بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏26 فيبروري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا​


    [justify]بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا
    گرج چمڪ بن وسڻ جا حال لڳن ٿا

    ڪڏهن ته چوندو هو ڪجھ ته ڳالهاءِ
    اڄ ٿو ورجائي اُبتا تنهنجا سوال لڳن ٿا

    ڪنهن ته چُهنڊڙي چڀي آهي چاھ ۾
    اڄ منهن محبوب ۾ ٿيندي قتال لڳن ٿا

    بي خطرقرب ونڊيندا ها سين ڪسرت سان
    ڏيھ ڏسي چوندو هو هي قوال لڳن ٿا

    هاڻي ته عجيب چُپ ساڌي آهي سڄڻن
    ڳالهائڻ ۾ حضرت کي ڪي سال لڳن ٿا

    ڏاڏل سڄڻن کي ڪهڙيون ميارون ڏينداسين
    بس اسان جا ئي سمجهو رستا بتال لڳن ٿا[/justify]​
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    واھ سائين تمام بهترين شاعري
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا مهرباني
     
  4. جواد رضا

    جواد رضا
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 جنوري 2010
    تحريرون:
    508
    ورتل پسنديدگيون:
    111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    لکڻ ۽ پڙهڻ
    ماڳ:
    شهدادپور
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا تمام سٺي شاعري آهي۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ڏاڏل سڄڻن کي ڪهڙيون ميارون ڏينداسين
    بس اسان جا ئي سمجهو رستا بتال لڳن ٿا​
    ۔
    [​IMG]
    ۔ادا ڏاڏل شينو صاحب مون کي ان ڳالهه جو تمام گهڻو ڏک ٿيو ته اسان جي ههئڙي داناء سلڇڻي ۽ علم ادب واري دوست جا به رستا بتال ٿئي ويا آهن الله خير ڪري، ادا مان هاڻ ڏسان ٿو ته اسان جو دوست وڃي ٿو ٻئي پار نڪرندو، جڏهن ته اهيو ئي ساڳيو دوست ڪالم تمام سٓٺا ۽ سهڻا لکي رهيو هو بنسبت شاعري جي۔ ۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا ڏاڏل توهان جو ڏوهه ڪونهي هت جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي سو ٿو ٿئي شاعر يا وري فنڪار، ادا ملڪ جو به حال ڪونهي، بيروزگاري به وڌي وئي آهي سو جڏهن ڪو ٻيو ڌنڌو ڪو نه ٿو ملي ته پوء بس يڪتارو ۽ هڪڙي چپڙي وٺڻي ٿي پوي مڙس شاعر ۽ فنڪار ٿو ٿيو پوي۔ ادا هون به اسان جي معاشري ۾ بنسبت تعليمي ماهر، سائنسدان، يا ٽيڪنيڪل ڪم جي ڄاڻوجي شاعر تمام گهڻا ٿا پيدا ٿين بلڪه اسان جي معاشري ۾ ته شاعرن جون فيڪٽريون آهن۔ شايد ان لاء ته اسان وٽ واندڪائي تمام گهڻي آهي ۽ ان ڪم ۾ نه ڪا انويسٽمينٽ آهي نه وري ان ڪم ۾ ڪا سخت محنت ۽ مزدوري آهي ۔۔۔ ادا ڏاڏل بس منهنجي ته اهيا درخواست آهي ته اسان کي اهوئي ساڳيو ڏاڏل کپي ۔۔۔ ورنه مون کي اهيو خوف آهي ته ڪٿي اسان جي پياري سهڻي همدرد دوست محترم ڏاڏل شينو صاحب جا ههئڙا حال نه ٿين ۽ ههئڙا رستا بتال نه ٿئي وڃن۔
    http://www.youtube.com/watch?v=uV2SDCrn8D8
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا ڏاڏل ڪم وي آئي پي آهي، ٻيلي بتالجندي جاري رکو۔
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

     
  8. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا




    ادا ممتاز اوهان جا سمجهو اها اوهان جي مرضي آهي اسان پنهنجو حال پيش ڪري ڇڏيو اهي آءُ عارف ناهان جو اوهان کي ڪا صلاح ڏيان ته هئين سوچيو سوچ اوهان جي سهڻي ان لاءِ آهي جو اوهان جي دل ۾ منهجي لاءِ درد آهي منهنجي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي۔ باقي اسان هي ٽٽل لفظ ڪهڙي ڪيفيت ۾ جوڙيا آهن ٿي سگهي ٿو ڪنهنجي داهن جي ترجماني ڪئي هجي وغيره ان الفاظن جي وراثت جي نثبت به اسان ڏانهن آهي هاڻي انهن لفظن مان جي اسان ٿا ڪا معنى ڪڍون ته سنڌ سلامت تي اسانجي سلامتي کي خطرو لاحق ٿيو ٿو وڃي ان لاءِ ماٺ ٿا ڪريون ادا اسان کي اوهان شانتي جي ان دِڪي تي پهريان به ڏسندا هيؤ ۽ هاڻي به ڏسندؤ ۽ ، باقي هاڻي اسان جي ان دڪي تي ويهڻ جي ڪو معنى سنڌ سلامت تي ڪڍي تي اها ان جي مرضي آهي اوهان اسان کي سالن کان جنهن رنگ ۾ ڏٺو آهي انشاءِ الله ان رنگ ۾ڏسندؤ
    آمين
     
  9. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا ڏاڏل شينو صاحب مهربانيون جو توهان مذاق واري ڳالهه جو به تفصيلي جواب ڏنو آهي جنهن لاء مان توهان جو ٿورائتو آهيان، اهيا ئي ته توهان جي درويشي صفت وڻندي آهي،۔۔۔۔ ادا اسان مذاق به ته توهان سان ئي ڪنداسين نه، ٻيو ڪنهن سان ڪنداسين۔ڇو جو مان توهان کي سڃاڻان ۽ جيتري برداشت توهان ۾ آهي اها ته اسان کي ئي خبر آهي، ڇو جو اسان توهان جي قريب رهيا آهيون۔ ۽ توهان سان دوستي جو محبت جو هڪ رشتو رهيو آهي۔ ۽ انشاءالله اهيو قائم ۽ دائم رهندو جيسين جيئرا آهيون هن جهان ۾۔ ادا توهان ته منهنجي ونڊ ڪيل وڊيو مان ئي سمجهي ويا هوندو، ته مون اوهان سان مذاق ڪيو آهي منهنجي سوچ ته اهيا آهي باقي اسان ته آهيون منڊي ماڪوڙي، وري به توهان علم وارا ماڻهون آهيو، توهان ئي بهتر سمجهي سگهو ٿا، ۽ هون به ڪڏهن ڪڏهن سنڌ سلامت تي مذاق به ٿيندو آهي، ۽ مذاق به ضروري آهي رڳو مذهبي يا تاريخي خشڪ عنوان به نه هجن جنهن ۾ يڪسانيت اچي ويندي آهي، جڏهن ته جائز مذاق ته صحابه ڪرام ۽ حضور صلم جن کان به دريافت آهي،۔۔۔ ادا ڏاڏل شينو صاحب بس اسان کي اهو ساڳيو شانتي نگر واري دڪي وارو ڏاڏل شينو گهرجي، ڇو جو نه ان ۾ بتالي آهي نه وري اڻ ڄاڻائي، آهي اهو ڏاڏل ته هڪ ذهين علم ادب وارو ڏاڏل آهي، جنهن جي اسان کي هر وقت ضرورت آهي پر جي ان ڏاڏل جا رستا بتال ٿئي ويا ته پوء اسان جهڙا گهٽ عقل وارا بقول سنڌ سلامت جي سرواڻ عبدالرشيد سمون صاحب جي ته اسان جوسب ڪاڏي وينداسين ۔ ادا پيارا دوست محترم ڏاڏل شينو صاحب توهان لکيو آهي ته ۔۔۔ (باقي اسان هي ٽٽل لفظ ڪهڙي ڪيفيت ۾ جوڙيا آهن ٿي سگهي ٿو ڪنهنجي داهن جي ترجماني ڪئي هجي وغيره ان الفاظن جي وراثت جي نثبت به اسان ڏانهن آهي هاڻي انهن لفظن مان جي اسان ٿا ڪا معنى ڪڍون ته سنڌ سلامت تي اسانجي سلامتي کي خطرو لاحق ٿيو ٿو وڃي ان لاءِ ماٺ ٿا ڪريون ۔۔۔ ڏاڏل ) سو ادا اسان توهان کي هٿ ٿا ٻڌون ته سنڌ سلامت تي خطري واري ڌمڪي ته اسان کي نه ڏيو، ٻيلي اسان اڳئي بيمار ماڻهون آهيون، سنڌ سلامت آهي ته اسان سلامت آهيو، سو ادا شايد اسان جو زندگي ۾ ته سنڌ جي سلامتي وارو رشتو ته لاڳاپيل آهي پر مرڻ کانپوء به رهي، الله نصيب ڪري باقي مرڻ کان پوء به هن سنڌ جي مٽي ۾ ئي دفن ٿيڻا آهيو، باقي ته خبر الله کي جيڪو غيب جو هر علم ڄاڻي ٿو،
     
  10. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا ڏاڏل ناراض نه ٿيو ته هڪڙي ڳالهه پڇان ادا اهيو شعر جيڪو اوهان لکيو آهي اهيو ڪهڙو وزن ۽ بحر آهي ادا شاعري کي مزاق نه سمجهو مهرباني ڪري شاعري کي وزن ۽ بحر ۾ لکو ته بهتر ٿيندو
    مان خيالن جي باري ۾ ڪجهه به نه چوندس ته خيال ڪهڙا آهن خيال ته ماڻهون ڪهڙا به لکي سگهي ٿو باقي خدا واسطي شاعري کي وزن بحر ۾ لکو ته بهتر ٿيندو۔باقي هيئين ڪم نه هجي۔
    شاعري جي شين جي ناهي خبر
    مان ڪيان ڀي شاعري ڇاجي ڪري
     
  11. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا جاويد نواز صاحب توهان صحيح ٿا چئو، ته شاعري جا به ڪي طور طريقا ۽ اصول ٿيندا آهن جنهن تحت شاعري ڪئي ويندي آهي، ۽ شاعري ۾ وزن ۽ بحر جو ته خيال رکڻ تمام ضروري آهي، باقي لفظ سان لفظ ملائي ڪري شاعري ناهي ٿيندي، سٺي شاعري لاء انهن تمام ڳالهين کي سامهون رکڻو پوندو آهي، تڏهن وڃي شاعري شاعري ٿيندي آهي، باقي شاعري ته اڄڪلهه ڪيسٽي به ٿئي ٿي پئي جنهن کي راڄ پيو ٿو ٻڌي، ادا مان توهان جي ان ڳالهه سان اتفاق ٿو ڪريان ته ڏاڏل شيني صاحب کي انهن ڳالهين جو به خيال رکڻ گهرجي، ۽ جڏهن شينو صاحب انهن ڳالهين جو خيال رکندو ته سندس شاعري سهڻي ٿي پوندي، باقي هت ته لڳو پيو آهي هلاء هوٽل کي کٽي لنڊ جي قسمت۔۔۔۔
     
  12. جاويد نواز

    جاويد نواز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    386
    ورتل پسنديدگيون:
    91
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    ادا ممتاز علي صاحب مون هڪ حقيقت بيان ڪئي آهي۔جي انهي ۾ ادا ڏاڏل ڪاوڙجي ٿو ته ڀل ڪاوڙجي۔
     
  13. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: بدليل بدليل سهڻل جا خيال لڳن ٿا

    واهه سائين واهه .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو