غزل

'سنڌي شاعري' فورم ۾ زاهد سومرو طرفان آندل موضوعَ ‏11 جولائي 2009۔

  1. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    سنڌ سلامت جا دوستو اسلام عليڪم! ياعلي مدد!

    دوستو ضلعي نوشهرو فيروز جي پياري ۽ من موهيندڙ شاعر "مرحوم محمد خان مسرور پنائي" جو تمام پيارو غزل مان اڄ اوهان دوستن کي ارپيان ٿو۔۔۔ اميد ته مرحوم جي شاعري اوهان کي پسند ايندي۔۔۔۔ ۽ اوهان مرحوم جي ايثالِ ثواب لاٌءِ دعاڳو رهندا۔۔۔۔۔ ته کين الله رب العزت جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائين۔۔۔۔۔




    غزل​




    چپ جي ڪُنڊ کي چَڪِڻُ، هٿ ڏئي مُنهنَ تي کلڻ،
    ڏيڍي اک سان ڏسڻ، هي وڏي ڳالهه آ….
    …….
    …….
    درسني هٿ جهلڻ، چڪ سان ڇوڏو ڇنڻ،
    مهٽي مهٽي ڪرڻ، ڏند ڏاڙهون جي ڪَڻ،
    چُپ زبان سان رهڻ، ڪنهن کي ڪنڌ سان سڏڻ،
    ۽ اکين سان پڇڻ، هي وڏي ڳالهه آ…..
    …….
    …….
    ڏينهن ڏاڍو تتل، مان به آيس ٿڪل،
    توکي خوشبو مکيل، بدن ٿڌڙو ڀنل،
    منهنجي ڀر ۾ اچڻ، وار آلا ڇنڊڻ،
    روح جو مهڪجڻ، هي وڏي ڳالهه آ….
    …….
    …….
    وار مُنهنَ تان کڻي، ڪنڌ کي ڏئي اڇل،
    رات پوري ٿئي، لوڪُ جاڳي سُتل،
    تنهنجو مُرڪي پوڻ، چُگهه ڳٽن ۾ ٺهڻ
    دل پنائي ڦرڻ، هي وڏي ڳالهه آ….


     
  2. جهاندادسمون

    جهاندادسمون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,730
    ورتل پسنديدگيون:
    117
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    423
    ڪافي تمام سوپررر۔۔۔۔
     
  3. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    ادا جهانداد pasand
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ادا زاهد سومرا السلام عليڪم : مرحوم محمدخان مسرور پنائي جي شاعري تمام شاندار آهي، جدت ۽ سُونهن جِي سُرهاڻ سان ڀريل هيءَ شاعري پيار ڪرڻ وارن لاءِ يقينن نئون دڳ آهي۔ مونکي هيءَ شاعري ڏاڍي پسند آئي۔ پر ادا توسان گڏ سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي ٻُڌائيندو هلان ته هي شاعري غزل واري گهاڙيٽي ۾ ڪونه آهي۔ توهان هن خوبصورت شاعري کي نظم چئي سگهو ٿا۔ يا ڪافي جي فارميٽ واري شاعري به هن کي ڪوٺي سگهو ٿا۔ مهرباني ادا زاهد۔
     
  5. منظر جلباڻي

    منظر جلباڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 جولائي 2009
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سائين محترم نثار ناز صاحب اوهان جي ڳالهه بجاءِ آهي۔ پر سائين اوهان پاڻ ئي سوچيو ته موڪليندڙ ڪير آهي۔ اهو اسان مخدومي الجميلي آهي۔ فقيرن کي ڪهڙي خبر غزل، نظم، ڪافيو، رديف، مرثيو، نثر ۽ ڪافي ڇاٿيندي آهي۔ ويچارن فقيرن کي جيڪا ڳالهه دل سان لڳي ته لوڪ اڳيان سڌي ريت ڪري چئي ڏيندا آهن۔ باقي فقير جي طرفان موڪليل مسرور پنائي جي شاعري تمام پياري لڳي۔ منهنجي اندازي مان به اهو ٿو محسوس ٿئي ته هي غزل آهي۔ باقي اوهان وڌيڪ ادبي شاعر آهيو۔۔ پاڻ انهي کان بلڪل اڻواقف آهيون۔

    الجميلي اوهان جي شيئرنگ تمام پياري آهي۔shal judy hujeen
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    ادا هيوي (اڳواٽ معافي)
    تمام پياري شيئرنگ آهي توهان جڏهن مون کي ڪل سائين جي غزل مون کي پڙهايو ته يقين ڪيو ته دل خوشي ٿئي وئي توهان جي شيئرنگ جي جيتري به تعريف ڪجي سا گهٽ ٿيندي shabash

    ادا توهان جي اهڙي شيئرنگ جو انتظار رهندو shal judy hujeen

    lajwab-sharing

    sindhsalamatsaathsal
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    بلڪل ادا جلباڻي: فقير ماڻهن کي گهٽ ۾ گهٽ اها اجازت هُئڻ کپي ته هو رات کي ڏينهن چون ۽ ڏينهن کي رات ۔ باقي مٺا غزل جو گهاڙيٽي جو مطلعُ(ٿلهه) ٻن سٽن کان شروع ٿيندو آهي ۔اهڙي طرح غزل جو هر بند ٻن سٽن تي مشتمل هوندو آهي غزل جي آخري بند کي يا سئولي سنڌي ۾ نالي واري مصرع کي مقطعو چئبو آهي اهو پڻ ٻن سٽن وارو ئي هوندو آهي۔ پر غزل جي سڀ کان خوبصورت ڳالهه اها هوندي آهي ته غزل جي هربند جو تسلسل پهرين بند کان مختلف هوندو آهي بس ائين سمجهيو وڃي هر بند جو خيال پهرين خيال کان مختلف هوندو آهي۔ جيڪڏهن اسان ڳالهه غزل جي ڪنداسين ته لازم آهي ته اُن ۾ علم عروض وارو فن استعمال ڪجي۔
    مرحوم شاعر پنائي جي شاعري جو هڪ بند توهان جي سامهون آهي۔ توهان ئي هن بند جو سٽون ڳڻيو ته بند ۾ ڪيتريون سِٽون آهن

    درسني هٿ جهلڻ، چڪ سان ڇوڏو ڇنڻ،
    مهٽي مهٽي ڪرڻ، ڏند ڏاڙهون جي ڪَڻ،
    چُپ زبان سان رهڻ، ڪنهن کي ڪنڌ سان سڏڻ،
    ۽ اکين سان پڇڻ، هي وڏي ڳالهه آ…..​


    وري هڪڙو غزل جيڪو سنڌ جي بهترين شاعر محتر اياز گُل جو آهي جنهن جي مطلعي ۽ مقطعي سميت ڪجهه بند توهان سان شيئر ٿو ڪريان
    سور سهڻ جو ڪو ساهسَ
    ناهي دنيا! بس ڪر بس
    ــ
    اڄڪلهه پنهنجو جيون ائين جيئن
    ٻين وڳي کان پوءِ ڪئمپس
    ــ
    پنهنجو پنهنجو پارٽ ڪيون پيا
    دنيا هڪڙي آ سرڪس
    ــ
    هُو جو مون سان ملندو آهي
    ماڻهو ٿيندا هِن جيليس
    ــ
    تُنهنجي ذڪر بنا هِن پيارا
    ساريون ئي ڳالهيون بوگس
    ــ
    پيارن ماڻهن جي سامهون ”گُل“
    ٿي ويندو آهي بيوس​

    ڏسي ٻُڌايو ته ڪيڏو نه فرق آهي سائين پنائي مرحوم جي شاعري جيڪا هر لحاظ کان غزل جي گهاڙيٽي ۾ ڪانه ٿي اچي۔ ادا مخدومي جي موڪليل مرحوم محمد خان ”مسرور“ پنائي جي شاعري هر لحاظ کان نظم جي گهاڙيٽي ۾ اچي ٿي۔
    ادا جلباڻي هتي مُنهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ ناهي پر مُنهنجو مقصد انهن دوستن کي شاعريءَ جي ڪُجهه ڄاڻ ڏيڻ آهي جن شاعري واري دنيا ۾ اڃان نئون نئون پير پاتو آهي۔ دوست مان ته هميشهه پنهنجو پاڻ کي ٽي درجي وارو شاعر ڪوٺيندو آهيان۔ بس ائين سمجهو شاعري جي سمنڊ جي ڪنهن ننڍڙي ساحل جي ننڍڙي ڪپر تي ٿاڦوڙا پيو هڻان۔ مونکي انتهائي خوشي ٿيندي جو ڪو شاعريءَ جو شوق رکندڙ دوست مُنهنجي هن چند ڳالهين کي اڳيان وڌائيندي ڪجهه شاعريءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻ سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊيندا۔ مهرباني سائين
     
  8. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    واهه ادا الجميلي واهه تمام بهترين شيئرنگ آهي، مٺا زاهد ڀلا خير ته آهي جو شاعري جي پٺيان لاهي پاهي پيو آهين۔
     
  9. زاهد سومرو

    زاهد سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2009
    تحريرون:
    1,608
    ورتل پسنديدگيون:
    370
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو (سنڌ)
    مٺا وهاب شاعري جي پويان لاهي ڪونه پيو آهيان پر مزو ٿو اچي ۔۔۔۔۔۔۔shal judy hujeen
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو