سنڌ جي سورهيه عورت

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏13 مارچ 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [JUSTIFY]تازو عورتن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو هو، جنهن تي اسانجي دوست سليمان وساڻ پنهنجو ليک به ونڊ ڪيو هو ۔۔۔

    اڄ آ اوهانکي سنڌ جي هڪ سورهيه عورت جي هڪ خبر ٻڌايان ته هن سنڌياڻي دنيا جو عالمي سورهيائي وارو ايوارڊ آمريڪا ۾ حاصل ڪري ورتو آهي ۔۔۔ هن ۾ 100 دنيا جي مختلف ملڪن سان لاڳاپيل عورتن کي ايوارڊَ ڏنا ويا ۔۔۔ ۽ سنڌ جي پوئتي پيل علائقي ٿر ۾ پنهنجي مارئي ڊولپمنٽ آرگنائزيشن جي خالق محترمه غلام صغران پڻ انهن 100 عورتن ۾ شامل ڪئي وئي جن سورهيائي ۽ همٿ ڏيکاري عورتن جي ترقي لا ڪم ڪيو ۔۔۔ انهن سئو عورتن مان 10 عورتون چونڊيون ويون ۽ انهن ۾ پڻ محترمه صغران پنهنجي سورهيائي ۽ همٿ سبب پنهنجو مقام حاصل ڪري ورتو.

    هن پروگرام جي ڪاروائي هلائيندڙ هئي سيڪريٽري آف آسٽيٽ ۔۔۔ هيلري ڪلنٽن ۽ ايوارڊ عنايت ڪندڙ آمريڪا جي صدر جي زال محترمه مشعل ابامه هئي ۔۔۔

    سلام سنڌ جي ڏاهي ۽ سورهيه عورت کي جنهن عالمِ انسان ۾ سنڌين جو مان مٿاهون ڪيو آهي ۔۔۔


    [/JUSTIFY]​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ جي سورهيه عورت

    ادا تمام بهترين خبر ٻڌائي اٿوَ۔۔ پاڪستان جي نام نهاد ميڊيا اهڙين ڳالهين کي ڇو نه ٿي ظاهر ڪري؟؟؟؟۔۔ سلام آهي سنڌ جي هن سرتيءَ کي۔۔
     
  3. ممتاز علي بجير

    ممتاز علي بجير
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 فيبروري 2010
    تحريرون:
    253
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ جي سورهيه عورت

    ادا هنيئر اڃان محترمه غلام صغران جي سنڌ ٽيوي تي رپوٽ ڏسي رهيو هئس تمام سٺي ڳاله آهي ته هڪ عورت ايڏو وڏو عزاز کڻي آئي آهي ۽ اها عورت به سنڌه جي آهي
     
  4. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سنڌ جي سورهيه عورت

    ادا نثار اوهان تمام وڏي خبر شيئر ڪئي آهي

    اسان جي ڀينرن جو حوصلو وڌي ويندو ۔ سنڌ جي عورت کي سلام آهي
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ جي سورهيه عورت

    سائين نثار سلام

    سچ پڇو ته هي تمام حوصله افزائي واري خبر آهي۔ سنڌ جي هن سورهيه ۽ با حوصلا ڀيڻ کي منهنجي پاران سلام۔ اسان چاهيون ٿا ته سنڌ جون عورتون سنڌ جي ترقي لاء ميدان ۾ ڀائرن سان گڏ هجن۔

    هتان کَڻِي هتِ، جن رَکِيو، سي رَسِيُون؛
    ساجَنُ سُونهن سُرتِ، وِکان ئِي ويجھو گھڻو
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ جي سورهيه عورت

    محترمه غلام صغرى متعلق سائين نثار ابڙو جن ڄاڻ ڏني پڙهي بيحد خوشي ٿي ته اسان جي سنڌ جون عورتون هر فيلڊ ۾ پيش پيش آهن هڪ وڊيو سائين جن جي موضوع جي موافقت سان جنهن ۾ محترمه غلام صغرى جي پنهنجي زباني پڻ ٻڌي سگهو ٿا ته سندس خيالات ڪهڙا آهن.


    http://www.youtube.com/watch?v=ZHB6zvPE-tU
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو