سنڌي شاعره ايس نسيم ميمڻ جي شاعري جي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏2 مئي 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي سرجڻهاره ايس نسيم ميمڻ جو ڪتاب ”چنڊ سنڌو ۾ “​


    [JUSTIFY]پيارا سنڌ واسيو، ساري دنيا ۾ رهندڙ سنڌي دوستو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي۔
    هينئر منهنجي هٿن ۾ سنڌي شاعريءَ جو بهترين ڪتاب ”چنڊ سنڌوءَ ۾ “ آهي ، ان ڪتاب
    جي سرجڻهاره محترما ايس نسيم ميمڻ آهي ، ايس نسيم ميمڻ جو تعارف ڪرائيندي سنڌ جو انتهائي بهترين ۽ مهان ڪوي سائين راشد مورائي هن ئي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته :

    ” ايس نسيم ميمڻ سنڌ جي عورت ليکڪائن ۾ سڀني کان زياده لکندڙ آهي. سندس مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل مواد ۽ ڪٽنگس جا فائل ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو هن نثر توڙي نظم ۾ ڪيترو گهڻو لکيو آهي. سندس هي پهريون مجموعو” چنڊ سنڌوءَ ۾“منظر عام تي اچي رهيو آهي ، اگر حالتن سندس ساٿ ڏنو، ته سندس نظم توڙي نثر جا ڪيترائي ڪتاب شايع ٿي سگهن ٿا. هن سنڌ جي نياڻيءَ نه رڳو گهڻو لکيو آهي پر سٺو ۽ وزندار به لکيو آهي. نه رڳو شاعريءَ سان نڀايو اٿس پر پنهنجي ٻوليءَ ۽ قومي فڪر سان به انصاف ڪيو آهي . هن جي شاعري مقصد واري شاعري آهي جو ڪجهه لکيو اٿس سو سمجهي سوچي لکيو اٿس، پاڻ خوشنصيب جو سڪندر جروار جهڙو پاڙهو ۽ ڪتابن جو عاشق جيون ساٿي مليو اٿس، جيڪو سندس ادبي تخليقن کي سهيڙڻ جو ڪم خوشيءَ سان ڪندو رهي ٿو ته جيئن ايس نسم ميمڻ هر فڪر کان آزاد ٿي ادب تخليق ڪري سگهي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي جهوليءَ ۾ نوان گُل وجهندي رهي. خدا شال جوڙي سلامت رکي(راشد مورائي).“

    ايس نسيم ميمڻ جو هي ڪتاب مونکي سندس جيون ساٿي محترم سڪندر جروار 29 اپريل 2012 تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ سوکڙي طور اعزازي ڪاپي ڪري سنڌ جي خوبصورت شهر دولت پور صفن ضلع بينظير آباد(نواب شاهه) ۾ ڏنو، ساٿيو جيئن ته شاعر آهيان جڏهن به ڪو سنڌي شاعريءَ جو ڪتاب خريد ڪندو آهيان يا ڪير سنڌي شاعري جو ڪتاب تحفي طور ڏيندو آهي ته پنهنجي پهرين فرصت ۾ اهو ڪتاب پڙهي پنهنجي ذهن ۽ روح کي ضرور تازگي بخشيندو آهيان دولت پور صفن ۾ مرڪزي سنڌي ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس تقريبن منجهند جو ٽي وڳي ختم ٿيو سنڌي ادبي سنگت قاضي احمد وارن جو مانجهاندو کائي ٻاهر نڪتاسين ته سنڌي ادبي سگنت حيدرآباد جي سيڪريٽري محترم امين لاکو جيڪو پڻ هن مرڪزي ڪاميٽيءَ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ آيو هو، ان مونکي انتهائي محبتن سان دولت پور صفن جي پريس ڪلب ۾ چانهه پيئڻ جي دعوت ڏني جيئن ته امين لاکو سان دوستي جو رشتو سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر جي حيثيت سان صدين جو آهي سو سندس چانهه پيئڻ واري نينڊ قبول ڪري ورتم، پر هڪڙي ذهن ۾ هورا کورا ضرور هُئي ته ادا امين لاکو حيدرآباد جو رهاڪو آهي ۽ مونکي چانهه پيئڻ جي دعوت پريس ڪلب دولت پور صفن ۾ پيو ڏي، جيئن ته سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي اجلاس گورنمنٽ ڊگري ڪاليج دولت پور صفن جي لائبريري هال ۾ ٿيو هو ۽ اهو لائبريري هال دولت پور صفن جي پريس ڪلب جي بلڪل پاسي ۾ آهي سو ادا امين لاکو سان هٿ هٿ ۾ ملائي پريس ڪلب دولت پور صفن اندر هليا آياسين ، اتي ادا امين لاکو کان پڇيم ته ادا امين ڪر خبر تون حيدرآباد شهر جو آهين ۽ هتي دولت پور صفن جي پريس ڪلب ۾ بنا ڪنهن کُٽڪي جي هليو آيو آهين ، پاڻ کلندي جواب ڏنو ته ادا نثار ناز سنڌ جو هي خوبصورت شهر منهنجو جنم ڀومي آهي هن شهر ۾ منهنجو اکين جي ٿڌاڻ منهنجي جيجل ماءُ رهندي آهي سو پريس ڪلب دولت پور صفن سان به منهنجو واسطو ضرور هُئڻ کپي ايتري ۾ ڏٺم ته سنڌي ادبي سنگت مٺياڻي جو سيڪريٽري محترم ارباب ملاح ۽ هن خوبصورت ڪتاب چنڊ سنڌوءَ ۾ جي سرجڻهاره سانئڻ ايس نسيم ميمڻ جو جيون ساٿي محترم سڪندر جروار پريس ڪلب دولت پور صفن جي اندروني ڪمري ۾ اچي رهياهُئا ،امين لاکي هاڻي چار چانهه جو آرڊر پريس ڪلب ۾ ڪم ڪندڙ هڪڙي ڇوڪري کي ڏنو انهيءَ دوران محترم امين لاکو محترم ارباب ملاح ۽ محترم سڪندر جروار سان سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽيءَ جي ختم ٿيل اجلاس جي
    باري ۾ خبرون چارون ڪندا رهياسين ايتري ۾ چانهه به اچي وئي چانهه پي مون پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان ورڻ جي ڪئي ته ادا امين لاکو محترم سڪندر جروار کي چيو ته توهان مٺياڻي ويندا ۽ توهان وٽ موٽر سائڪل به آهي سائين نثار ناز کي دولت پور صفن جي باءِ پاس واري رستي تي ڇڏيندا وڃجو ته جيئن سائين نثار ناز حيدرآباد وڃڻ واري وين ۾ وقت سر وڃي سگهي .
    سو اسان ادا سڪندر جروار جي موٽر سائيڪل تي ٽيلهه ادا ارباب ملاح ، ادا سڪندر جروار ۽ مان سوار ٿي مورو ٽو حيدرآباد واري باءِ پاس تي پهتاسين ايتري ۾ حيدرآباد ڏانهن وڃڻ واري وين اچي رهي هُئي ارباب ملاح ۽ سڪندر جروار کي تمام پيار سان پنهنجي شهر ٽنڊو محمد خان اچڻ جي دعوت ڏني جن باقائده منهنجي هن پيار ڀري دعوت کي قبول ڪيو مان حيدرآباد وڃڻ لاءِ وين ۾ ويٺس حيدررآباد جو ڪرايو ڏيڻ کانپوءِ محترما ايس نسيم ميمڻ جي شاعري جي ڪتاب جي ورق گرداني ڪرڻ شروع ڪيم ڪتاب جي انتساب ۾ ئي سانئڻ ايس نسيم ميمڻ جي مختلف ماڻهن کي ارپنا ئي زبردست لڳي پاڻ پنهنجي پهرين ارپنا سنڌي محقق ۽ ڏاهي شاعر سائين نواز رڪڻائي کي ڏني آهي جنهن کي ايسم نسيم ميمڻ صاحبه پنهنجي ادبي ميدان ۾ آڻڻ وارو پهريون شخص قرار ڏنو آهي ائين ڪتاب کي پڙهندو ويس ڄڻ ڪنهن خوشبو ءَ جي واديءَ جو سير ڪندو ويس سانئڻ ايس نسيم ميمڻ جي لفظن جي هُڳاءَ مان واسبو ويس. ڪنول ادبي پبليڪيشن اداري پاران پاران سعيد سومرو شاعره ايس نسيم ميمڻ کي لفظن جي ڀيٽا ڏيندي لکيو آهي ته عمومن عورت ليکڪائون ڪجهه عرصو مسلسلس لکي شايع ٿيئي ڪجهه نه ماڻڻ جهڙي مڃتا ماڻي پوءِ زماني جي اوندهه ۾ اهڙي طرح گم ٿيو وڃن جو ادبي پاٺڪ سندن هڪڙي وڌيڪ نئين تخليق پڙهڻ لاءِ به ترسي پوندو آهي . پر ايس نسيم ميمڻ نه رڳو لڳاتار لکيو آهي پر ادبي آسمان تان ڪنهن ٽٽل تاري وانگر پاڻ کي الوپ ٿيڻ به ناهي ڏنو. ايس نسيم ميمڻ پڻ ڪيترن نالي چڙهيل شاعرن کان سٺو لکيو آهي ۽ سندس شاعري ۽ نثر پنهنجي دور جي نه رڳو ترجماني ڪري ٿو پر مستقبل ڏانهن سنوار جي نينڍ به ڏئي ٿو. اهڙي طرح ڪتاب پڙهندو ويس حيدرآباد شهر ۾ جڏهن پهتس ته ڪتاب چنڊ سنڌوءَ ۾ جي صفحي نمبر 94 تي هُئس جنهن ۾ ايس نسيم جو بهترين غزل [/JUSTIFY]

    توکي رب کان گهرندي آهيان
    ياد تنهنجي ۾ جيئندي آهيان

    رات وهاڻو نيٺ ڀڄي ويو
    تو لئه ڪيڏو روئندي آهيان

    گل ۽ پوپٽ ڪجهه ته چون ٿا
    تن کي ويهي ٻُڌندي آهيان


    آشائن جا ڏيئا ٻاري
    سُور هزارين سهندي آهيان

    ڪير سچو آ ڪير آ ڪوڙو
    توکان مُرڪي پڇندي آهيان

    سنڌو پنهنجو جيون آهي
    پاڻ کي ” سنڌو“ چوندي آهيان ​


    [JUSTIFY]لکيل هو سانئڻ ايس نسيم ميمڻ جي سموري شاعري فني ۽ فڪري اسلوبن سان ڀري پئي آهي اڄ جڏهن هي ڪتاب پڙهي پورو ڪيو اٿم ته لازمي ڄاتم ته سنڌ جي هن نياڻي جي هن بهترين ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف ضرور توهان سان ونڊيان ڪتاب چنڊ سنڌوءَ ۾ شاعري جي مالا اهڙي ته سُندر نموني پويل آهي جو هرڪو شاعريءَ پڙهڻ وارو شاعر، اديب پر عام سنڌي ماڻهو چوندو ته ته ايس نسيم ميمڻ جو ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ لاجواب آهي ۽ پڙهڻ وٽان آهي خوبصورت سرورق ڪرائون ڊمي سائز هن ڪتاب جا 144 صُفحا آهن ڪنول پبلڪيشن قنبر پاران ڇپايل ايس نسيم ميمڻ جي ڪتاب چنڊ سنڌوءَ ۾ جي قيمت صرف 150 روپيا آهي ، منهنجي خيال ۾ سانئڻ ايس نسيم ميمڻ جي نڪور جدت سان ڀريل هن خوبصورت شاعري ۽ اعلا معيار جي ڪاغذ جي پنن تي ڇپيل هن ڪتاب جو ملهه 150 روپيا انتهائي مناسب آهي هر سنڌي ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي ضرور هي ڪتاب پڙهڻ گهرجي.... ته جيئن سنڌ جي هي نياڻي وري پنهنجي خوبصورت نئين رچنائن کي سهِيڙي سنڌي قوم سامهون آڻي سگهي، سنڌ ڌرتي ءَ جي خدمت پنهنجي سُندر ڪويتائن ذريعي ڪري سگهي ۽ پنهنجي سوچ جي اُڏارن کي خوشبو جيان سنڌ واسين ۾ ڦهيلائي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔!!! [/JUSTIFY]

    [​IMG]
    سنڌي نياڻي ايس نسيم ميمڻ جي ڪتاب جو سروق ۽ بيڪ سرورق جي تصوير

    [​IMG]

    [​IMG]
    محترما ايس نسيم ميمڻ صاحبه جو جيون ساٿي محترم سڪندر جروار ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جي اعزازي ڪاپي سنڌ سلامت جي جهوني نثار احمدناز کي ڏيئي رهيو آهي محترم سڪندر جروار اهو ڪتاب 29 اپريل 2012 تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڏنو اهو اجلاس سنڌ جي خوبصورت شهر دولت پور صفن ۾ ٿيو جنهن ۾ جهوني نثاراحمدناز سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري جي حيثيت سان شرڪت ڪئي​
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاعره ايس نسيم ميمڻ جي شاعري جي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف

    سائين نثار لک ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان محترمه ايس نسيم ميمڻ بابت ۽ سندس شاعريء جي هن ڪتاب بابت تفصيلي ليک ونڊ ڪيو آهي۔ ڪجهه ڳالهين جي مونکي به ڄاڻ ملي۔ محترمه جي شاعريء مان اوهان جيڪا چونڊ شاعري پيش ڪئي آهي ان جو هڪ بند ئي سندس ڪتاب جو صحيح ترجمان پيو لڳي

    سنڌو پنهنجو جيون آهي
    پاڻ کي ” سنڌو“ چوندي آهيان


    خوبصورت شاعري
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي شاعره ايس نسيم ميمڻ جي شاعري جي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف

    ادا محمد سليمان وساڻ توهان جا ٿورا جو توهان ايس نسيم ميمڻ صاحبه جي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف پسند ڪيو ، دوست سليمان وساڻ مان ڪوششن ۾ آهيان ته انهي ڪتاب جي سافٽ ڪاپي ايم ايس ورڊ فارميٽ ۾ ملي وڃي ان سلسلي ۾ ڪتاب جي حقي مالڪن سان منهنجي ڳالهه ٻول هلندڙ آهي اميد ته چند ڏينهن ۾ هن ڪتاب کي سنڌ سلامت تان آن لائين ڪري سموري دنيا سان ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ ونڊ ڪيو ويندو۔ ايس نسيم ميمڻ صاحبه جي ڪتاب مان ورتل چند هائيڪا( ٽيڙو) جيڪي اميد ته تو سميت سنڌ سلامت جي سڀني ساٿين کي پسند ايندا

    اکڙين ۾ تاثير
    ڏسين ٿو سرهو ٿئي
    منهنجو ساهه سرير

    اُڀري پيا احساس
    تُنهنجي زلفن جا پرين
    هيرن آندا واس

    پاتل ڦُلي نَڪَ ۾
    اوڏڻ تي مُنهن کي ڍڪيو
    پاند ڏئي چَڪَ ۾

    مُرڪي پيو ماحول
    هن جو محفل ۾ اچي
    ڳاتو منهنجو ٻول

    موهيڙن جي داڻ
    تُنهنجي مُرڪيل مُنهن تي
    آندي آ لالاڻ

    ڪَتِين موڙيا ڪَر
    تو به نه ڪئي ويسلا
    اڃا مون ڏي ور​
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي شاعره ايس نسيم ميمڻ جي شاعري جي ڪتاب چنڊ سنڌو ۾ جو تعارف

    مُرڪي پيو ماحول
    هن جو محفل ۾ اچي
    ڳاتو منهنجو ٻول


    خوبصورت هائيڪو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اميد ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر لاء اوهان شاعر ۽ اديب دوستن سان ڳالهائي ڪتابن جو سافٽ ڪاپيون حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪندا۔ اسان ڪتاب جي مالڪن کي اهو يقين ڏيارينداسون ته اسان سندن اجازت کانسواء شاعري جو ڪتاب نيٽ تي اپلوڊ ڪونه ڪنداسون۔ ۽ جڏهن هو چاهيندا تڏهن ئي اسان ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي زينت بڻائينداسون۔

    اوهان جا ٿورا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو