هينئر سمجهه ۾ آئي آهي ته ادو وهاب ڪافي ڏينهن کان نظر ڇو نه پيو اچي. توهان جا لک قرب جو اسان کي سندس حال کان باخبر ڪيوَ. اسان پنهنجي پياري دادلي کي گذارش ٿا ڪريون ته ادي رشيد جي مشورن تي عمل ڪندي فوري طور ڪاوڙ کي ڇڏي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪن ۽ پنهنجي استعفا واپس وٺن.
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    دوست رشيد جي ڳالهين سان متفق ٿيندي ، ادي عبدالوهاب کي پنهنجو به نماڻو عرض اهو ئي آهي ته هو پاڻ سنڀالي، لڳل روزيءِ کي تيستائين هٿان نه ڇڏي جيستائين ڪو ٻيو بندوبست نه ٿو ٿئي ... ۽ مٿان وري حڪومتي نوڪريون ملڻ به مشڪل آهن ...

    سوچي سمجهي فيصلي ڪرڻ ۾ عافيت آهي ... الله تعالا دوست کي صحيح فيصلي ڪرڻ جي سگهه عطا فرمائي ... آمين

    نثار ابڙو
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    الله اڪبر ڪبيرا
    ادا وهاب هاڻي مونکي خبر پئجي وئي ته تون مونکي پنهنجو وڏو سمجهندو هُئين سو دل سان قطئي ڪونه سمجهندو هُئين۔ ايڏو وڏو فيصلو ۽ مون کان به مشورو ڪونه ڪيُئي۔ توکي خبر آهي، مان پنهنجي نوڪري ڇڏڻ کان پوٌءِ ڪهڙن ڪهڙن محاذن تي بار بار چچريو ويو آهي، ماريو ويو آهيان، ائين سمجهه ته بيروزگار جِي حيثيت سان روز مرندو آهيان روز جيئندو آهيان۔ ۽ اها صورتحال مونسان گُذريل اٺن سالن کان آهي۔ ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته رب ڪريم ڪارساز آهي پر مٺا وهاب پنهنجي لڳي ٻڌي نوڪري ڇڏڻ ڪنهن به صورت ۾ تُنهنجو درست عمل ڪونهي۔ ڳالهه صرف تُنهنجي ڪونهي پر تُنهنجي ڪُلهن تي ڪافي سارن اهڙن ماڻهن جا بار آهن جيڪي اڃان معصوم آهن ۽ انهن معصومن جي حق تي ڌاڙو هڻڻ جو حق توکي ڪير به ڏئي نٿو سگهي، تون سدائين مونکي بابا سائين چئي مونکي مان ڏيندو آهين اڄ تو وهاب مونکي رُئاڙي ڇڏيو آهي۔ مان نثار ناز ٻيو ته ڪجهه نٿو ڪري سگهان پر اڄ تُنهنجي بي رُخي ۽ وڏن جي بي ادبي ڪرڻ مطلب بغير مونکان مشورو ڪرڻ جي پنهنجي روزگار کي لت هڻڻ تي احتجاج طور سنڌ سلامت جي آستاني تان پنهنجو بائيڪاٽ ٿو ڪريان۔ پُٽ وهاب تون ڀلي وڏو ٿي۔ اڄ خبر پئي ته ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    سائين منهنجا، انکي چئبو اٿوَ ”ننڍا ته ننڍا پر وڏا به وڏا “ ... قصور ڪري هڪ ۽ ڀرين ٻيا، ادا نثار ناز، اسان ته سمجهندا هئاسون ته اوهانجو اسان سان به قرب جو ۽ دوستيءَ جو رشتو آهي پر هي ڇا ... اڄ ته لڳو ته پاڻ ته بس بند جي ڪناري واري ماڻهون آهيون ...

    بس ڙي ادا پاڻ ڄاڻو ... پٽن جي ڪري دوستن جي دوستي جو ڪو خيال ئي نه ...

    هم دعا لکتي رهي، وه دغا پڙهتي رهي،
    ايڪ نڪتي ني همين، محرم سي مجرم بنا ديا ...

    ٿورڙو اسانجي ان نقطي تي به سوچجو
    shal judy hujeen
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين نثار ناز جي سمجهائڻ واري انداز مان لڳو ته ادا وهاب کي هاڻي سوچڻو ئي پوندو۔۔۔۔
    سائين نثار ابڙو صاحب ۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي وڏي مهرباني جو توهان جذبات ۾ ائين ڪونه لکيو ته جيڪڏهن سائين نثار ناز بائيڪاٽ ٿو ڪري ته اسان سندس سان گڏ آهيون۔۔۔۔ نه ته مان مٿو پڪڙي ويهي رهان ها ته تحرير موڪلي غلطي ڪري وڌم۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    باقي ادا وهاب سمجهدار آهن يقينن پنهنجي هڪ غلطي جي سزا سموري سنڌ سلامت ساٿ کي نه ڏياريندا۔۔۔۔
     
  7. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    ادا وهاب، هي ڏس ته تنهنجي جذباتي فيصلي جي ڪري ڪيئن نه سنڌ سلامت جي دوستن کي ڏک پهتو آهي، ٻيلي ڏاهو ٿي، هاڻي ته پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪر ۽ سائين نثاز ناز کي به پرچاءِ. ڪٿي ائين نه ٿئي جو ڪو ٻيو دوست به اهڙو جذباتي فيصلو ڪري وٺي جيڪو سائين نثاز ناز ڪيو آهي.
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا نثار ابڙا اسان ڀلا سنڌ سلامت جي مٺن ماڻهن کي ڪيئن ٿا وساري سگهون ۽ انهن کان جُدا ٿا ٿي سگهون اهو ممڪن ئي ڪونهي۔ ادا ابڙا بائيڪاٽ ڪبو آهي وري واپس اچڻ لاءِ ۔ جذباتي نوجوان ادا وهابَ نيٺ شڪر الحمد الله پنهنجي استعفى واپس ورتي هُن مٺي ماڻهو فون ڪري پنهنجي غلطي مڃي . ادا نثار پاڻ سنڌ سلامت تي هڪ فيملي وانگر رهون ٿا، جيڪڏهن ڪو دوست غلطي ڪري ٿو ته اسان سڀني جو فرض ٿيئي ٿو ته ان دوست کي پيار سان سمجهايون، پر ادا وهاب جيڪا غلطي ڪئي هُئي ان ۾ مونکي خبر آهي ته پيار سان سمجهڻ ۽ سمجهائڻ واري ڳالهه ڪانه هُئي ان ڪري جيڪو سنڌ سلامت وارو آستانو اسان سڀني پيار سان وڏي اُميدن سان سجايو آهي ان کان بائڪاٽ واري ڳالهه بيحثيت وڏي جي مُنهنجي وهاب لاءِ وڏي ۾ وڏي ڪاوڙ هُئي . دوست ڪاوڙ به پنهنجن سان ڪبي آهي ادا وهاب جيئن ته سنڌ سلامت جي ئي حوالي سان مُنهنجو ، يا سڀني جو گهڻو ڪُجهه آهي. شابس هُجي ادا رشيد سمون کي جنهن جي دل ۾ ادا وهاب جي استعفى وارو درد دکيو پي. ان ويچاري کي ڪا ٻي ڳالهه ڪانه سُجهي هُو فوري طور ادا وهاب جي ذاتي مسئلي کي سنڌ سلامت جي سڀني دوستن جي سامهون کڻي آيو. سڀني کي تمام گهڻو افسوس ٿيو. هر ڪو پنهنجي پنهنجي فهم موجب افسوس ڪري رهيو هو. پر مون پنهنجي فهم موجب اهو فيصلو سنڌ سلامت جي بائيڪاٽ وارو ڪيو. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو ٻن ڪلاڪن جي اندر اندر ادا وهاب سنڌ جي حلالي پُٽ وانگر مون وڏي جي ڪاوڙ کي مانَ ڏنو ۽ فوري طور تي پنهنجي آفيس وڃي پنهنجي استعفى واپس ورتي. ادا نثار واقعي مان جذباتي ٿي ويو هُئس جو توهان لکيو آهي ته ننڍو ته ننڍو آ پر وڏو ڀي ............... ادا مان سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کان معافي ٿو وٺان جو مون واري ڳالهه جو هر ڪنهن کي رنج رسيو. دوست سنڌ سلامت جي اڱڻ کي هاڻ اهو به اعزاز حاصل آهي. ته سنڌ سلامت جا سمورا دوست هڪ ٻئي جي درد ۽ غم کي پنهنجو درد ۽ پنهنجي تڪليف ٿا سمجهن . ڀلا توهان ئي ٻُڌايو ته ڪو اهڙو فورم آهي جنهن ۾ اهڙا پيار ڀريا ۽ محبتي دوست هُجن جو دوست جي ڪنهن مشڪلات تي تڙپي ٿا پون. ۽ اهو ايثار اهو جذبو ئي اسان جي سنڌ سلامت جي آستاني جي وڏي ڪاميابي آهي. شال سنڌ سلامت جو هر ميمبر پنهنجي پيارن سان سدائين خوشيون ماڻي. ۽ سنڌ سموري سدائين سُرهاڻ بڻجي.(آمين)
     
  9. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    پرين هاڻي ڏي خبر ڪندي اڪيلي اڪيلي فيصلا

    بلڪل ادا رشيد
    ادا وهاب هاڻي اوهان کي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪرڻي پوندوءُ
    ادا ابو زين بلڪل صحيح چيو اٿوءُ مهرباني ادا

    ادا عبدالوهاب ٻيلي سڄاڻو ٿئي پنهنجي فيصلي تي نظر ثاني ڪر shal judy hujeen

    suhnan saan


    khil sahi


    sindhsalamatsaathsal
     
  10. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    سائين هن ناچيز پنهنجي استيعفيٰ واپس وٺي ڇڏي آهي، ۽ هاڻي پاڻ واري ڪمپيوٽر تان فورم تي پوسٽون ڪري رهيو آهيان۔
     
  11. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جڏهن استيعفي جهڙي عظيم غلطي ڪئي.
    ته مونکان سڄي سنگت ناراض ٿئي وئي. پر منهنجا ڪجهه دوست هن وقت به مونسان انهي عظيم غلطي جي ڪري نه ڳالهائيندا آهن انهن دوستن کي يقين ڏيارڻ لاءِ ته
    هن ناچيز پنهنجي استيعفي واپس وٺي ڇڏي آهي انهي لاءِ هي تصوير پاڻ واري مين ڪمپيوٽر تان ڪڍي ڪري توهان دوستن کي موڪلي رهيو آهيان
    [​IMG]
    ٻيلي زاهد ڪجهه ته ڏاهو ٿي. هاڻي ته مونکي معاف ڪر،
     
  12. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا زاهد هاڻي وري عبدالوهاب تي مڙئي ٿورو رحم ڪر ٻيلي ڏاڍو پريشان ٿيو اٿئي ادا هاڻي ڪريس معاف وري ايئن نه ٿئي جو پاڻ هليو اچي ڪراچي ٻيلي پو۽ ڏاڍو ڏکيو ٿيندي پو۽ ان جي ناشتي جي ته خبر اٿئي نه ادا :D

    shal judy hujeen

    sindhsalamatsaathsal
     
  13. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا وهاب يار پنهنجي ڪا ذاتي دشمني ڪونهي جو اوهان سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بند ڪريان۔۔۔ پر ادا مان هفتي ڏيڊ کان وٺي بيمار پيو هيس۔۔۔۔۔۔ اوهان جي مهرباني اوهان ٻيهر پنهنجي نوڪري سنڀالي ورتي انهي جو سڄو ڪريڊيٽ ادا رشيد ڏي ٿو وڃي۔۔۔۔۔
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ادا زاهد! يار بيماريءَ جي خبر دير سان ٻڌائي اٿئي ... خئير هاڻ طبيعت ته ٺيڪ آهي نه؟
    يار! ادو عبدالوهاب، ڦوٽوءَ ۾ ته اصل من پيو لڳي ۽ ماڻهون به ڀلو آهي ... ۽ هونءَ به سهڻن سان ڪهڙا ليکا ...
    رب سڳورو اسان سڀني جون مشڪلون حل ڪري ۽ پنهنجي امان ۾ رکي ... آمين
     
  15. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سائين توهان محسنن جو دعائون اسان سان گڏ آهن۔۔۔۔ اوهان جي وڏي مهرباني جو اسانجو حال معلوم ڪيو اٿوَ۔۔۔ باقي هاڻي طبيعت ٺيڪ آهي۔۔۔ ڊاڪٽرز ٻڌائين پيا ته اوهان کي ٽائيفائيڊ بخار ٿي ويو آهي۔۔ بس اهي ڊاڪٽرن سڳورن جو ٿيلهيون ۽ سُيون هڻائي اصل پنهنجا ڏورا ئي سُڄائي وڌا آهن۔۔۔

    باقي ادو وهاب صفا پپڙو پيو لڳي۔۔ ادا کي ٻيهر آفيس ۾ ڏسي ڪري دل ڏاڍي خوش ٿي۔۔۔۔ سائين واقعي سهڻن سان ڪهڙا ليکا۔۔۔۔۔suhnan saan

    shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو