اياز گُل : سنڌي ٻولي جو سر موڙ شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏6 مارچ 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت سٿ پاران سنڌي ٻولي جي سر موڙ شاعر سائين اياز گُل کي سندس جنم ڏينهن تي ڀيٽا پيش ڪيون ٿا۔ اياز گُل غزل جي صنف جي چوٽيء جي شاعرن مان هڪ آهي۔ اياز علي ولد رجب علي آهي. 6 مارچ 1959 تي سکر ۾ پيدا ٿيو. سنڌي ادبي سنگت سکر جي ادبي گڏجاڻين ۾ شيخ اياز، رشيد ڀٽي، فتاح ملڪ ۽ تنوير عباسي کان سکيا وٺندڙ ۽ ادل سومري جو همعصر ۽ دوست اياز گُل جو پهريون مجموعو ته گُل ۽ تارا هيو پر سندس شاعريء جو بهترين مجموعو "دک جي نه پڄاڻي آ " ۽ "سوچون سرها گُل" آهي۔ [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    ميلي جي تنهائيءَ جو مالڪ: اياز گل
    روشن شيخ

    [JUSTIFY]جيئن مرزا غالب جي شعرن جو ”قرض“ دهليءَ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهيا آهن. ائين ئي سائين اياز گل، جي شعرن جو قرض.... سنڌ جا ڪيترائي نسل نه لاهي سگهندا. ڇو ته اياز گل جنهن پيار سان سنڌي غزل کي اڳتي آندو آهي، ڀلا پوءِ..... اهڙي محنتي/ محبتي شاعر کي وساڻ معنيٰ زندگيءَ کي وسارڻ برابر آهي.

    ۽ اسين..... جيڪي ڪالهوڪا ٻارَ ٿي ڪري ويسر جي مرض جا شڪار ٿي پيا آهيون، پر.... پر.... سائين اياز دوستن کي سندن جنم ڏينهن تي ضرور ياد ڪندو آهي ۽ سائين اياز جي اهڙي يادگيريءَ کي آئون ته اڪثر ان پيار سان ڀيٽا ڏيندو آهيان، جيڪو پيار لالچ کان بلڪل پاڪ هوندو آهي.
    امداد سومري صاحب! هنن ئي صفحن تي ڪي سال اڳ ۾ هڪڙو سوال اٿاريو هو ته ”لکڻ مان ڇا ٿو ٿئي!؟“ پر آئون ڪافي سال گذرڻ کانپوءِ.... امداد صاحب کي اُهو عرض ٿو ڪيان ته ”سائين لکڻ مان گهڻو ڪُجهه ٿئي ٿو!!“ لکڻ ذريعي ئي هن سينوارجي ويل سماجَ ۾ ٿيندڙ ناانصافين خلاف، هيئن به چئي سگهجي ٿو،

    مسيحا! سنڌ جي سورن جو ڪو علاجُ به ڳول
    رڳو بيان نه ڏي ۽ رڳو خطاب نه ڪر


    ڇا اياز گل جي اها مٿين شاعري ان سوسائٽيءَ کان نفرت جو جو چٽو عڪس ناهي!؟ جنهن سوسائٽيءَ ۾ مسيحا عزرائيل جو ڪم ڪري رهيا آهن. اهڙي ئي ”سوڳوار صورتحال“ جي حوالي سان سائين اياز گل هڪ انٽرويوءَ ۾ چيو هو ”بيان ۽ خطاب ڪلچر، اسان سڀني کي جاهليت، نالائقيت، مايوسيءَ، منفي سوچ ۽ تباهيءَ ۽ برباديءَ جي ڌٻڻ ڏانهن ڌڪيندو پيو وڃي“ ۽ واقعي ئي اڄ اسان وٽ گهڻو علم هوندي به جاهليت سان گڏ ”زنده باد مرده باد“ وارو ڪلچر عام ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪلچر (زنده باد، مرده باد) اسان جي هن ديس لاءِ هڪ هاڃيڪار ڪلچر آهي. مسيحائن کان ويندي ٽي وي چئنلن جي مالڪن تائين سڀ ڪنهن کي پنهنجو پيٽ پيارو آهي. مسيحا پيٽ لاءِ قاتل ٿو بڻجي. جڏهن ته ٽي وي مالڪ وري ديس جي ڪلچر کي لوڙهيندي دير ئي نٿو ڪري ۽ اهڙي هاڃيڪار ڪلچر لاءِ ڇا اياز جون سٽون؟ (رڳو بيان نه ڏي....) هن سماج کان نفرت جو هڪ انوکو مثال ناهن؟
    ديس لاءِ سائين اياز جا لکيل هيءُ ٽيڙو اوهان پڙهي ڏسو....
    ديس وسارين ٿو؟
    سؤلو آ، ان کان گهڻو
    پاڻ نه مارين ٿو؟

    ديس وسارين ٿو!
    اندر ۾ ڄڻ متقل
    نانگ ويهارين ٿو

    ۽ اڄ 6 مارچ هن لاڏلي شاعر جو جنم ڏينهن، آئون کيس دل جي گهراين سان سائين اياز کي جنم جون واڌايون پيش ڪيان ٿو ۽ زندگيءَ جي 53 هين سال ۾ قدم رکندڙ سائين اياز ڪو عام شاعر ناهي. متان اوهين سمجهو ته آئون ڪو سائين اياز وٽ پاڻ وڻائڻ لاءِ هيءُ سٽون لکي رهيو آهيان.

    پر اصل حقيقت هيءُ آهي ته اسان وٽ سياست تي لکندڙ کوڙ سارا دوست ويٺا آهن ۽ ڪالهه... رات مون اِهو سوچيو ته ڇو نه هن هفتي سنڌي ٻوليءَ جي اُن شاعر کي ياد ڪجي، جنهن لاءِ سڀ ڪجهه ”پرينءَ“ جو پيار ئي آهي (ياد رهي ته سائين اياز جي پُٽ جو نالو به ”پرين“ آهي)

    جي تنهنجي پيار جو پاڇو انهيءَ تي ناهي ني!
    هي زندگي ته رڳو رُڃَ، رُڃَ آهي ني!


    پري جو آهيون ته ڄڻ، درد جي سفر ۾ هئون
    ٻنهي کي وقت پيو ڳاههَ وانگي ڳاهي ني!

    سڄي حياتي جنين رات ۾ گُذاري آ
    ڪڏهن ته ڪوئي، انهن تي به ڏينهن لاهي ني!

    وِصال پنهنجو مقدر به ٿي سگهي ٿو پر
    سوال آهي اهو، هوءَ ڀي ته چاهي ني!


    گرمين جي حوالي سان مشهور شهر ”سکر“ ۾ پيدا ٿيندڙ اياز گل جي طبيعت بلڪل ”گُل“ جهڙي آهي. وڏي ڳالهه ته مهان ڪويءَ شيخ اياز جي ”سالگرهه“ به هن ئي مهيني جي شروعاتي تاريخ ۾ آهي. ائين کڻي چئون ته مارچ مهينو اسان جي ”ادبي استادن/ مرشدن جو مهينو آهي ته ان ۾ ڪو حرجُ ناهي. شيخ اياز جي شاعريءَ جو تسلسل اياز گل به آهي، جنهن هن مهل تائين سنڌي ادب کي شاهوڪار شاعري ڏني آهي. پنهنجي پهرين شعري مجموعي ”سوچون سرها گل“ کان ويندي.... ”ڏک جي نه پڄاڻي آ“ اياز گل جيڪو پورهيو ڪيو آهي، اهو سڄو پورهيو، پيار جو پورهيو آهي.... ۽ هاڻ.... اُهو پيار جو پورهيو سائين اياز ”ميلي جي تنهائي“ تائين اچي پهچايو آهي. اسان جون اکيون ”ميلي جي تنهائي“ لاءِ منتظر آهن.

    اوهان کان پري ڀي نهاري سگهان ٿو!
    مان اهڙيون اکيون، ڪيئن ڌاري سگهان ٿو!

    ڀلي مان حسابن ۾ ڪمزور پوءِ ڀي
    سندءِ مهربانيون شماري سگهان ٿو!

    نئون نانءُ دل تي، لکان ڪيئن ٻيو ڪو؟
    ٻريل کي وري ڪيئن ٻاري سگهان ٿو؟


    ۽ سائين اياز جي سالگرهه جي ڪيڪ تي ”ميڻ بتيون“ نه پر اسان جون ”نينهن بتيون“ ٻرنديون. ڇاڪاڻ ته سائين اياز جي شاعريءَ جون پاڙون، هن ڌرتيءَ ۾ کتل آهن.

    پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمن کان
    مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو


    سو ڌرتيءَ جي هن دادلي شاعر لاءِ ڪالم جي ڪلائيمڪس..... ۾ به ايترو چوندس ته، ”سائين! هيپي برٿ ڊي!!“

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    روزانه عبرت تان ورتل
    [/JUSTIFY]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    اياز گُل جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾









    اياز گُل بسنت مشاعري ۾ شاعري پيش ڪندي

     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اياز گُل : سنڌي ٻولي جو سر موڙ شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    پري ٿي سگهان ٿو، سڀن موسمن کان
    مگر ڪيئن ڌرتي ڌُتاري سگهان ٿو

    واه يار سليمان، اصل دل خوش ٿي وئي سائين اياز گل کي پڙهي ۔۔۔ اهو ڪم ڀلو جو انجو پيغام ۽ ڪلام پيش ڪيو اٿوَ، باقي صرف ڄم واڌايون اڪيليون ٺهن ڪون، ڇاڪاڻ ته واڌايون کيس ان پيغام جون ڏبيون جنهن ۾ اندر جا اڌما ائين موجزن آهن جيئن سمنڊ ۾ ڇوليون هونديون آهن ۔۔ واه واه ٿي وئي

    شال اياز گل وڏي ڄمار ماڻي ۽ ائين ئي سنڌ ۽ سنڌيت تي لکندو رهي ۔۔۔ حساس جذبن سان خيچل ڪندو رهي ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: اياز گُل : سنڌي ٻولي جو سر موڙ شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    مهرباني سائين نثار

    اياز گُل هن دور جو هڪ وڏو شاعر آهي۔ اوهان سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود سندس شاعريء جي هيٺين مڪمل ڪتابن کي به پڙهي سگهو ٿا۔

    ڏينهن ڏٺي جا سپنا

    تو بن ڪهڙا ڇانورا
     
  4. نرمل

    نرمل
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 اپريل 2010
    تحريرون:
    131
    ورتل پسنديدگيون:
    73
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ادب سان دلچسپي ۽ وڪالت
    ماڳ:
    شاهه لطيف چوڪ ڪوٽڙي
    محترم اياز گل کي جنم ڏڻ جون واڌايون

    [​IMG]سائين محترم اياز گل کي جنم ڏڻ جو کوڙ ساريون واڌايون
     
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: اياز گُل : سنڌي ٻولي جو سر موڙ شاعر (جنم ڏينهن تي ڀيٽا)

    ادا سليمان وساڻ صاحب اسلام عليڪم۔اسان جي طرفان به محترم ايازگل کي انهن جي ڄمڻ جي ڏينهن تي تمام گهڻيون مبارڪون هجن۔ادا اسان اڳ ۾ هنن جي شاعري نه پڙهي پر اڄ اوهانجي موڪليل وڍيو ۽ ڪتابن جي لنڪ کي کولي انهن جي شاعري مان لطف اندازو ٿيا آهيون ۔توهان جو چوڻ سچ آهي ته محترم اياز گل هن دور جي سٺن شاعرن مان هڪ آهي۔سندس سوچ ۽ مشاهدي واري اک دنيا ۽ فطرت ۾ سمايل سڀ رنگ تمام باريڪ بيني سان ڏٺا ۽ پرکيا آهن جنهن جو مثال انهن جي شاعري ۾ ملي ٿو۔الله پاڪ هن صدي جي هن ڏاهي شاعر کي هميشه پنهنجي حفاظت ۾ رکي ۽ هن جي ذهن ۽ قلم کي وڌيڪ طاقت عطاڪري ته هو بهترين کان بهترين شاعري تخليق ڪري سگهن۔
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    اياز گُل : ڪومل احساسن ۽ سهڻن جذبن جو شاعر
    رضوان گل

    زندگيءَ جي تتل رڻ ۾ ڪي شخصيتون اهڙيون به ملنديون آهن، جن سان گھاريل لمحا گھاٽي بڙ جي ڇانوري جيان محسوس ٿيندا آهن. اهڙا انسان جھٽ پل ۾ ئي پنهنجا محسوس ٿيڻ لڳندا آهن جو سندن پيار ۽ خلوص ڀريو انداز منَ کي موهي وجھندو آهي. اهڙن محبتي، ملنسار ۽ پر خلوص ماڻهن مان اياز گل به هڪ آهي. هن دوستن کي هميشه محبتون آڇيون آهن ۽ سندن مرڪي آڌرڀاءُ ڪيو آهي.


    اياز گل ولد رجب علي دل ۱۶ مارچ ۱۹۵۹ تي سکر ۾ جنم ورتو. ايم اي سنڌي ادب فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن ماڻي گولڊ ميڊل حاصل ڪيائين. بين القوامي تعلقات ۾ به سندس ايم اي ٿيل آهي. هن وقت پاڻ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۾ استاد آهي.
    اياز گل جي شاعريءَ ۾ اهڙو رس ۽ رچاءُ آهي جيڪو پڙهندڙ کي پنهنجي سحر ۾ آڻيو ڇڏي. هو هڪ اهڙو ڪوي آهي جنهن جي هر سٽ ۾ هڳاءُ ۽ تازگي بخشيندڙ ڪومل احساس آهن، جيڪي دل جي تهه خاني ۾ هڪ دم لهي روح جي تارن کي ڇُهي وٺن ٿا. سادي ۽ عام فهم ٻوليءَ جي استعمال سبب سندس شاعريءَ کي سمجھندڙن جو خاصو تعداد آهي. سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر عبدالغفار پنهنجي مضمون ”منهنجيInspiration جو مرڪزي ڪردار“ ۾ اياز گل بابت راءِ ڏيندي لکيو آهي ته ”هو خوشنصيب شاعر آهي، پنهنجي ڌرتيءَ جي ٻن ٽن ٽهين کي متاثر ڪندڙ ڪوي آهي. هن وقت سنڌ ۾ نوجوان اديبن جي وڏي کيپ سندس ڏانءَ ۽ ڏات جي پوئلڳ ۽ سندس Diction جي پوئواري ڪري رهي آهي“.

    اياز گل کي خوبصورت شاعريءَ جي موٽ ۾ جوڀن وارن ڏينهن ۾ ئي مڃتا ملي. سندس وائي جڏهن ريڊيو تان آن ايئر ٿئي ٿي:
    توکان ٿيندي ڌار
    کلندي کلندي يار
    لڙڪ لڙي پيا لار ڪري
    ته ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل ماڻهن جو ڌيان سندس انهن مقناطيسي سٽن ڏانهن بي ساخته ڇڪجي وڃي ٿو ۽ اها ئي ڪنهن به شاعر جي شعر جي خوبي هوندي آهي ته سندس سٽون ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائين ۽ منجھن سمايل احساس کين پنهنجي دلين جي ترجماني ڪندڙ محسوس ٿين.
    نامياري ليکڪا ماهتاب محبوب ”پنجين موسم جو شاعر“ جي سري هيٺ اياز گل بابت لکيو آهي ”اياز گل جي شاعري پڙهندي احساس ٿو ٿئي ته هن هر جذبي کي شدت سان محسوس ڪيو آهي تڏهن ئي ته سندس شاعري انساني ڏکن، ڏوجھرن، احساسن ۽ سچي موتين جهڙي تاريخ لڳڻ سان گڏ ڪٿي ڪٿي ائين به ٿي لڳي ڄڻ اياز گل اها نفيس احساسن واري شاعري درد جي تارن سان ويهي اُڻي آهي. هن جي شاعري پڙهندي اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته خوابن جي دنيا ۾ رهندڙ اياز گل هڪ اهڙي دنيا ۾ جيئڻ ٿو چاهي، جتي سڪ، چين ۽ ڀرپور پيار هجي. هن وٽ انساني نفسيات جو مشاهدو اُڇاترو نه بلڪه اونهو آهي، جنهن کي پڻ نظر ۾ رکندي هن ڪيترائي خوبصورت شعر چيا آهن“.
    اياز گل جي شاعريءَ جا جيڪي هيل تائين ڇپيل مجموعا آهن انهن ۾، ”سوچون سُرها گل“ (تاج جويي سان گڏ شعري مجموعو) ۱۹۷۸، ”پيلا گل پلاند ۾“ (غزلن جو مجموعو) ۱۹۸۰، ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ (شعري مجموعو) ۱۹۸۴، ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ (شعري مجموعو) ۱۹۹۲، ”دک جي نه پڄاڻي آ“ (۱۹۸۳ کان ۱۹۹۶ تائين جي شاعري) ۱۹۹۸ شامل آهن.
    اياز گل جو پهريون شعر ماهوار ”اديون“ ڪراچي ۾ شايع ٿيو. هن کي ادبي خدمتن جي مڃتا ۾ ڪيترائي ادبي ايوارڊ مليا آهن، جن ۾ ”سنڌالاجي ادبي انعام“ ۱۹۷۸، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشورو پاران ڪتاب ”سوچون سُرها گل“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”عبدالواحد جماڻي سگا گولڊ ميڊل“ ۱۹۸۴، سگا پاران ڪتاب ”ڏينهن ڏٺي جا سپنا“ تي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، استاد بخاري ايوارڊ ۱۹۹۲ سنڌي ادبي سنگت پاران ڪتاب ”تو بن ڪهڙا ڇانورا“ کي سال جي بهترين شعري ادب جو انعام، ”هجره ايوارڊ“ ۱۹۹۷ پاڪستان اڪيڊمي آف ليٽرس اسلام آباد پاران ڪتاب ”دک جي نه پڄاڻي آ“ تي سال جي بهترين ڪتاب جو انعام، ”ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي ايوراڊ شامل آهن. پاڻ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو ٻه ڀيرا مرڪزي سيڪريٽري جنرل ۱۹۹۶ ۽ ۱۹۹۸، ميمبر آرگنائزنگ ڪاميٽي سچل سرمست يادگار ڪاميٽي، انچارج تنوير عباسي ڪارنر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي علمي ۽ ادبي ادارن ۽ عهدن تي منتظم طور خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.
    اياز گل جي غزل جو گھاڙيٽو پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ آهي، سندس لهجو ۽ انداز نهايت نفيس ۽ ڪومل آهي، جيڪو بلڪل تخليقي آهي ۽ هن ڪنهن کان به اڌارو ناهي ورتو. سندس غزل جون هي سٽون ڏسو:

    ڪيڏا ناڪام ٿي ويا آهيون،
    صبح مان شامٿي ويا آهيون.
    هرڪو ماڻهو ائين ٿو دُور رهي،
    ڄڻ ته الزام ٿي ويا آهيون.

    اهي لفظ جيڪي اياز گل جي غزل جي سونهن جو سبب بڻجن ٿا اهي پاڻ ئي پنهنجو هڳاءُ محسوس ڪرائن ٿا جيڪي ڪنهن به تعريف يا تعارف کان گھڻو مٿي آهن. اهو ئي سبب آهي جو اياز گل عام ماڻهن توڙي دانشور طبقي کان ويندي وچولي سوچ وارن نوَن توڙي سينيئر ليکڪن ۾ هڪ جيترو ئي مقبول آهي. هن جي ڪتاب جي اهميت ايتري آهي جو مارڪيٽ ۾ اچڻ شرط هٿئون هٿ وڪامجي وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ڪنهن به ليکڪ لاءِ وڏي خوشي ۽ اطمينان جو پيغام آهي ته سندس پڙهندڙ ۽ ساڻس پيار ڪندڙن جو خاصو تعداد آهي.
    اياز گل مثبت روين وارو پيارو شاعر آهي، جيڪو مسلسل سنڌي شاعريءَ جي حسن ۾ اضافو ڪندو رهي ٿو. شال هو سنڌي شاعري کيتر ۾ پنهنجي تازي فڪر جي خوشبو ڦهلائيندو رهي.
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    ڌڻي کين هميشه خوش رکي۔۔
     
  8. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    سنڌ جي بهترين شاعر محترم آياز گل
    کي سندس جنم ڏينهن تي مبارڪ 2278 اٽيچمينٽ ڏسو
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    وائي

    اياز گل

    تو تائين پهتا
    منهنجي نيڻن جا
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    تنهنجو نانءُ لکي ڏٺم
    منهنجي هٿن جا
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    تون جو آئين شهر ۾
    سڀني رستن جا
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    ساڀيائن جي ديس ۾
    ساڻن سپنن جا
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    هڪڙي ڀاڪر ساڻ ئي
    وسريل واعدن
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    تنهنجي چُنريءَ ۾ اچي
    راڻي ! رنگن جا
    سارا ٿَڪ لهي ويا !

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو