سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏21 اپريل 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ثقافت کاتي ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران منعقد ڪيل پهرين سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو 2012 جي ڪراچي ۾ ٿيل رنگا رنگ تقريب جو اکين ڏٺو احوال
    رپورٽ : محمد سليمان وساڻ

    [JUSTIFY]
    ڪنهن به قوم جي سڃاڻپ سندس ثقافت، ٻولي، تهذيب، تمدن ۽ رهڻي ڪهڻيء مان ٿيندي آهي. جيڪڏهن ڪنهن قوم جي پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي مضبوط ناهي ته اها قوم پنهنجي سڃاڻپ وڃائيندي رهندي آهي. سنڌي قوم دنيا جي خوشقسمت قومن مان هڪ آهي جنهن کي پنهنجي ٻولي، تهذيب ۽ ثقافت آهي. سنڌي سنگيت ، ناٽڪ، فن، ادب ۽ ميڊيا ۾ پاڻ پتوڙيندڙ هزارين ماڻهو پنهنجي ثقافت جي ترقي لاء ڪوشان آهن. جن کي گهڻو ڪري مرڻ پڄاڻان ياد ڪيو ويندو آهي، زندگيء ۾ کين مڃتا ڏيڻ وارو عمل هر روز گهٽجي رهيو هو. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ته ماڻهو نفسا نفسي جي ور چڙهندي گهُٽ ۽ ٻوسٽ واري زندگي گهاري رهيا آهن. ڪڏهن دهشتگردي ته ڪڏهن هڙتالون ته وري ڪڏهن مهنگائي جي چڪيء ۾ پيسجندا رهيا آهن، اهڙي حالتن باوجود جس هجي حڪومت سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ کي جن گڏجي سنڌي فن سان لاڳاپيل سنڌ ڌرتيء جي شخصيتن کي مڃتا ۽ ڀيٽا طور سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏيڻ واري تقريب آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي. هن تقريب جي مهمان خاص سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جي صوبائي وزير محترمه سسئي پليجو صاحبه هئي جيڪا هميشه سنڌ جي ثقافت جي ترقي ۽ سنڌ جي حقن جي حاصلات لاء پاڻ پتوڙيندي رهي آهي، جڏهن ته اعزازي مهمان عورتن جي ترقي واري کاتي جي صوبائي وزير محترمه توقير فاطمه ڀٽو هئي جيڪا سنڌ جي مظلوم عورتن جي لاء آواز اٿاريندي رهي آهي ۽ ڪراچيء مان پ پ پ سان لاڳاپيل سينيٽر سعيد غني ۽ ٻيا مانوارا مهمان شامل هيا.

    ڪراچي شهر جي خراب حالتن ۽ شام کان پوندڙ تيز برسات باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڪراچي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سوين ماڻهن ۽ مختلف سنڌي چينلن جي فنڪارن ، صحافين ۽ اديبن جي هڪ وڏي انگ شام کان ئي تقريب ۾ شرڪت ڪري اهو ثابت ڪيو ته ڪراچي سنڌ جي دل ۽ سنڌين جو شهر آهي. پروگرام ۾ شريڪ ٿيندڙن جي آجيان هدايت بلوچ، رشيد چارڻ، وسيم راجا، الطاف سومرو، علي گل ملاح، سهراب سومرو ، محمد سليمان وساڻ ، ذوالفقار بِهڻ، قمر ميمڻ، جي ايم کهڙو، عباس کهڙو، نديم ڀٽو، پرويز وسطڙو ، سڪندر سولنگي ، نعيم ملڪ ، ستار ڀنڊ ، نظام کيڙو ۽ ثقافت کاتي جا عملدار اعجاز شيخ، ايوب جمالي، حبيب الله ميمڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا.

    سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سيڪريٽري جنرل ۽ ناليواري ڪمپيئر ۽ مزاحيه آرٽسٽ رشيد چارڻ آيل مهمانن جي ڀليڪار ڪندي پروگرام جي شروعات ڪئي ۽ ججن جو تعارف ڪرايو جن نامينشن ۾ آيل ٽن نالن مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪري اوارڊ لاء اعلان ڪيو. جيوري ۾ شمشيرالحيدري، ڊي جي ثقافت کاتو ، ڊائريڪٽر ثقافت کاتو، جي ايم پي ٽي وي، پي ايم پي ٽي وي، ڊائريڪٽر ريڊيو پاڪستان ڪراچي. پي ايم ريڊيو پاڪستان ڪراچي، چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ، چيئرمين شاهه لطيف چيئر ڪراچي يونيورسٽي، عبدالغفار تبسم، هدايت بلوچ، شاهد ڀٽو، عرفان سمون ۽ ٻيا شامل هيا. سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ لاء فن ۽ ثقافت جي دنيا سان لاڳاپيل مختلف ڪيٽيگريز ۾ ٽن ٽن شخصيتن جي نامينييشن سبب سخت چٽاڀيٽي هئي،جڏهن ته ٽن ٽن نالن جي نامينيشن کان اڳ سڀني ٽي وي چينلس مان هڪ هڪ نالو هر ڪيٽيگري لاء نامينيشن لاء آيل هيو جنهن مان جيوري ٽن نالن کي فائنل رائونڊ ۾ شامل ڪيو. جنهن سبب فن سان لاڳاپيل شخصيتن ۾ خوشيء جي لهر سان گڏ هر ڪنهن اوارڊ حاصل ڪرڻ لاء بيچيني هئي. پهريون دفعو فن سان لاڳاپيل فنڪارن، اداڪارن ۽ صحافين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ويو. نه ته گهڻو ڪري هر دفعي هر چينل صرف پنهنجي اداري جي فن سان لاڳاپيل ماڻهن لاء تقريب ڪندو آهي پر هن دفعي سنڌ جي تاريخ ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ ۽ ثقافت کاتي سڄي سنڌ جي فنڪارن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪري هڪ نئون مثال قائم ڪيو.

    پنهنجي سڄي زندگي فن کي ارپيندڙ ناليواري شخصيتن ۾ مشهور فلم اسٽار مصطفيٰ قريشي، راڳي استاد فتح علي خان، انور حسين وسطڙو، فلم اسٽار شهباز دراني، موسيقار ۽ ڍولڪ نواز استاد محمد بچل، اداڪاره ممتاز ڪنول، ناليواري ليکڪا نورالهدا شاهه، راڳي استاد گلزار علي سانگهڙائي ، موسيقار استاد محمد حسن، سيد يار محمد شاهه ، غلام حيدر صديقي ۽ ناليواري اديب شمشيرالحيدري کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ ڏنا ويا جن کي زندگيء ۾ پنهنجي پنهنجي لاڳاپيل فيلڊ ۾ ڪم ڪرڻ تي سنڌي ايڪسيلنس شخصيت جو خطاب به ڏنو ويو. سنڌي ڊرامن جي سان لاڳاپيل مختلف ڪيٽيگريز ۾ بهترين اداڪار سجاد سهاڳ، بهترين اداڪاره صنم عباسي ۽ شبيران چنا، حسين قادري، نجمه ڪاوش، صلاح الدين تنيو ۽ منظور مراد کي ايڪسيلنس اوارڊ ڏنا ويا. بهترين ڪاميڊين جو سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ مرڪون وکيريندڙ قادر بخش مٺو کي مليو جنهن اوارڊ وٺڻ وقت چيو ته مون سميت جن کي به پنهنجي زندگيء ۾ ثقافت کاتي اڄ اوارڊ ڏنا آهن انهن جي زندگي 20 سال وڌي وئي آهي. هن چيو ته هاڻ جيڪڏهن مان مري به ويس ته ڏک نه رهندو ڇاڪاڻ ته مون جهڙي مسڪين کي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ڏئي مڃتا ڏني وئي آهي، جنهن لاء هن سسئي پليجو صاحبه جا ٿورا مڃيا.

    سنڌي سنگيت جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ ناليواري گلوڪاره حميرا چنا، بهترين ڳائڻو احمد مغل، بهترين لوڪ موسيقي صادق فقير ، ڪلاسيڪل موسيقي حنيف لاشاري ۽ لوڪ گوڪاره مائي ڍائي کي اوارڊ ڏنا ويا. موسيقارن مان شاهد ڀٽو سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ حاصل ڪيو. ان موقعي تي خبرن ۽ حالات حاضره جي ڪيٽيگريز ۾ ناليواري نيوز ڪاسٽرز ۽ ميزبانن، نازيه جاويد، ندا ابڙو ، منظور شيخ، رزاق سروهي، مصطفيٰ جروار، رئوف چانڊيو ۽ ٻين اوارڊ حاصل ڪيا. ٽي وي ڪمپيئرنگ ۽ هوسٽ جي ڪيٽيگري ۾ محمود مغل، ياسر قاضي ۽ مسرور راجپر کي سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ مليو. بهترين ريڊيو ميزبان جو اعزاز نوجوان ڪمپيئر ثاقب ابڙو کي مليو. جڏهن ته ريڊيو پروڊيوسرس ۽ هدايتڪارن مان نصير مرزا ۽ خليل چنا کي اوارڊ مليا. بهترين ڊراما ليکڪ ٽي وي جو سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ حفيظ ڪنڀر کي مليو جڏهن ته بهترين ٽي وي پروڊيوسر جو اوارڊ سميع بلوچ کي مليو. سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ فن، ثقافت، ادب ۽ شوبز جي پرنٽ ميڊيا جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ اوارڊ حاصل ڪندڙڻ ۾ ڪندڙن ۾ مظهر حسين، شفيع فقير، صنم سنڌي، مصطفيٰ ملاح پڻ شامل آهن. ان موقعي تي فن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل نامينيشن ۾ آيل شخصيتن کي يادگاري نامينيشن ميڊل پڻ ڏنا ويا، انهن ۾ مصطفيٰ عباسي، حيدر قادري، انم سمون، ارشد محمود، ضامن علي، ديبا سحر، طفيل سنجراڻي، عرفان سمون، قمر ميمڻ، نجمه ڪاوش، ناجيه مير، شازيه خانزادو، رشيد چارڻ، امتياز مير، سوڀيا آغا، منظور ڪامران، اسلم ڀٽو، محمود ميرجت، رابيعه اڪرم ۽ ٻيا شامل هئا.

    ان موقعي تي سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ پاران فن، ادب ، ثقافت ۽ ٽرسٽ لاء جاکوڙيندڙن کي نشانِ فنڪار خصوصي ميڊل ڏنا ويا انهن ۾ محمد سليمان وساڻ کي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۽ سوشل ميڊيا تي ثقافت ۽ فن بابت خوبصورت لکڻين ۽ شاعر ذوالفقار بهڻ کي پڻ خوبصورت شاعريء تي، اداڪاره محموده لاکو، شاعر عرض محمد گوپانگ، سماجي شخصيت مختيار ساريو، حسين شيخ، علي اڪبر پٺاڻ، علي گل ملاح، سهراب سومرو، نعيم ملڪ، شاهه لطيف جا راڳي خان محمد چانڊيو، منٺار فقير ۽ ٻين کي ڏنا ويا.

    روشنين جي شهر ڪراچيء ۾ ٿيندڙ هن پروقار تقريب ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي مشهور شخصيتن، اديبن، فنڪارن ۽ اداڪارن پڻ شرڪت ڪئي، انهن ۾ سيڪريٽري ثقافت عبدالعزيز عقيلي، ڊائريڪٽر جنرل عبدالوحيد شيخ، ڊائريڪٽر ڪلچر محمد علي مانجهي، جي ايم پي ٽي وي ڪراچي مصطفيٰ مندوخيل، ڊي جي بهبود آبادي اڪبر لغاري، وڏي وزير جو سياسي صلاحڪار نذر محمد ڳاهو، ناليوارو شاعر ۽ اديب شمشيرالحيدري، نذير ناز، ميڊم ممتاز ڀٽو، ذوالفقار عباسي، مختيار ساريو، فيض کوسو، اڳوڻو سيڪريٽري ثقافت شمس جعفراڻي، عبدالقادر منگي، سردار صفدر مٺاڻي، اڳوڻي ايم پي اي نسرين چانڊيو ، پ پ سانگهڙ ضلعي جو صدر مختيار شورو، صغير هاشمي، مير محمد بنگلاڻي، امداد بوزدار، پ پ ميڊيا سيل انچارج فدا ڍڪڻ، شاهنواز گهوٽو، پروفيسر سليم ميمڻ، پروفيسر اعجاز قريشي ، ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ ، نياز ميمڻ، اظهر شاهه، ڪشمير سومرو، سنڌ سلامت جي سرپرست نثار ناز ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.
    ثقافت واري کاتي جي صوبائي وزير سسئي پليجو فنڪارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته ثقافت کاتو پنهنجي سنڌي ثقافت کي هٿي وٺرائڻ ۽ فنڪارن جي سهائتا لاء ڀرپور ڪوششون وٺي رهيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ هي کاتو غير سنڌي وزيرن وٽ هجڻ سبب سنڌي ثقافت کي خاص ترقي ڪانه ملي سگهي. ان موقعي تي صوبائي وزير چيو ته هن قسم جي مڃتا پروگرامن ذريعي فنڪارن جي سٺي حوصلا افزائي ٿيندي. ان موقعي تي محترمه سسئي پليجو صاحبه سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي نئين چونڊيل مرڪزي ۽ ڪراچي جي عهديدارن کي وفاداريء جو حلف کڻايو. نئين چونڊيل مرڪزي باڊي ۾ شمشيرالحيدري سرپرستِ اعليٰ، حميد ڀٽو چيئرمين ۽ باني، عبدالغفار تبسم سينئر وائيس چيئرمين، شهباز دراني، منظور مراد، خليل چنا، قمر ميمڻ، شاهد ڀٽو (وائيس چيئرمين)، رشيد چارڻ سيڪريٽري جنرل، ذوالفقار بهڻ جوائنٽ سيڪريٽري، جي ايم کهڙو اطلاعات سيڪريٽري، نور بانو خزانچي، پرويز وسطڙو آفيس سيڪريٽري، مصطفيٰ ملاح پبلسٽي سيڪريٽري، محمد سليمان وساڻ چيئرمين ڪريئيٽوِ ڪميٽي، نذر محمد ڳاهو چيئرمين سوشل ڪميٽي، وسيم راجا چيئرمين فلم ڪميٽي، هدايت بلوچ چيئرمين ادبي ڪميٽي، الطاف اثيم چيئرمين پبليڪيشن ڪميٽي، عرفان سمون چيئرمين ميوزڪ ڪميٽي، محمد يونس مهر چيئرمين ميڊيا ڪميٽي ۽ ديبا سحر چيئرپرسن ليڊيز ونگ چونڊجي آيا آهن.

    هن تقريب جي ڪمپيئرنگ حميد ڀٽو، رشيد چارڻ، ثاقب ابڙو، خليل چنا، علي گل ملاح، سهراب سومرو، حنيف ٻگهيو، مصطفيٰ عباسي ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي لطيف جي فقيرن خان محمد چانڊيو، منٺار فقير ۽ ساٿين، صادق فقير، ارشد محمود، حميرا چنا، طفيل سنجراڻي، ضامن علي، عرفان سمون، ناهيد علي ۽ ٻين فنڪارن موسيقيء جا سُر وکيري ماحول کي خوشگوار بڻائي ڇڏيو. ان موقعي تي علي گل ملاح، سهراب سومرو ۽ قادر بخش مٺو بهترين مزاح ذريعي مرڪون وکيريندا رهيا.

    ڪراچي جي شهر ۾ سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ستارن جي هن جهرمٽ ۾ رات جو دير سان ناليواري اديب ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي سرپرست اعليٰ شمشيرالحيدري پاران مهمانن جي شڪريه ادائي کانپوء سنڌ جي ناليوارن راڳين استاد فتح علي خان، صادق فقير، حنيف لاشاري، واحد لاشاري، عرفان سمون، ناهيد علي، نجمه ڪاوش ۽ ٻين سمورن فنڪارن ۽ اداڪارن سان گڏجي هوجمالو ڳايو ۽ شبيران چنا، سويرا قريشي، سبرين فلسطيني سميت ٻين فنڪارن سان هوجمالو تي رقص ڪيو ۽ ڪراچيء جي محفلن مان هيء يادگار محفل رات دير سان پنهنجي پڄاڻي تي پهتي.

    [/JUSTIFY]

    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
    [​IMG]
     
  2. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    مبارڪون پيارا محمد سليمان ! اوهان جس لهڻو جو هن قسم جا شاندار پروگرام اوهان جھڙن دوستن جي بدولت ئي ڪراچي ۾ ٿي رهيا آهن۔۔ شال اهڙا ميلا مچندا رهن۔۔ اوهان جهڙي ريت پيرائتي انداز ۾ رپورٽنگ ڪئي آهي سا پڻ قابلِ تعريف آهي۔۔
    انهن سڀني دوستن کي واڌايون جن هي ايوارڊ ماڻيو۔۔
     
  3. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب ۾ وڃڻ جو موقعو مليو ان لاء ٿورائتو آهيان ادي سليمان وساڻ جو جنهن دل سان دعوت ڏئي گهرايو ء رات جو واپسيء تي گهر به ڇڏي ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني ادا

    پروگرام جو احوال سليمان وساڻ پيرائتي نموني مٿي پيش ڪيو آهي، هڪ بهترين تفريحي پروگرام هيو جتي ڪافي سارا سنڌي اداڪار ء گلوڪار آيل هيا جن کي اڳم صرف ٽي وي تي ڏٺو هيم ۔۔۔۔۔۔۔ جن پنهنجي فن جو مظاهرو پئي ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سليمان وساڻ ان شو ۾ به سنڌ سلامت جي پرچار جي ڪوشش ڪندي نظر آيو سنڌ سلامت جو وڏو بينر لڳل هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مونکي پروگرام ڏسي لطف آيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سنڌ سلامت جو سرپرست اعلي! سائين نثار ناز به آيل هيو جنهن پنهجي پيشورانه صلاحيت جو مظاهرو ڪيو پوري پروگرام ۾ رڪارڊنگ ء تصويرون ڪڍندو رهيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سندس عمر جي تقاظا ڏسي سلام ڪجي ٿو ته پوري پروگرام ۾ سڄي حال ۾ پئي ڦريو ۔۔۔۔۔۔ جس لهڻي شابس هجيس تمام سٺي ڪوريج ڪيائين ۔۔

    هڪ بهترين پروگرام هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    اڄ ڪلهه جي نفانفسي جي دور ۾ اهڙا پروگرام ارينج ڪرائڻ ۽ وري انهن جو حال احوال سنگت تائين پهچائڻ به هڪ وڏي ڳالهه آهي

    دوستن کي جس هجي

    دوستو تمام بهترين ڪوشش آهي
     
  5. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    پيارا سليمان۔
    پيرائتي رپورٽ لکڻ تي مهرباني۔ اها تقريب هاڻي ڪوبه پڙهنڙ ايئن نه چوندو ته نه ڏٺي۔ ۽ ان کان وڌيڪ خوشي اها ٿي سنڌسلامت به هن تقريب ۾ پنهنجو حصو ونڊيو۔ اوهان کي ميڊل ملڻ جو مبارڪون۔ الله خوش رکي اوهان کي۔

    سنڌ، اوهان ۽ ساٿ سلامت هجي۔ آمين
     
  6. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    يار اسان کي خبر ئي نه پئي۔۔۔ سليمان سائين اسان کي اطلاع ڏئي ڇڏيندا ڪريو ته اسان به انجوائي ڪيون اهڙي قسم جا پروگرام۔۔۔۔
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    [JUSTIFY]دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته مخصوص تعداد ۾ ڪارڊ ملڻ سبب گهڻن ئي دوستن کي دعوت نه ڏئي سگهياسين، ان لاء معذرت ڪجي ٿي۔

    سائين نثار ناز جا ٿورا جنهن تيز برسات باوجود ٽنڊي محمد خان کان ڪراچي جو سفر ڪندي پروگرام جي مسلسل ڪوريج ڪئي ۽ هي فوٽوگرافي سندس ئي ڪاوشن سبب ممڪن ٿي سگهي آهي۔ مونسان گڏ عرس پريو پڻ موجود رهيو۔ پروگرام ۾ سنڌ سلامت وارو ڀليڪار وارو پوسٽر نمايان هيو۔ سائين شفيق جوکيو، ذوالفقار بهڻ ۽ نذر پياسي سان گڏ پڻ چانهن جي ڪپ تي خوب ڪچهري ٿي۔

    محترم شمشيرالحيدري بيمار هجڻ باوجود شام جو ستين بجي کان تقريب جي اختمام تائين رات جو 3 بجي تائين هال ۾ موجود رهيو ۽ تقريب جي پڄاڻي وارا لفظ ادا ڪري هوجمالو تي رقص شروع ڪرايو۔ سندس همت ۽ حوصلي لاء کيس سلام پيش ڪجي ٿو۔
    [/JUSTIFY]


    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    ڪجهه دوستن ميسيج ۽ فون ڪري سڀ فوٽو شيئر ڪرڻ جو چيو آهي۔ دوستن جي اطلاع عرض آهي ته سڀ فوٽو سنڌ سلامت تي شيئر نه ٿا ڪري سگهجن ان لاء اوهان فيسبوڪ جي هيٺين البمس تي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔

    نثار ناز البم نمبر هڪ

    نثار ناز البم نمبر ٻه

    حميد ڀٽو البم نمبر هڪ

    حميد ڀٽو البم نمبر ٻه
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    سڀ کان پهريان ته سڀني دوستن سميت سليمان وساڻ ۽ نثار ناز کي سنڌ سلامت جي نمائيندگي ڪندي، سنڌ سلامت کي سنڌ جي سهڻن فنڪارن، اداڪارن، سداڪارن ۽ محترم شخصيتن آڏو پيش ڪرڻ جون واڌايون

    انکانپوءِ سڀني سنڌي سڄڻن کي واڌايون جن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ۽ انعام و اڪرام حاصل ڪيا ۔۔۔

    تنهنکانپوءِ اهم ڳالهه ته ؛

    ڪراچي سنڌ جي راڄڌاني، ڪراچي سنڌ جي دل، ڪراچي سنڌ جو سهڻو ۽ تاريخي شهر، مورڙيي جو ماڳ، ديبل جو نيم البدل شهر، جنهن ۾ جيتوڻيڪ اڄ اسان ئي فراخدليءَ جو مظاهرو ڪندي ڌارين کي وسايو آهي، جن اٽلندو شڪرگذاريءَ جي نالائقيءَ جو مظاهرو ڪندي، سنڌين کي ان شهر ۾ رهڻ، ڪم ڪرڻ يا تعليم حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪيو آهي۔

    سنڌين کي ان شهر مان ڌمڪيون ۽ قتل ڪرڻ جا نياپا ملن ٿا، ڪراچيءَ کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جون سازشون ٿين ٿيون ۽ هن وقت ڪراچيءَ کي دنيا جو خطرناڪ ترين شهر سڏجي ته گهٽ نه ٿيندو ۔۔۔ ان شهر ۾ سنڌين جا ميلا لڳن، ثقافتي گڏجاڻيون ٿين، ادبي پروگرام ٿين، ورسيون ۽ احتجاج ٿين ته جيئن سنڌين جي اچ وڃ تڪڙي ٿئي ۽ سنڌي نئين نسل کي هن شهر جي مالڪيءَ جو خيال پئدا ٿئي ۔۔۔

    ان شهر ۾ سنڌين جي منهن جي مرڪ، سنڌي گانن جي جهونگار، سنڌي سازن جي جهنڪار، حقيقت ۾ خوشي ڏيندڙ آهي ۔۔۔ سنڌين جا ٻهڪندڙ مکڙا سنڌ دشمنن جي منهن تي موچڙو آهن ۔۔۔ اميد ڪريون ٿا ته سڀ سنڌي تنظيمون پنهنجا پنهنجا پروگرام ڪراچي شهر ۾ ترتيب ڏئي ڪراچيءَ کي سنڌين جي شهر جي سڃاڻ سان دنيا ۾ روشناس ڪرائن، جيئن آئينده ڪو به گورو يا ڪارو جڏهن ڪراچيءَ جي مالڪن تي نظر وجهي ته سنڌي کين اول نظر اچن ۔۔۔

    سڀ دوست واڌائن جا مستحق آهن ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت​
     
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    هي رپورٽ اڄوڪي هلال پاڪستان ۽ عوامي آواز جي ايڊيشن ۾ پڻ ڇپي آهي۔

    [​IMG]
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    خوشي ٿي آهي جو اوهان جهڙو سنڌ سلامت جو رڪن ۽ دوست هاڻي اخبارن جو باضابطه ليکڪ بڻجي ويو آهي ،
    اسان وٽ هاڻي رپورٽ پيش ڪرڻ وارن جي کوٽ محسوس نه ٿيندي جو ، سائين نثار ناز هجي ، سائين مست هجي ، يا طاهر سنڌي هجي يا سائين سليمان وساڻ ڪنڌ ڪوٽ هجي ، ٽنڊو محمد خان هجي ڄامشورو هجي يا ڪراچي اسان کي پنهنجا رپوٽر انشاء الله هر هنڌ ملي ويندا ۽ بهترين نموني سان ترتيب ڏئي ونڊ اسان کي پنهنجي فورم تي گهر ويٺي ملي ويندي جنهن مان ائين پيو محسوس ٿيندو جڻ هن تقريب ۾ اسين به هئاسين ،
    رپورٽ جي ڳالھ ڪندي مونکي هڪ ڳالھ ياد اچي وئي ته ڪجه ڏينهن اڳ ادو طاهر سنڌي پڻ هڪ تقريب جيڪا سيمينار جي صورت ۾ هئي تنهن جي رپورٽ تيار ڪري پيو جيڪو اڃا منظر عام تي نه اچي سگهي آهي ، لڳي ٿو ادو طاهر مضمون کي اڃا جاندار کان جاندار بڻائڻ ۾ مصروف آهي ، پر ادا طاهر کي گذارش ڪندم ته ايترو به نه مصروف ٿي وڃي جو اسان انتظار ڪري ڪري بي حال ٿي وڃون ، آئون اها اميد ڪريان ٿو ته ادا طاهر منهنجي تحرير جي ضرور داد رسي ڪندو ۽ مزيد اسان کي پريشان نه ڪندو ۽ اسان جون انتظار جون گهڻيون ختم ڪندو ، مهرباني !!!
     
  12. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    مبارڪون پيارا محمد سليمان ! اوهان جس لهڻو
    سليمان صاحب اسان کي اطلاع ڏئي ڇڏيندا ڪريو ته اسان به شرڪت ڪيون اهڙي قسم جي پروگرامن ۾۔۔۔۔
     
  13. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    اڄوڪي عبرت ۽ روزانه سُڪار ۾ پڻ هي ساڳي رپورٽ ڇپي آهي۔

    [​IMG]
     
  14. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    تمام بهترين پروگرام جي لاجواب رپورٽنگ۔۔۔ دوستن کي جس لهڻي جو هن پروگرام ۾ سنڌ سلامت جي بينر کي آجيان طور هڻي سنڌ سلامت جي پيغام کي ماڻهن تائين پهچائڻ جو اهم ڪم بهترين انداز ۾ سرانجام ڏنائون۔۔۔ ادا سليمان اوهان جي رپورٽن جو سنڌ جي مکيه اخبارن ۾ ڇپجڻ تمام گهڻي فخر جي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔ ان ڪم کي بهترين انداز ۾ سرانجام ڏيڻ تي اوهان جا ٿورائتا آهيون۔۔۔
     
  15. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    ادا سليمان وساڻ ،اسان کي اڄ پاڻ وٽ گهٽ الفاطن جي ذخيره جو احساس ٿيو آهي۔توهانجون ڪاوشون سنڌ سلامت کي ترقي ۽ ماڻهون ۾ تعارف ڪرڻ لاء۔توهانجون محنتون ۽ پنهنجي گوناگون مصروفيت مان ٽائيم ڪڍي سوشل ۽ ڪلچرل پروگرامن ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ ان کانپوء ذميدارين جو بار کڻي ڪميٽين جا ميمبر ٿيڻ ۽ وري ڏاهپ ۽ خوبصورت واري انداز ۾ ان پروگرام جي رننگ رپورٽنگ ڪرڻ تمام وڏن الفاظن ۾ ساهرائڻ جي قابل آهي۔ادا سائين اسان وٽ اهئي سهڻا الفاظ نه آهن جيڪي اوهان جي انهن سڀني خدمتن جي تعريف ڪرڻ جو حق ادا ڪري سگهن۔توهان جهڙن محفل جي مورن لاء چيو ويو آهي ته ۔هو آيا۔هنن ڪم ڪيو ۽ هنن دليون فتح ڪيون۔توهان کي ۽ ٻين محترم ميمبرس جن کي مڃتا جي طور تي ميڊيل مليا، کي اسان جي طرفان لک لک واڌايون هجن۔ادا نثار ناز به تعريف جي قابل آهن ،جيڪي پنهنجي ناساز طبيعت جي باوجود،دوستن جي سڏ تي لبيڪ چئي انهي سوشل پروگرام ۾ ٽنڊومحمد خان کان شرڪت ڪئي ۽ محفل جا ڦوٽون ونڊ ڪيا۔سائين شمشير حيدري جهڙي بهادر انسان جي تعريف نه ڪرڻ زيادتي هوندي،جيڪي پنهنجي جسماني ڪمزوري جي حالت جي باوجود پنهنجي مضبوط حوصلن،۽ دلي طاقت جي آڌار تي ان پروگرام ۾ آخر تائين موجود رهيا ۽ هو جمالو ته رقص شروع ڪرايو۔ادا ذوالفقار بيهڻ کي به لک لک واڌيون هجن جو انهن کي سندن خوبصورت شاعري جي مڃتا طور خصوصي ميڊيل ڏنو ويو۔اسان کي توهانجهڙن ميمبرن تي فخر آهي جو هن محبتي اڳڻ جي روشني هر هنڌ ڦهلائيندا ٿا رهو۔الله پاڪ هميشه اوهان کي پنهنجي پناه ۾ رکي۔ 
     
  16. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    [JUSTIFY]حيدرآباد سنڌ ۾ هر ايندڙ ڏينهن اهڙا پروگرام ٿيندا رهندا آهن ، جن جي ڪوشش ڪري جيڪا دعوت ملندي اٿم يا اخبار ۾ پڙهي بنا دعوت جي پهچي سنڌ سلامت لا ڪوريج ڪري توهان دوستن سان ونڊ ڪندو رهندو آهيان ، هن ڀيري، محترم سائين شفيق جوکيو، ادا محمد سليمان وساڻ ۽ ٽي هڪڙي مهربان هستي جنهن جو نالو لکڻ چاهيان ته لکي سگهان ٿو پر نٿو لکان انهن مشترڪا طور تي هن سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ ۽ ڪلچرل شو 2012 ۾ شرڪت ڪرڻ لا سنڌ جي شهر ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏني، مون کين جواب ڏنو ته مونکي انهي پروگرام جي آرگنائزرن پاران ڪا به دعوت ڪانه ملي آهي ۽ بيگاني شادي ۾ عبدالله ديوانو ٿي هن پروگرام ۾ شرڪت ڪريان اهو مناسب ڪونه ٿو لڳي، ڳالهه آئي وئي ٿي وئي، پروگرام شروع ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ سنڌ سلامت جي محنتي ساٿي محترم سليمان وساڻ موبائل ڪال ذريعي مونکي هن پروگرام ۾ دوباره نينڊ ڏيندي چيو ته سائين نثارناز هن پروگرام کي آرگنائزنگ ڪميٽي ۾ سنڌ سلامت جي ٽيم به شامل آهي ان ڪري توهان جيڪڏهن هن پروگرام ۾ شرڪت ڪندا ته کين وڏي خوشي ٿيندي، ادا محمد سليمان وساڻ جي انهي محبتي نينڊ کي جُهٽلائي ڪونه سگهيس ۽ انهي پروگرام ۾ ضرور شرڪت جي حامي ڀري ويٺس، 19 اپريل تي صُبح سويري آسمان ڪارن ڪڪرن سان ڀريل هو، رپورٽ اها هُئي ته ٽنڊومحمد خان حيدرآباد جي آس پاس تيز مينهن وسڻ جي پيشن گوئي ٿيل هُئي گهر وارن کي اطلاع ڪري ڇڏيو هُئم ته هڪ ڏينهن واسطي آئون ڪراچي ضرور ويندس ۽ هن بهترين پروگرام ۾ شرڪت ڪندس پر موسم جي خرابي سبب منهنجي گهر وارا ڪراچي وڃڻ جي اجازت نه پيا ڏين ، ايتري ۾ تيز مينهن برف جي ڳڙن وارو شروع ٿي ويو، گهر وارا ته هاڻي صفا نابري ورائي ويٺا ته هن موسم ۾ ڪراچي وڃڻ سُٺو ڪونهي، مون ادا سليمان وساڻ سان موبائل تي موسم جي باري ۾ ڊسڪس ڪئي پر ادا محمد سليمان وساڻ ان مهل چيو ته ڪراچي جي موسم بلڪل ٺيڪ آهي هتي ڪو به مينهن ڪونه پيو وسي ، سائين هليا اچو، سليمان وساڻ جي انهي تسلي تي مون پنهنجو بيگ کنيو جنهن جي رات جو ئي ماسات سڳوري ڪپڙن جي پيڪنگ ۽ مون سنڌ سلامت جي ڪوريج واسطي ٻه ڪئميرائون ڪئميرا جون بيٽريون ۽ انهن بيٽرين جا چارجر هڪ ڊائري ۽ راضي فقير جو رسالو رکي ڪري ڇڏيو هو، ڪُلهي ۾ وجهي ڪراچي وڃڻ لاءِ نڪري پيس گهر وارا روڪيندا رهيا پر انهن جي پراوهه ڪندي بغير دروازي تي پهتس ۽ منهنجي ڀاڻيجي رحمان مصطفى سمون کي سندس موٽر سائيڪل کڻي اچڻ جو چيم ته جيئن حيدرآباد وڃڻ واري بس اسٽاپ تي مونکي پهچائي اچي سو برسات ۾ پسندي بس اسٽاپ تي پهتس اتي حيدرآباد وڃڻ واري ڪوسٽر تيار هُئي سو انهي ڪوسٽر چاليهه منٽن ۾ مونکي محمدي چوڪ حيدرآباد پهچايو، اتان کان رڪشي واري کي پاڪستاني 50 روپين عيوض لطيف آباد پوڻين ستين نمبر حيدرآباد پهچايو جتان پرائويٽ ڪارون ڪراچي وڃڻ واريون آساني سان ملي وينديون آهن اتي پهتس ته هڪڙي ٽوڊي اي سي فل ڪار جنهن ۾ ٽي مسافر اڳئي ويٺا هُئا رڳو منهنجي پُڄڻ جي دير هُئي ساڍا ٽي سو روپيا پاڪستاني ڪرائي عيوض ڪراچي جي ال آصف (سُهراب ڳوٺ) پورن پوڻن ٻن ڪلاڪن ۾ پهتس، اتان کان وري صدر جي ريمبو سينٽر تائين هڪڙي ٽيڪسي 250 روپين عيوض ڪرائي تي ڪري پهتس شام جا تقريبن پنج ٿي رهيا هُئا، ڪراچي جي موسم به ڪارن ڪڪرن سان ڀري پئي هُئي محترم سليمان وساڻ کي فون ڪيم ته مان ڪراچي جي ريمبو سينٽر تائين پهچي چُڪو آهيان، پاڻ پنهنجي ڊرائيور جنهن جو نالو وسري ويو اٿم پر سندس ذات ٻٻر ياد اٿم کي پنهنجي ڪار سميت موڪليائين، انهي ڊرائيور سان ڪافي ڀيرا اڳ ۾ به ملي چُڪو هُئس سو هُن ريمبو سينٽر تي اچي مونکي سُڃاڻي ورتو، ۽ مونکي ڪار ۾ ويهاري سڌو اچي آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ پهچايو، اتي محمد سليمان وساڻ اسان جو منتظر هو، ادا محمد سليمان وساڻ مونکي دل جي گهرائين سان ڀليڪار چئي سڀ کان پهرين هڪڙو شاعريءَ جو ڪتاب،” پيار پن ڇڻ ۽ وفا“ جنهن جو تخليق ڪار شاعر وفا حاڪم وساڻ آهي ڏنو، مون ٿورا مڃيندي اهو ڪتاب پنهنجي سنڌ سلامت واري بيگ ۾ وڌو، ايتري ۾ هلڪي هلڪي بوند وسڻ شروع ٿي وئي هُئي، آرٽس ڪائونسل ۾ اندر داخل ٿيندي مونکي جيڪو سڀ کان پهريون ماڻهو نظر آيو اهو هو سائين هدايت بلوچ، پري کان ئي مون کيس سُڃاتو، ساڻس ڀاڪرن ۾ پئجي ويس، سائين هدايت بلوچ به مونکي پهرين نظر ۾ سُڃاتو ، سائين هدايت بلوچ سان منهنجي اها پهرين ملاقات هُئي، ان کانپوءِ سامهون ڏٺم ته فيس بُڪ تي صاف جو روح روان بهترين شاعر ذوالفقار بهڻ اچي رهيو هو هن به مونکي سُڃاتو ڀاڪرن ۾ ڀري چيائين ته سائين توهان جون مهربانيون جو اڄ پنهنجو ديدار ڪرايو اٿئو، ۽ پاڻ هڪ طرف اشارو ڪندي چيائين ته سائين سامهون سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي دستوري گڏجاڻي هلي رهي آهي کين وڏي خوشي ٿيندي جو توهان پنهنجي حاضري س ا س جي انهي گڏجاڻي ۾ يقيني ڪرايو، سنڌي ادبي سنگت جو نالو ٻُڌي منهنجي دل جا تار ڇڙي پوندا آهن مون ذوالفقار بهڻ کي چيو ته ادا پهرين سنڌي ادبي سنگت جي انهي دستوري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندس، ذوالفقار بهڻ مونکي انهي گڏجاڻي ۾ وٺي آيو محمد سليمان وساڻ جيئن ته سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ ۽ سنڌ ڪلچرل شو2012 جي آرگنائزنگ ڪميٽي جو اهم ترين اڳواڻ هو، سو چوڻ لڳو ته سائين توهان سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي اٽينڊ ڪريو هو ٿورو آرٽس ڪائونسل فيڪلٽي آڊيٽوريم ۾ هن شو جو انتظامي جائزو وٺي ٿو اچي ، مون کيس چيو ته ادا سليمان وساڻ اهو پروگرام هن ئي آرٽس ڪائونسل ۾ ئي آهي نه سليمان وساڻ چوڻ لڳو ته ها سائين بلڪل اتي ئي آهي. سائين ذوالفقار بهڻ منهنجو تعارف سنڌي ادبي سنگت ڪراچي وارن سان ڪرايو مون پنهنجو تعارف سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊمحمد خان جي ڪرايو ته س ا س جي ڪراچيءَ جا ميمبر تمام گهڻو خوش ٿيا، دوستو توهان کي خبر آهي ته مان پنهنجي يادگيرن کي هميشهه لاءِ دوام بخشڻ لاءِ انهن لمحن کي سنڌ سلامت جي ڪئميرا ۾ هميشهه لاءِ محفوظ بنائي ڇڏيندو آهيان سو پنهنجو ٻئي ڪئميرائون کڻي سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي هن گڏجاڻيءَ جون تصويرون ڪڍيون، هڪ ڪئميرا محترم سائين ذوالفقار بهڻ کي ڏنم ته منهنجي تصوير به سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ جي ساٿين سان ڪڍي، ڪچهري هلندي رهي تقريبن هڪ ڪلاڪ کانپوءِ ادا سليمان وساڻ آيو ، ۽ ان سان گڏ اسان جو پرين پيارو دوست دل وارو، محبتي شفقت وارو سائين شفيق جوکيو هو، سائين شفيق جوکئي کي مون پري کان ئي سُڃاتوسائين ايندي شرط ڀاڪرن ۾ ڀريندي چيو ته نثارسائين توهان سان ملڻ جي آس الله جي شڪر سان اڄ پوري ٿي آهي. مون به کيس ساڳوڻي ڳالهه چئي ايتري ۾ سنڌي ادبي سنگت جي گڏجاڻي جي ڪاروائي هلائيندڙ دوست شاهه سائين جو بيت پڙهي گڏجاڻي جي پُڄاڻيءَ جو اعلان ڪيو، سائين شفيق جوکيو ڀاڪرن ۾ ڀري مونکي آرٽس ڪائونسل جي اوپن ايئر هوٽل ۾ وٺي آيو ۽ چوڻ لڳو ته سائين پڪوڙا کائيندا ، بسڪيٽ کائيندا، يا ڪجهه ٻيو، چيومانس ته سائين توهان پڪوڙا کارائي پنهنجي جند آجي نٿا ڪري سگهو، آئون ته ڪڪڙ پلاءُ شيرو ۽ گهڻو ڪجهه وڌيڪ کائيندس، پاڻ مسڪرائيندي چيو ته سائين ناز پڪوڙا جيڪي کارائيندس ان جو به حساب هو سندس هوم سيڪريٽري کي ڏيندو، وڏو ٽهڪ ڏيندي کيس چيم ته هر وڏو ماڻهو پنهنجي هوم سيڪريٽري کي لهرائيندو آهي، ان جي حساب ڪتاب کان ڊڄندو آهي، في الحال ڀلي پڪوڙن ۽ ڦڪي چانهه پيئاري ٿوري مان مون مان پنهنجي جان ڇڏايو اڳيان الله مالڪ آهي ، ايتري ۾ سنڌ مشهور فنڪار صادق فقير اسان وارين ڪرسين تي اچي ويٺو صادق فقير ڏانهن اشارو ڪندي سائين شفيق جوکيو چيو ته سائين نثار هن کي سُڃاڻو ٿا، مون سائين شفيق جوکيو کي چيو ته سائين ڪمال آهي صادق فقير اسان جي سنڌ جو قومي اثاثو آهي کيس سموري سنڌ سُڃاڻندي آهي. منهنجي انهي ڳالهه تي ڏٺم ته صادق فقير تمام گهڻو خوش ٿيو هو. ايتري ۾ پڪوڙا اچي ويا، جيئن ته گهران ٽنڊو محمد خان کان بغير ڪجهه کائڻ پيئڻ جي نڪتو هُئس سو پڪوڙن کي اتي ويٺل سڀني دوستن سان شيئر ڪري کائي پاڻي پي سائين شفيق جوکيو جا ٿورا مڃيم، ان کانپوءِ سائين شفيق جوکيو، ڪراچيءَ جو سنڌي ادب جو نقاد محترم عبدالواحد سومرو، ۽ سنڌ مشهور فنڪار صادق فقير سان گڏ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم ۾ داخل ٿياسين اتي فيس بُڪ جي حوالي سان ڄاتل سُڃاتل شخصيت محترم ابراهيم صالح محمد سان ملاقات ٿي، سنڌ سلامت جي سنيئر ميمبر محترم محمد عرس پريو سان ملاقات ٿي، محمد عرس پريو کان سنڌ سلامت جي منتظم اعلى ادا عبدالرشيد سمون جي پُڇاڪيم ته ان چيو ته عبدالرشيدسمون هن پروگرام اچڻو هو پر ڪنهن انتهائي آفيشلي مجبوري سبب هتي اچڻ جو پروگرام ڪينسل ڪري ڇڏيو اٿائين اڙي منهنجي واتان لفظ نڪري ويو يار رشيد سمون اچي ها ته تمام سُٺو ٿئي ها. ان کانپوءِ چند تصويرون اسٽيج جون سنڌ سلامت واسطي ڪڍيم جيئن ته پروگرام شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪافي دير هُئي ادا محمد سليمان وساڻ، محترم ذوالفقار بهڻ، سائين شفيق جوکيو ۽ عرس پريو کي مون چيو ته توهان پنهنجا هن شو واسطي انتظامي فرض ادا ڪريو مونکي سنڌ سلامت جي لاءِ تصويري ڪوريج ڪرڻ ڏيو، ان ڪري انهي سڀني چيو ته سائين وري ملون ٿا، مان پنهنجو بيگ سنڀالي اڳين سيٽن تي اچي ويٺس جيئن ته هڪڙي ڪئميرا سوني منهنجي هٿن ۾ هُئي ان ڪئميرا ذريعي سوچي آيو هُئس ته سنڌ سلامت لاءِ وڊيو ڀريندس ۽ ٻي ڪئميرا پينٽڪس جي ذريعي سنڌ سلامت لاءِ تصويرون ڪڍندس سو پينٽڪس ڪئميرا کي سنڌ سلامت جي بيگ مان ڪڍي ان کي فوٽو گرافي لاءِ ريڊي ڪرڻ جي لاءِ بيگ ۾ هٿ وڌم پر اها ڪئميرا ان بيگ ۾ ڪٿي به نظر ڪانه آئي اڙي ڪئميرا ڪيڏانهن وئي ياد آيم ته سائين ذوالفقار بهڻ کي پنهنجي تصوير ڪڍڻ لاءِ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي گڏجاڻي جي شرڪت مهل ڏني هُئم اڙي ان کي به ڪلاڪ کان مٿي ٿي چُڪو آهي خير اڳيان وڌي آيس سائين ذوالفقار بهڻ وٽ کيس گُذارش ڪيم ته سائين مون توهان کي پينٽڪس ڪئميرا ڏني هُئي س ا س ڪراچي واري گڏجاڻيءَ ۾ تصوير ڪڍڻ لاءِ سان مون وٽ آهي ئي ڪانه منهنجي بيگ ۾ ڪانهي پاڻ ويچارو پريشان ٿي ويو پاڻ مونکي هڪ ڀيرو وري چيائين ته سائين توهان وري به پنهنجي بيگ جي تلاشي وٺو مون وري به هڪ هڪ شيءَ ان بيگ مان ڪڍي تلاشي ورتي پر ڪئميرا ان ۾ ڪانه هُئي سوچيم ته شايد 11 هزار روپين واري ڪئميرا اڄ مونکان وئي سائين ذوالفقار بهڻ چيو ته واقعي توهان اها ڪئميرا مونکي ڏني هُئي پر تصوير ڪڍڻ کانپوءِ اها ڪئميرا توهان جي حوالي ڪري ڇڏي هُئم آرٽڪس ڪائونسل ۾ ٿيندڙ س ا س ڪراچي جي گڏجاڻي ۾ ٻاهر ٽيبل تي اها ڪئميرا توهان رکي هُئي، مون جواب ڏنو سائين هاڻي اها ڪئميرا مونکي ڪٿان ملندي لڳ ڀڳ هڪ ڪلاڪ ٿي چُڪو آهي دوست هليا ويا هوندا ، سائين ذوالفقار بهڻ محترم عبدالواحد سومرو کي چيو ته ٻاهر وڃي جتي س ا س جي گڏجاڻي هلي هُئي اتي ڏسو ته ڪئميرا آهي ، دل ۾ چيم ته آسرو پلڻ کان بهتر آهي ته اتان چڪر لڳائي اچان، آرٽس فيڪلٽي آڊيٽوريم جي ٻاهران نڪري سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي جتي گڏجاڻي هُئي اتي آياسين ته پري کان ڏٺم ته گڏجاڻي شريڪ ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪجهه دوست اتي ويٺا هُئا ۽ منهنجي پينٽڪس ڪئميرا ٽيبل تي رکي هُئي شڪر الله جو ادا ڪيم اتي ويٺل دوستن چيو ته سائين اسان ٿوري دير کانپوءِ انهي شو ۾ اچي اها ڪئميرا توهان کي با سلامت پهچايون ها. لک مهربانيون ادا جو توهان منهنجي هيءَ ڪئميرا محفوظ رکي . نه ته حقيقت ۾ هن ڪئميرا تان آسرو لاهي ويٺو هُئس. انهن دوستن چيو ته سائين سنڌيءَ جي ڪئميرا هُجي سنڌ سلامت جي ڪئميرا هُجي ۽ خلوص واري ماڻهوءَ جي ڪئميرا هُجي سان ڀلا ڪيئن ٿي گُم ٿي سگهي. مون وري وري انهن سنڌي دوستن جا ٿورا مڃيا، اسان سڀئي گڏجي سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊن ڊسٽري بيوشن واري تقريب ڏسڻ لاءِ سنڌ آرٽس ڪائونسل جي آڊيٽوريم آياسين، حال تقريبن ڀرجي چُڪو هو سائين ذوالفقار بهڻ کي ڪئميرا ملڻ جو چيم ته پاڻ تمام گهڻو خوش ٿيو هو به چوڻ لڳو ته جنهن شيءَ ۾ سچ سمايل هوندو آهي اها شيءَ گم ڪانه ٿيندي آهي ، اڳيان آيس ته معزز مهمانن مان هڪ سيٽ خالي هُئي سو ان خالي سيٽ تي ويهي پنهنجي ڪئميرا کي سنڌ سلامت جي ڪوريج لاءِ ريڊي ڪرڻ جي ڪوششن ۾ هُئس ته هڪڙي همراهه تيز لهجي ۾ اچي چيو ته هي سيٽ معزز ماڻهن لاءِ مخصوص آهي توهان هتي ويهي نٿا سگهو، چيومانس ته ها ڀائو بلڪل مونکي خبر آهي ته معزز ماڻهو معزز هوندا آهن ، اسان جهڙا ٽي درجي وارا شاعر ٻي دنيا جي مخلوق آهيون سو اها سيٽ خالي ڪري پنهنجي ڪئميرا کڻي آڊيٽوريم جي آخري سيٽ تي وڃي ويٺس بعد ۾ خبر پئي ته اهو همراهه هن رنگا رنگ تقريب جو اهم ترين اڳواڻ حميد ڀٽو هو،آخر تائين مون اها سيٽ ڏٺي ته ڪم و بيش خالي هُئي ڪنهن معزز ماڻهو جي انتظار ۾ هُئي مان ايمانداريءَ سان هن سموري رنگا رنگ تقريب جي تصويري ڪوريج ڪندو رهيس، ڪنهن به هڪ جاءِ تي ٽڪي ڪونه ويٺس منهنجي سنڌ جي سهڻن فنڪارن، سهڻن اديبن سُڃاڻو اڻ سُڃاڻو سنڌي ماڻهن جون تصويرون ڪڍندو رهيس دل خوش ٿيندي رهي. باقي جيڪو ٿيو سو محترم محمد سليمان وساڻ تفصيل سان هن تقريب جو احوال ونڊي چُڪو آهي مون وٽ به جملي اکين ڏٺو احوال الف کان ي تائين مڪمل هو پر دل چاهيو پي ته ادا سليمان وساڻ انهي پروگرام جو تفصيلي ذڪر سنڌ سلامت تي ڪري سو ادا سليمان وساڻ شايد منهنجي دل جي ڳالهه کي سمجهي ويو ۽ جملي تفصيل هن احوال جي توهان سان ونڊيائين ، شاباسون لک ادا محمد سليمان وساڻ کي شاباسون سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ کي . سنڌ سلامت ساٿ سلامت[/JUSTIFY]
     
  17. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    يار عرس!
    مرشد کان بغير خليفا ڪيئن ٿا گهُمن ڦِرن! يار مونکي ته ڏاڍي حيرت ٿي ٿئي!!
     
  18. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    سائين سليمان وساڻ صاحب ۽ سائين نثار ناز صاحب اوهان جي رپورٽنگ مان ڪافي ڪجھ سکڻ لاءِ مليو، اوهان جي مهرباني.
    ان ڏينهن آءَ معذرت ٿو ڪريان جو هن بهترين پروگرام ۾ شرڪت نه ڪري سگهيس، در اصل مونکي جڏهن سائين سليمان وساڻ صاحب هن پروگرام لاءِ فون ڪئي ته آءُ ڳوٺ وڃڻ لاءِ گاڏيءَ جو انتظار ڪري رهيو هوس.
    بهرحال ساري ٽيم جي مهرباني، ايوارڊ يافته سنڌين کي مبارڪون، شال سنڌ هميشه ايئن ُرڪندي رهي، شال نظر نه لڳي منهنجي سهڻي سنڌڙيءَ کي...
     
  19. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    ادا افتخار واقعي به مصروفيت تمام گهڻي آهي، آءُ ڪوشش ڪريان ٿو ته انهن تصويرن سان مختصر پر جامع رپورٽ پڻ پڌري ڪريان، لک ٿورا جو اوهان کي هن عاجز جي ڪاوش پسند آئي....
     
  20. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ ايڪسيلنس اوارڊ ۽ ڪلچرل شو جي ڪراچي ۾ ٿيل تقريب

    سائين رضوان گُل صاحب اوهان جا لک ٿورا اوهان واڌايون ڏنيون۔

    اوهان پنهنجي راء ڏيڻ سان گڏ حوصلا افزائي ڪئي۔ سچ ته ڪراچي ۾ اهڙا ميلا مچائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي پر پوء به هي هڪ يادگار ايونٽ رهيو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو