ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏12 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    گهريلو ٽوٽڪا

    [JUSTIFY]
    * جيڪڏهن رڌڻي ۾ کاڌو پچائڻ وقت توهان جا هٿ سڙي وڃن ته ان سڙيل هنڌ کي هڪدم پاڻي نه هڻو، اهڙي طرح توهان جي چمڙي تي سڙيل جو نشان رهجي ويندو جيڪو جلدي ختم نه ٿيندو، جيڪڏهن هٿ سڙي وڃي يا ٻاڦ پئجي وڃي ۽ گهر ۾ ڪا دوا وغيره نه هجي ته پريشان نه ٿيو ان جو بهترين حل اهو آهي ته ان سڙيل جاءِ تي پٽاٽو ڇلي ان جا ڳترا ڪٽي هڻو، توهان سڙڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪندا، اهڙي طرح ٽماٽي جو رس به لڳائڻ سان فائدو ٿي سگهي ٿو.

    * ڪيترائي ڀيرا ائين به ٿيندو آهي تيز گرم چانهه پيئڻ سان يا ڪا ٻي گرم شيءِ کائڻ سان زبان سڙي ويندي آهي ان سڙڻ کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ٻه ڪيلا کائو يا ٿوري مقدار ۾ کير پيئو، جيڪڏهن کير ٿوري دير لاءِ منهن ۾ روڪي رکجي ته اڃا وڌيڪ فائدو ٿيندو.

    * پٿري ختم ڪرڻ لاءِ سڀ کان اهم پٿر چٽ ٻوٽو آهي، ان جي پتن ۾ قدرت اها صلاحيت رکي آهي ته اهو تمام جلد پٿري کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن ڪڏهن به پٿري جي شڪايت ٿي وڃي ته پٿر چٽ جا ڪجهه پتا ٽوڙي انهن کي کائي وٺو پٿري ختم ٿي ويندي.

    * مسور جي دال پچائڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ هئيڊ يا گيهه شروع ۾ ئي وڌو وڃي ته اها جلدي ڳري ويندي.

    * پالڪ اوٻارڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ ٿوري کائڻ واري سوڍا وجهي وڃي ته ان جو رنگ تبديل نه ٿيندو ۽ ذائقي ۾ به فرق نه ايندو.

    * ڪريلا صاف ڪري لوڻ هڻي اڌ ڪلاڪ رکي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ چڱي طرح رڳڙي ڌوئي ڇڏيو، ائين ڪرڻ سان ڪڙاڻ ختم ٿي ويندي.

    * ڀينڊي گوشت ٺاهڻ وقت جيڪڏهن ان ۾ انبڙين جا ڇلڪا وجهي ڇڏيو ته ان مان ليس ختم ٿي ويندو.

    * صوف ۽ پٽاٽا ڇلي يا ڪٽي رکو ته انهن جو رنگ تبديل ٿيڻ لڳندو آهي، ان کان بچڻ لاءِ توهان صوف يا پٽاٽي کي ڪٽي ٿڌي پاڻي ۾ وجهي ڇڏيو ۽ ان ۾ ٻه ٽي قطرا ليمي جو رس وجهي ڇڏيو ته انهن جو رنگ تبديل نه ٿيندو.

    * چانور اوٻارڻ وقت جيڪڏهن انهن ۾ هڪ کائڻ وارو چمچو سرڪو وجهي ڇڏيو ته چانور داڻا داڻا کلي ڌار ڌار ٿي بيهندا.

    * آچار کي خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ ٿوري هينگ پلاسٽڪ جي ٿيلهي ۾ وجهي آچار ۾ وجهي ڇڏيو ان سان آچار خراب نه ٿيندو.
    [/JUSTIFY]

    روزانه ڪاوش جي نازڪ ايڊيشن تان ورتل
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    لاجواب ونڊ آهي وساڻ صاحب

    جاري رکجو


    توهان جي اهڙي ئي قسم جي ونڊ جو انتظار رهندو


    سدائين گڏ
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    يار سليمان اصل واه واه ٿي وئي ۔۔۔ آ ته جڏهن به هٿ سڙندو آهي ته وڃي پاڻي جي هيٺان ڏيندو آهيان، هاڻ پٽاٽو زنده آباد ۔۔۔ ٻيو چانهن جا شوقين ته آهيون پو هڙٻڙائپ ۾ اصل گرم ڪوپ منهن تي ۽ ويچاري زبان سان آزار ٿي ويندو آهي، انجو علاج به ملي ويو ۔۔۔ ڪيلا يا کير ۔۔۔

    آهن ته سڀ ڳالهيون ڪم جون پر في الحال ۔۔۔ باقي دال اسان کان نه ڳري آ نه ڳرندي ۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    بلڪل جاري رکبو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪم واريون شيون آهن

    مهرباني پسنديدگي جي
     
  5. غلام مرتضى وساڻ

    غلام مرتضى وساڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏9 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    191
    ورتل پسنديدگيون:
    26
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    ڪم واريون ڳالهيون آهن

    بهترين
     
  6. سيد بشارت حسين

    سيد بشارت حسين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 مئي 2011
    تحريرون:
    53
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    ادا سليمان توهان جي وڏي مهرباني ڇاڪاڻ ته توهان هميشه وانگر اڄ به تمام سٺي معلومات ڏني آهي۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    سائين نثار مطلب ته هي ٽوٽڪا ڪم وارا آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    خير دال ته اسان به ڪڏهن نه ڳاري آ ڳارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي اهو ڪم ماين جي حوالي آهي۔ باقي ان ڏينهن رضوان گل وارن سان گڏ جڏهن ڪراچي جي هڪ هوٽل تي ماني کائڻ وياسين ته مار پويس ڪڙاهي تمام گهڻو تتل هئي۔ چيچ ئي ساڙي وڌئين اڃان تائين نشان ٺهيو پيو آ ۔۔۔۔۔ جي هي ٽوٽڪو پهريان ٻڌل هجي ته ڪجهه سڪون ملي ها۔
     
  8. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    ادا سائين لاجواب ونڊ آهي ۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪجهه گهريلو ٽوٽڪا

    مهرباني ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو