سنڌ سلامت فارميٽنگ سسٽم۔۔۔

'سنڌ سلامت فورم جي سکيا' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏30 مئي 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن کان محسوس ٿي رهيو هيو ته سنڌ سلامت تي ڪجهه رڪنن جي موڪليل موضوعن جي لکائي درست نه هئي۔۔۔ سندن اکرن جا فونٽ ۽ ساڄي کان کاٻي هجڻ به سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ سيٽنگ مطابق نه هيو۔۔۔ اهڙن موضوعن ۾ مثال طور سائين نثار ابڙو جو هيٺيون سڪرين شاٽ مطابق۔۔


    اصل ۾ سنڌ سلامت ايڊيٽر تي نئين سافٽويئر تي منتقل ٿيندي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته اکرن جي لکائي، انهن جو لي آئوٽ، رنگن جو اپلائي ٿيڻ کان وٺي تصوير کي اپلوڊ ڪرڻ تائين عمل بجاءِ ڪوڊ طور ظاهر ٿيڻ جي ايڊيٽر اندر ئي اپلائي ٿي وڃن۔۔ هڪ ٻي سهولت جيڪا ڏني وئي آهي سا آهي ته ڪنهن ٻي سائيٽ تان کنيل مواد کي فورم ايڊيٽر تي رکندي ان مواد جي فارميٽنگ پهرين سائيٽ تان کنيل وقت واري ئي رهي۔۔۔ اهو عمل انڪري به فائدي وارو آهي جو انگريزي سائيٽن تان کنيل انگريزي لفظ ساڳي فارميٽ ۾ رکڻ ئي ڀلا ٿا لڳن بنسبت سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ فونٽ ايم بي سنڌي ويب جي۔۔۔
    هاڻي ٿئي ائين ٿو ته توهان جڏهن ڪو مواد ڪنهن ٻي سائيٽ جهڙوڪ فيس بوڪ تان ڪاپي ڪري سنڌ ايڊيٽر تي پيسٽ ڪريو ٿا ته اهو خودڪار سيٽنگ تحت فيس بوڪ فارميٽ ئي ظاهر ٿئي ٿو۔۔۔ جهڙوڪ سائين نثار ابڙو جن جو ئي فيس بوڪ تي لکيل هي مواد ڪاپي ڪجي ٿو۔۔۔


    ۽ پوءِ سنڌ سلامت جي ايڊيٽر تي لڳائڻ سان نظارو ڪجهه هن طرح اچي ٿو۔۔۔


    ان ڪري دوستن کي مشورو آهي ته جڏهن به ڪو مواد ڪنهن ٻي سائيٽ تان کڻي سنڌ سلامت تي لڳائيندا هجو ته مواد ڪاپي پيسٽ ڪرڻ کان پوءِ ان کي سليڪٽ ڪري سنڌ سلامت ايڊيٽر ٽول بار منجهان ”فارميٽنگ ختم ڪريو“ بٽڻ تي ڪلڪ ڪري گذاريو۔۔۔ جنهن سان پيسٽ ڪيل مواد جي فارميٽنگ تبديل ٿيندي سنڌ سلامت جي ڊيفالٽ فارميٽنگ مطابق ٿي ويندي۔۔ ياد رهي ته اهو بٽڻ ورچوئل ڪيبورڊ بٽڻ ۽ فونٽ سليڪشن ٽول جي وچ تي ٿيندو آهي۔۔۔

    اميد ته سنگت ڳالهه سمجهي وئي هوندي۔۔۔ ان هوندي به وضاحت سان سمجهڻ لاءِ حاضر آهي سنڌ سلامت جي هي مختصر وڊيو۔۔۔​
     
    16 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون سائين ذيشان رشيد صاحب

    اصل ۾ پهرين ڏينهن مونکي پڻ ساڳي پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو هو پر پوء جلد ئي سمجهي ويو هوس يا شايد اوهان کان پڇيو هئم۔ اميد ته هن سولي سمجهاڻي کانپوء دوستن لاء وڌيڪ آساني ٿي هوندي ۽ هو هاڻ سهڻي فارميٽنگ ۾ پنهنجا ليک موڪليندا۔

    لک ٿورا اهڙي سولي ۽ قيمتي ليک موڪلڻ جا۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    يار رشيد لک قرب، اوهانجي پهرين سکيا يا تربيتي وڊيو پڻ تمام ڪارائتي هئي جنهن ۾ رڪن ٿيڻ کان نئين ڌاڳي يا نئين ليک موڪلڻ تائين جو بهترين نمونو هو ۔۔۔۔ مٿان وري هي سکيا به اوهانجي ڪمال جي آهي ۔۔۔

    اسين آهيون ملنگ ماڻهون، ٺهي نه ٺهي وٺ رينگٽ کي انڪري گهڻو سوچيون ئي ڪون ۔۔۔ هاڻ اوهانجي هن وڊيو کانپوءِ سوچ آئي ته ۔۔۔ وڃ ته سهي ۔۔۔ ائين به ڪم ٿيندو آهي؟ ههههه

    خئير لک ٿورا ۽ قرب ۔۔۔۔ ڳالهه اهڙي سمجهه ۾ اچي وئي جو هاڻ ڪاڏي ويندي ۔۔۔ اوهانکي استاد ٿيڻ کپندو هو پر الائجي ڪيئن ۔۔۔؟؟؟

    الله خوش رکي اوهانکي ۔۔۔ آمين
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    تجربو۔۔۔۔۔
    گيت رنگريز جا سدا گونجندا رهن!
    رسول حمزاتوف چيو آهي ته ”اديب، شاعر باهه جا رکوالا هوندا آهن، اهي جيڪا باهه ٻارين اها ٿڌي ٿيڻ نه کپي.“ اها به حقيقت آهي ته سنڌ کي سياست نه پر ادب زنده رکيو آهي، سنڌ جي ادب، ڪلچر، ٻولي جي خدمت ڪندڙ اهڙو سنڌ جو سرموڙ شاعر ليکڪ غلام حسين رنگريز گذريل هڪ هفتي کان ڪراچي جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل آهي. 18 اپريل 1945ع ۾ ميرپور بٺوري جي کٽي محلي ۾ شفيع محمد رنگريز جي گهر ۾ اک
    کوليندڙ هن سرموڙ شاعر سنڌي ادب لاءِ ”سرمد ڇا ٿو سوچي“، ”وکر سو وهاءِ“، ”غلام جا ٽهڪڙا“، ”اکين اڃ اپار“ ۽ ”ورق، ورق زندگي“ جهڙا شاهڪار ڪتاب لکيا آهن. گذريل 13 سالن کان سنڌ جي دل ڪراچي ۾ گلشن حديد جي فيز 2 ۾ ڪرائي جي گهر ۾ رهي ٿو. سنڌ جي مارن جا ”ڪيس“ وڙهندڙ هن ماٺيڻي ماڻهو سڄي عمر ڪلچر ۽ ٻوليءَ جي سيوا ڪندي گذاري آهي.
    پاڻ مسلسل ٻن هفتن کا بيماري جي بستري تي آهن ،،
    تازين ملندڙ خبر موجب سنڌ واسين جي دعائن بدولت سندس طبعيت هاڻ سڌري رهي آهي ،، گڏوگڏ هڪ خوش آئيند خبر اها به آهي ته ثقافت کاتي سنڌ ساڻس سهڪار ڪري علاج واسطي هڪ لک روپين جو چيڪ به سندس حوالي ڪيو ،،،
    اسان سڀني جي وري به اها دعا آهي ته اميدته سائين جن تمام جلد صحتيابي ماڻي وري واپس پنهنجي ماڳ ايندا،،،
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سائين سنڌ سلامت جي اصل فارميٽنگ ۾ مواڊ آڻڻ لاء شارٽ ڪٽ ڪي (short cut key) به استعمال ڪري سگهجي ٿي۔۔۔
    ڪنهن به ٻي ويب سائيٽ تان ڪو به ٽيڪسٽ ڪاپي ڪرڻ کان پوء جڏهن سنڌ سلامت جي ايڊيٽر ۾ پيسٽ (paste) ڪرڻ لاء CTRL + V جي بجاء اوهان CTRL+SHIFT+V دٻايو۔۔۔ انهي عمل سان فارميٽنگ سنڌ سلامت جي ڊفالٽ فارميٽنگ ئي رهندي۔۔۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين ڪهڙي خواهش ياد ڏياري ڇڏيوَ۔۔۔ پر ڇاڪجي۔۔۔ خواهشون هزار۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مهرباني دوست۔۔۔۔۔ سنگت کي ڳالهه وڌيڪ سولي ڪري پيش ڪرڻ تي۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مهربانيون ڀاء سجاد

    اوهان هڪ نئين ترڪيب ٻڌائي وڌيڪ سولائي ڪري ڇڏي ۔۔۔ واهه واهه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واه ادا جادوگر واه
     
  10. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    لاجواب ونڊ ٽپ آهي

    سدائين گڏ
     
  11. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    ادا تمام بهترين ونڊ آهي
    سنڌسلامت جي نئي سافٽويئر اها هڪ بهترين سهولت آهي۔ ان سان اسان کي سنڌي لکڻ ۾ ٻي جڳھ تان کڻي رکڻ ۾ ڪافي سهولت آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تمام بهترين سکيا آهي وڊيو ذريعي تمام آساني ٿي آهي سمجهڻ ۾ .
     
  13. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    تمام سٺي نموني سان ذيشان صاحب سمجهايواسڪرين شاٽ سان سمجهڻ ۾ تمام آساني ٿي آهي۔۔۔۔۔۔
    هتي آء اهو ضرور چوڻ چاهيندس ته سائين هن نئين سسٽم ۾ ڪيبورڊ ناهي ڏنوويو جو اسان جهڙن
    نون لکندڙن کي سهولت ٿئي جهڙي طرح پهرين ڏنل هيو۔۔۔۔مهرباني ڪري انهيء جي مطعلق ڪجهه ڄاڻ
    ڏيندا ته مهربانيون۔۔۔۔۔۔۔۔(محمد حفيظ لطيفي)
     
  14. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لطيفي صاحب سلام

    عرض ته سنڌي ورچوئل ڪيبورڊ موجود آهي ۽ انگريزي ۾ لکڻ جو آپشن به موجود آهي۔رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر تي ٿورو غور ڪرڻ سان اوهان کي هيٺيان آپشن پڻ نظر ايندا۔

    [​IMG]

    1 کاٻي پاسي کان ڪنڊ تي A ڪلڪ ڪرڻ سان انگريزي ايڊيٽر اچي ويندو۔ هيٺان رچ ٽيڪسٽ ايڊيٽر تي ڪلڪ ڪرڻ سان واپس سنڌي ايڊيٽر ايڪٽو ٿي ويندو.

    [​IMG]

    2 رٻڙ يا اريزر ٽائيپ آئيڪون تي ڪلڪ ڪرڻ سان فارميٽنگ ختم ٿي ويندي ۽ ٽيڪسٽ سنڌ سلامت جي ڊفالٽ سيٽنگ مطابق ٿي ويندي۔ ڇو ته هن دفعي اهو آپشن موجود آهي ٻين ويب سائيٽ يا ورڊ مان کنيل فارميٽيڊ ٽيڪسٽ تي ٻيهر محنت ڪرڻي نه پوي۔ پر جيڪڏهن اوهان چاهيو ته سنڌ سلامت جي ڊفالٽ سيٽنگ استعمال ڪيو۔


    3 ساڄي پاسي کان هڪ ورچوئل سنڌي ڪيبورڊ موجود آهي، جنهن ذريعي اوهان سنڌي لکي سگهو ٿا۔ شفٽ استعمال ڪري باقي ٻيا اکر به ڏسي سگهو ٿا۔

    [​IMG]

    اميد ته اوهان جا مسئلا سلجهي ويندا. پوء به ڪو مسئلو پيش اچي ته انتظاميه حاضر آهي.
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مختصر اهو ته هيٺين تصوير مطابق ورچوئيل ڪيبورڊ بٽڻ استعمال ڪري سگهجي ٿو۔۔۔​
    پر محسوس ڪيو ويو آهي ته ڪروم مسئلو جڏهن ته فائر فاڪس ۾ درست ڪم ڪري ٿو۔۔ ​
    [​IMG]
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. لطيفي151

    لطيفي151
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2012
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    121
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    سروس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    وعليڪم اسلام
    سائين سليمان وساڻ صاحب ۽ سائين ذيشان رشيد صاحب اوهان جي مهرباني جو اوهان اسان کي تمام بهترين
    طريقي سان سمجهايو ۽ هينئر لکڻ ۾ تمام آساني ٿي رهي آهي....... لک لائق اوهان دوستن جا .....
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪارائتي سکيا آهي مهرباني دوستن جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو