مولوي حاجي احمد ملاح - عظيم سنڌي شاعر ۽ عالم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏19 جولائي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]
    [​IMG]

    اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ان عظيم شخصيت جي ورسيء جو ڏينهن آهي جنهن دنيا جي تاريخ ۾ هڪ اهڙو عظيم ڪارنامو سر انجام ڏنو جيڪو ان کان اڳ ڪنهن به ڪونه ڏنو هو۔ اڄوڪي ڏينهن 19 جولاء 1969ع تي مشهور سنڌي عالم ۽ شاعر مولوي حاجي احمد ملاح جي ورسي جو ڏينهن آهي جنهن قرآن شريف جو پهريون منظوم ترجمو سنڌي ٻولي ۾ ڪيو۔ اسان سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان سنڌ جي هن عظيم هستيء کي سلام پيش ڪيون ٿا۔

    سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. انهن عظيم هستين مان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي۔

    حاجي احمد ملاح ولد نانگو ملاح 11 فيبروري 1877ع تي ڳوٺ ڪنڊي ديهه لوهڻ بدين ۾ پيدا ٿيو۔ هو پنهنجي وقت جو تمام وڏو عالم، شارح ۽ شاعر ٿي گذريو آهي۔ هو سنڌ ۾ رائج جهالت وارين رسمن جي خلاف کُلي عام شاعري ڪندو هو۔ هن ڪيترائي ڪتاب لکيا ۽ بيت ۽ شاعري ڪئي پر سندس نرالو ڪم قرآن شريف جون نظم ۽ شاعريء ۾ ترجمو ڪرڻ هو۔ جيڪو نورالقرآن جي نالي سان مشهور آهي۔


    نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير،
    سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير،
    کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾،
    نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير.


    ڪهڙيءَ صورت پوڄين صورت؟ صاحب جوڙيئي سهڻي صورت،
    ماڻهو بنيو موتي مورت ــ پٽڙي پاڻيءَ پاتي پورت،
    لک لحظي جنهن ۾ لاه ــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


    پرور ڏئي ٿو پٽ ۽ کير ــ تون ٿو پوڄين پير، فقير،
    ورهن کان جي گذريا وير ــــ ساهه نه آهي منجھ سرير،
    سي ڪئين وجھندا ٻئي ۾ ساه؟ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.


    آئون ته ڏوهاري ڏٻرو ـــــ قادر! ڪريين منهن جو ڪم،
    داور! لاهين دل جو غم ــــ ”احمد“ کي، جي آخر دم،
    نعمت ڪلمون ڪج نيباه ـــ ناهه ڌڻي ري ڪا درگاه.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏19 جولائي 2014
  2. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح - عظيم سنڌي شاعر ۽ عالم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ماشاءالله هڪ عظيم انسان تي اوهان جي ڀيٽا قابل تحسين آهي ، بهترين مضمون لا اوهان کي مبارڪ باد ڏجي ٿي ،
    هن سلسلي ۾ اڳ هڪ موضوع ادي ممتاز وگهيي به ونڊ ڪئي هئي ۔ مضمون لا هت ڪلڪ ڪندا ، مهرباني
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح - عظيم سنڌي شاعر ۽ عالم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    لاجواب ونڊ آهي سائين

    حاجي صاحب جي باري ۾ معلومات پڙهي ڪري خوشي ٿئي ته سنڌ ۾ ڪافي ڏاها هئا

    ۽ آهن


    لاجواب ٿريڊ ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

    سدائين گڏ
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: مولوي حاجي احمد ملاح - عظيم سنڌي شاعر ۽ عالم (ورسيء تي کيس ڀيٽا)

    ادا سليمان اوهان هي عظيم ڪم ڪيو آهي ڌڻي اوهان کي ان جو صلو ڏيندو۔ مهرباني۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    احمد ملاح مولوي: سنڌ جي بيمثال ۽ عوامي شاعر، مولوي حاجي احمد ملاح، تعلقي -بدين- جي هڪ ڳوٺ ”ڪنڊيءَ“ ۾ پهرين فيبروري 1877ع تي جنم ورتو. سندس والد جو نالو ”نانگيو“ هو. هن شروعاتي -تعليم-، ڀڳڙا ميمڻ، ٻهڊميءَ، نانگي شاهه ۽ سجاول جي مڪتبن ۽ مدرسن مان حاصل ڪئي. بعد ۾ ”رپ“ مان -تعليم- مُڪمل ڪري دستاربندي ڪيائين. -تعليم- مڪمل ڪرڻ کان پوءِ هن مختلف مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درس ۽ تدريس جا فرض سرانجام ڏنا. نورمحمد منڌري، لاکي پير، ٻهڊميءَ ۽ ڪنڊيءَ جي مدرسن ۾ پڙهائيندو رهيو. -ان- کان پوءِ -بدين- جي مدرسي ”مظهرالعلوم“ ۾ معلم جي حيثيت سان پڙهائيندو رهيو. 1932ع ڌاري مذهبي فرقيواريت ۽ فسادن جي ڪري مدرسي کي خيرآباد چئي -بدين- جي هڪ علائقي ۾ گهر اڏي، غريب -آباد- محلو جوڙيائين، اتي ئي هڪ مدرسو ”انوارالعلوم“ قائم ڪري، سنڌ جي ناليوارن عالمن، مولانا عبدالوهاب، مولانا عبدالغفور سيتائي، مولوي محمود ۽ مولوي گل محمد کي معلم طور مقرر ڪيائين.
    مولانا صاحب هڪ انقلابي شخصيت هو، جنهن خلافت تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. 1922ع ۾ گرفتار ٿيو ۽ 4 مهينا جيل ڪاٽيائين. ”جميعت علماءِ سنڌ“ ۾ پڻ سرگرم رهيو.
    مولوي حاجي احمد ملاح سنڌ جي وڏن ۽ اعليٰ پايي جي شاعرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو انداز عوامي آهي، جنهن کي جهر جهنگ ۾ ڳايو وڃي ٿو. سندس شاعريءَ جو وڏو حصو، مذهبي شاعريءَ تي ٻڌل آهي، تنهن هوندي به سندس شاعريءَ ۾ مزاحيه، جمالياتي ۽ انقلابي پهلو نمايان آهن. هيءُ تجنيسِ حرفيءَ جو شهنشاهه ۽ غزل جو سٺو شاعر تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس عالمي ڪارنامو، قرآن مجيد جو ”نورالقرآن“ جي نالي سان سنڌي بيتن ۾ منظوم ترجمو ڪرڻ آهي، بلاشڪ سندس انهيءَ عظيم ڪم سان سنڌي ٻوليءَ کي وڏو مقام حاصل ٿيو آهي. قرآن مجيد جو سڄي دنيا ۾ اهو پهريون منظوم ترجمو آهي. اُن جو پهريون ڇاپو -ارباب- -الله- جُڙئي مولانا صاحب جي زندگيءَ ۾ (1969ع ڌاري) ڇپائي پڌرو ڪيو. اُن ترجمي جو ٻيو ڇاپو مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد 1978ع ۾ ڇپائي منظر عام تي آندو، -ان- ۾ علامه غلام مصطفيٰ قاسميءَ جو مقدمو اعليٰ معيار جو شاهڪار آهي. هن قرآن پاڪ جي ترجمي جي اهميت کي محسوس ڪندي ڪجهه سال اڳ اهو سعودي عرب جي سرڪار پاران ڇپائي مفت تقسيم ڪيو ويو، -ان- جي ڇپائي ۽ گيٽ اپ تمام سهڻو ۽ اعليٰ درجي جو آهي. سندس شاعريءَ جي مجموعن مان ”ديوانِ احمد“، ”گلشنِ احمد“، ”گلزارِ احمد“، ”بياضِ احمد“، ”هيڪڙائي حق“، ”پيغام احمد“ ۽ ”غزليات احمد“ ڇپيل آهن. نثر ۾ هڪ ڪتاب ”معرفة الاالہ“ پڻ ڇپيل اٿس. سندس شخصيت، زندگي ۽ علمي خدمتن تي -تاج- جويي ”موحد شاعر مولانا حاجي احمد ملاح“ (2003ع) ترتيب ڏئي ڇپايو آهي. سنڌ جي هن بيمثال شاعر 19 جولاءِ 1969ع تي وفات ڪئي. سندس مزار -بدين- شهر ۾، معصومن جي مقام ۾ آهي. سندس هڪ ئي -تصوير- موجود هئي، نوجوان مصور حفيظ قريشيءَ -ان- -تان- خوبصورت -تصوير- پينٽ ڪئي آهي، جيڪا هن وقت مولانا صاحب جي واحد -تصوير- آهي.


    انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا تان ورتل

    [​IMG]

     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سيد خادم سبحان ڏاڏاهي

    سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏16 نومبر 2011
    تحريرون:
    106
    ورتل پسنديدگيون:
    169
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ٽيچر
    ماڳ:
    بڪيرا شريف تعلقو ۽ ضلعو ٽنڊو الهيار
    سنڌي شاعري ۾ منفرد مقام رکندڙ ھن عظيم شاعر کي اھو مقام نہ ملي سگھيو آھي جيڪو کيس ملڻ گھرجي .ثقافت کاتي کي گھرجي تہ مولوي صاحب کي ھر سال ياد ڪرڻ ۽سندس پورھيي ۽ پيغام کي نئين نسل تائين پھچائين. وڏن شاعرن ۽ اديبن کي بہ گذارش آھي تہ ھو ھن سلسلي ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪن.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو