سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام

'سنڌي شاعري' فورم ۾ Tariq Hayat Lashari طرفان آندل موضوعَ ‏29 جولائي 2012۔

  1. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    فورم جي ِھن حصي لاءِ دوستن کي عرض ٿو ڪجي ته سنڌ جي صوفي شاعرن جو ڪلام ونڊڻ نه وساريندا.
     
  2. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت ٻڍل فقير (شڪارپور)

    جوڳي منهنجڙو جيءُ
    پيارو مسافر سير تي آيو

    جوڳي ٿيوين تان ڪر تون صفائي
    ڇوڙ طمع کي ڪر نه گدائي
    سرڪي سور مون پيءُ
    ڇڏي ڏي هيءُ هول اجايو

    عجب ڏٺو سي ملڪ الله دا
    سير ڪيتو سي فاني جڳ دا
    قادر آهي ته قويءُ
    باريءَ جنهن هي باغ بنايو

    هاڻي هوتن ڏي ڪر ڪا هلڻ جي
    ڳنڍ ڳالهه پرين سان ناهي ڇنڻ جي
    هت نه وسارو ٿيءُ
    توکي ڪنهن ٻول ٻڌايو

    ٺاهي جوڙي توکي مُڪائون
    سمجهه ٻڍل ائين اُتاهون
    يا ڪي نه ٿيءُ يار ڏانهن
    متان گهمين عام اجايو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪافي حضرت محمد محسن بيڪس رح


    بنائي ساز صورت جو،
    ڪهڙا تون لِڪ لِڪائين ٿو.


    آئين آدم رکي نالو،
    ڪيئه ڪيڏو ته ڪشالو،
    ڪري چشمن سندو چالو،
    عاشق معشوق ٺاهين ٿو.


    ”احد“ ۾ ”ميم“ ٿيو مقرر،
    پنهنجو تون پاڻ ٿئين دلبر،
    ڪر هُل ٿئين وري حيدر،
    عجب سورهيه سڏائين ٿو.


    وري جاني ڍڪي جامون،
    ڪيوءِ ڪو هُل هنگامون،
    وڄائي درد دمامون،
    پنهنجا پيارا ڪُهائين ٿو.


    صوفي منصور ڪئي ساري،
    سوريءَ نيزي تي هسواري،
    بُلا سرمد تي عطاري،
    پنهنجن جا سر وڍائين ٿو.


    روهڙيءَ ۾رنگ ڪري رَلمل،
    چائي سر بار، ٿين ’بيدل‘،
    حسن بازر ڪرين حاصل،
    هاڻي ”بيڪس“ سڏائين ٿو.
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت فقير نانڪ يوسف رح

    تنهنجي تار تڳان تن من ۾، منهنجو مالڪ تون.

    هندو مـــومــن هــــــــر مــظـهر ۾، صحـي سڃاتـــو مـــون.

    آل اولاد کي عشق اوهان جو، تڪيو تو هٿئون.

    پن ٻوڙين پــــــــاتــــار ۾، پــــاهڻ تـــــــارين تـــــــــون.

    حيف تنين ارواحن آهي، جيڪي ڀانئن ڏون.

    ”نانڪ يوسف“ تي يار سچل جا، آهن هٿ مٿون
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت سچل سرمست رح


    دِل چَپَن سان جي چُمين، پير مُغان جو آستان،
    محبتَ سچي محبوبَ جي، بانڪا وڃي تون باس تان.

    ڪي ڏينھن مون دلدار لئه، ورد ۽ وظائف ٿي پڙھيا،
    جڏھن عشق آرانڀا ڏنا، ٿيون خود خدا جون خواستان.

    جڏھن شوق مون شامل ٿيو، ٻيو خيال خاطر کون ويون،
    ھڪ واسطو تنھنجو رھيو، وسري ويون ٻِيون واسطان.

    راھون سڀئي گمراھ ٿيون، جي مون پڇين تون ڳالھڙي،
    ڪر گُذري ٻئي گوڙ کان، اَٿَئي راہَ رب جي راستان.

    رنگ روح کي جيڪو لڳو، دنيا ۽ عقبيٰ ڀئُه ڀَڳو،
    غمزي تنھن گم ڪُل ڪيو، وھَواہ ٻيا وسواس تان.

    عشق جي ڙي جيڏيون، ناھي تمامِيت ادا،
    چاھون چوائي ٿو گھڻو، ھِي درد مون کي داستان.

    ”سچو“ سدا سِڪَ ۾ رھين، متان تون جھَلين روئڻيُون اکيون،
    ھت درد وارن جي پرين، پاڻھِين ڪرن ٿا پاس تان.
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام فقير عثمان سانگي [ 1778ع – 1860ع ]

    قلندر نور جلال الله مســــــت وار قلندر
    قلندر صوفعـــــين صفــــا سردار قلندر

    1. نال يقينو جو ويندا درٻار قلندر
    قسم الله دي هوندي حج هزار قلندر

    2. ڀر ڀر ڏيندا جام بيشمار قلندر
    قلندر آپ خزاني ڪا شاهو ڪار قلندر


    3. ازن بزن ڪر چڙهيا ترت تيار قلندر
    قلندر عرش ڪري آشيانه ڌوپار قلندر

    4. ڪــــل فقر ڪا سپه ســــــــــالار قلندر
    قلندر ميندي مرشد دا خير گذار قلندر

    5. تون عثمان آن مروندي نگهدار قلندر
    هي "عثمان" آ مسڪين تو آڌار قلندر
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    فقير عثمان سانگي [ 1778ع – 1860ع ]

    قير عثمان ولد خيرمحمد سانگي، تعلقي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ”ڄاماڻي سانگي“ ۾، 16 صفرالمظفر 1193هه مطابق 24 نومبر 1778ع تي تولد ٿيو. ننڍپڻ کان ئي نهايت ذهين ۽ ماٺيڻو هو. اڪثر ڪري والد جي وٽ ۾ ويهي، هدايت جون راهون معلوم ڪندو رهيو. پيءُ جو مٿس ايترو ته گهرو ۽ گهاٽو اثر پيس، جو عربي، فارسي ۽ سنڌي زبانن تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيائين. ويتر صوفين جي صحبت کيس ”تصوف“ جي واٽ به ڏيکاري. باطني فيض وٺڻ لاءِ، پاڻ نوشهري فيروز جي نقشبندي بزرگ، مخدوم خواجه عبدالحي رح جو وڃي پوئلڳ ٿيو؛ جنهن جي صحبت ۾ رچي ريٽو ٿيو. سندس پير ڀائي، فقير خيرمحمد ”خوش“ هيسباڻي بلوچ به هو؛ جنهن جي صحبت ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. فقير نانڪ يوسف، فقير ڇتو سانگي، فقير دريا خان قريشي، فقير موهن آهوجا ۽ فقير هاسا رام آهوجا سندس گهڻگهرا هئا.

    فقير صاحب جو سنڌيءَ کان سواءِ اُردو ۽ هنديءَ ۾ شعر چيل آهي. سندس سنڌي ڪلام ڪافين، غزلن ۽ بيتن تي مشتمل آهي؛ جنهن کي راقم الحروف (ميمڻ عبدالغفور سنڌي) مرتب ڪيو آهي. شعر ۾ ”عثمان“ ۽ ”عثمانا“ تخلص استعمال ڪيو اٿس. چوڻ ۾ اچي ٿو، ته سندس غزلن جو هڪ ”ديوان“ به مرتب ٿيل هو، جيڪو زماني جي خرد برد ڪري اڄ بالڪل ناپيد آهي. 21 رجب المرجب 1277هه مطابق 12 فيبروري 1860ع تي راه رباني ورتائين. هن هيٺ سندس ڪلام جو نمونو نروار ڪجي ٿو:-

    اڳهين ته عشق مون ڄاتو هو، سر تي آيم تڏهن سڃاتو.

    عشق اول آسان ثي ڀانيم – هوش عقل سڀ انهيءَ وڃايم؛
    پوءِ رڳو پاراتو هو.

    خبر عشق جي اڳ نه پيڙي – ته پوءِ ڪندو ڪامون سان اهڙي؛
    ڄاڻ نه اڳ مونڄاتو هو.

    وره وڄايو نينهن نغارو – وسري ويو وجود ئي سارو؛
    عشق اصل اوراتو هو.

    ڇاتيءَ ۾ جڏهن پاتم جهاتي – لاالله جي وهي وئي ڪاتي؛
    ليئڙي ۾ ليئو پاتو هو.

    عشق آويرا آهي ”عثمانا“ – بره ۾ بيشڪ وتن ديوانا؛
    نينهن لڳو تن ناتو هو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ٿلهه ـ ڏکــــــن جي ڪاڻ ڏاڍن سان
    اکيون ڇو ٿيون اوهين اڙجو

    1. جوکي جيءَ جو اٿو جاتي ـ تڪيو نيئي ڪيو تاتي
    لٽـن دلڙي ليئي پاتـــــــي ـ ليئو پائيڻ نه اوهين لڙجو

    2. پچو ٿيون پيچرو پر جوـ رکــــو ٿيون سانـــــــــگو سر جو
    ناهين ڪو ترس ڪنهن تر جو ـ انهيءُ چوٽ نااوهين چڙهجو

    3. ڪيون ٿيون سيعر جو سايوـ لـــڪي لنوڙي اوهين لايو
    ڇو ٿيون پنهنجو پاڻ ڦاسايو ـ مـــٿان نئين قيد ۾ ڪـــــڙجو

    4. اڳيون آ دوست ديـــــــــــوانوـ ڪري ٿو مـســــــــــت مستانو
    اتي "عثمان" جو جـــــــــــــــانو ـ ڏسي وائسي نه اوهيــــــــــن کڙجو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت صوفي خوش خير محمد رح

    اجهو يار آيو اوهين ڇا ٿيون ڀائيو
    پياري پيا ڪن صبح جو سوايو

    صبح جو سوالي منگي ٿو موالي
    ڪڏنهين ڪين خالي وٽان تو ورايو

    پائي خيم خاڪي اچي ٿو اوطاقي
    الله عشق باقي حڪم جنهن هلايو

    سڀني کي سڏائي ڍوليو ٿو ڍڪائي
    ليڙان ٿو لهرائي پوشاڪان پهرائي

    احدون آيو احمد حڪم جنهن جو هر هنڌ
    خوش خير محمد وحدت گيت ڳايو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت سچل سرمست رح
    عاشق ڏِسڻ ۾ آيو، محبوب گل سَناسِي؛
    عبرت عجب عجائب، اسرار رنگ عباسِي.

    برھي جِي اک ببيني، ڪائي مثال چيني؛
    توڙي رنگون رنگيني، چينيءَ جي مَٽ نه ڪاسي.

    گِل آب جاءِ جاتي، محبوب راز تاتي؛
    عاشِق ڏِسڻ کَئُون ڪاٿي، رَھندو پتنگ پياسي.

    ”صورتَ“ ۾ جاءِ ”دَمَ“ جِي، ”دَمَ“ ريءَ نه ”صورتِ“ ڪمَ جِي؛
    دَمَ ۾ جا لذت غَمَ جي، وہ واہ ڳالھ خاصِي.

    ابليس جِي وڏائِي، ھَر سانس تي سوائي؛
    جِيوَڻ ته دَم ڀلائِي، نه ته تحت نَحس ناسِي.

    ثابت ”سچل“ سچاري، يارن جي ياد ياري؛
    وحدت جنِين وساري، تَنِ تَنَ مِٽي اَڻاسِي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت فقير نانڪ يوسف رح

    پون بوراق اوپر هسواري کيلت کيل مئن ڪرتي هون،
    غير جسي دل نظر اسي پر عشق مهر دم ڀرتي هون.


    حڪم رباني حق سبحاني شاد اسي پر رهتي هون،
    آپا آپ نه مئن بيچ برها فيض اسي ڪا ڪهتي هو.


    دين اوپر هي عين عشقي ڪا ڪفر تلي تس ڌرتي هون،
    مذهب مشرب ڪوڙ خلق ڪا چاهه ڪري مئن چڙهتي هون.


    تال پخال سحر جادو پر عصا عشق اڇلتي هون،
    همت سيس گرو پر چرني مرڻ ڪنون نه ڏرتي هون.


    منڪر سين سٽ دين هدايت غير خيال نه اڙتي هون،
    چاهي محبت حق دل چاهي ڏر رب سون ٻهون ڏرتي هون.


    نانڪ يوسف عشق الله ڪا نور اندر وچ جلتي هون،
    عشق ميرا هم يار مين عشقا خارج خام سين لڙتي هون.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت قادر بخش بيدل رح

    ”زاھد از مسجد يکبار به ميخانه در آ
    عھد و پيمان شکن و طالب پيمان در آ
    تا شود بردلت اسرار شھودي مکشوف
    در شبستانهﻋ توحيد چو پروانه در آ
    نام و ننگ از شود ت مانع از مستيﻋ عشق
    عقل را خانه بھم برزن، ديوانه در آ
    چند در مدرسه خواني سبق بيدردي؟
    سوز از شمع بياموز بکاشانه در آ
    مفتيﻋ عشق بميخوار چنان فتوا داد
    بادهﻋ وحد کش و بيخود و مستانه در آ“

    اي زاھد! ھڪ دفعو مسجد مان شراب خاني ۾ اندر اچ.
    انجام ۽ واعدا ڀڃي ڇڏ ۽ (شراب جي) پيالي جو طالب ٿي اندر اچ،
    تان جو تنھنجي دل تي لڪيل اسرار ظاھر ٿئي.
    توحيد جي چمڪندڙ ڪمري ۾ پرواني وانگر اندر اچ.
    جيڪڏھن ننگ ۽ ناموس عشق جي مستيءَ کان منع ڪري،
    ته عقل جي گهر کي ڀڃي ڇڏ ۽ ديوانن جيان اندر اچ.
    ڪيستائين تون مدرسي ۾ ويھي بيدرديءَ جو سبق سکندين؟
    بتيءَ کان سوز سک ۽ گهر جي اندر اچ.
    عشق جي مفتيءَ شراب پيئندڙ کي ھيءَ فتوى ڏني (آھي)
    ”ھيڪڙائيءَ جو شراب پيءُ ۽ بيخود ۽ مستانو ٿي اندر اچ.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    هِئن نه لائق هوءِ، مارڻ مِسڪينن کي،

    ڇوري ڇَڏي ڇَپرين، متان پَڇتائين پوءِ،

    هِيئن نه مُناسب هوءِ، جيئن
    "بيڪس" کي بيران ڪَيئِي.

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت صوفي روحل فقير رح

    ڪُفر ۽ اِسلام ۾ ٿا ڀرين اُبتا پير،
    هڪ هندو ٻيا مسلمان، ٽيون وچ وڌائون وير،
    انڌن اونده نه لهي، تن کي سچ چوندو ڪير،
    روحل راهه پرينءَ جي، گهُمي ڏٺوسين گهيڙ،
    ته رب مِڙني ۾ هيڪڙو، تنهن ۾ ڦند نه ڦير،
    ساڪاڏي ڪندي پير، جا سُتي ڪعبت الله ۾.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    ڪلام حضرت ٻڍل فقير رح

    ٻولي گر دي ٻولي- هِردي اندر هو هو.

    چنگ اُپنگ مرڌنگي مرلي- بگل بگوني باجي
    تن من اندر تيز تراني- وره وجودي واڄي
    گولي گم ٿي گولي، صرف سڪندر هو هو

    جنهن وقت ساز سرود سنيا، آيا اکيان اندر
    ڪن وچ ڪنڍل مک وچ مرلي، موهن مچندا مندر
    هولي هردم هولي مڙهيان مندر هو هو

    ريءَ تندا دي تيز تمامي، لهجه لهجه لاڳي
    عشق جلالي جزبا ڪرڪي- جان جگر وچ جاڳي
    ڇولي عشق دي ڇولي، قلب قلندر هو هو

    سمجهه ٻُڍل ڳالهه ڳجهي، ڪر سير سِري دا سارا
    عرش ڪرسي تي نغارا تيڏا ماريا نينهن نغارا
    لولي الا الله دي لولي- لونءَ لونءَ اندر هو هو.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    سک رمز جيتي مرجاوڻ دي،
    ناهي حاجت هنر هلاوڻ دي.

    شاهه منصور سر سُولي ٻولي، رمز انهيءَ سان اها ڳالهه چولي،
    لنو لنو دي وچ ڏتڙي لولي، اناالحق آلاوڻ دي.

    علم عقل نون عشق نه مندا، جان جان هستي حال نه ڀندا،
    ڇوڙ تڪيا اِنهيءَ خاڪي تن دا، نيت نه رک ول آوڻ دي.

    ڇوڙ دعوا هڪ درد ڪون گهن تون، بد هوائي دا بوتا ڀن تون،
    مرشد واري مام چا گهن تون، ڪر نه ڪسب ڪماوڻ دي.

    پڙهه پڙهه علم ڪيا فاضل هووين، مرڻ ڪنول اڳي مول نه مووين،
    جهڙا هووين تهڙا هووين، پڙهه آيت آپ وڃاوڻ دي.

    ”ٻڍل“ نفي اثبات ڪر ڄاڻين، وچ اپڻا دي آپ نه آڻين،
    ساري ذات صفات سڃاڻين، احدؤن عبد ڇپاوڻ دي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    جي سڃاڻين پاڻ کي، ساڳيو آن سلطان تون
    عبد جو اولو ڪري، آئين ٿي اِنسان تون

    اَول نفي ڪر نانءُ پنهنجو، پوءِ ڏسين اسرار تون
    دل مدينو قلب ڪعبو، منجهه مڪو ملتان تون

    غير وڃائي گم ٿي غازي، آهين نسورو نور تون
    موج مستيءَ جي مچائي، ٿيءُ پچي پروان تون

    ڪيئن ڦاسايئي پاڻ کي، هن دنيا جي دام ۾
    مڙس ٿي منصور جيان، ڪر سر نيزي نشان تون

    سر ٻڍل ساڳيو سڃاڻج، تو ۾ ظهورو ذات جو
    اندر ٻاهر هؤ ئي ٻولي، آن دفتري ديوان تون
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    هميشہ يار جي حب رک، ڇڏي ڏي حرص حيراني

    نانگا هڻ نينهن جو نعرو، لاهي ڇڏ لوڪ جو لارو
    سيني ۾ سير ٿي سارو، تجلو نور نوراني

    پڇن ٿا پنڌ جي پر جا، سانگا تن کي ناهن سر جا
    پين ٿا جام ڪوثر جا، لنگهي ٿيا لعل لاثاني

    وڃائج وقت نا ويهي، اُٿي تون جاڳ پرڏيهي
    هتئون هليا ويا ڪيئي، سڪندر شاهه سلطاني

    ٻڍل سوريءَ سر سٽجي، پوئتي پير نا هٽجي
    ڏيئي سر هي سر کٽجي، رسي پوءِ فيض رحماني
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    اڄ سڄڻ مون کي عيد ٿي، جڏهن يار جا ديدار ٿيا

    پُر پيالو وئين ڏئي، دل ديواني جنهن ڪئي
    کلي عين پيون اکڙيون ٻئي، گلبدن گلزار ٿيا

    سينو صفا سڀ صاف ٿيو، تنهن ذڪر الله ٿيو
    رڳ رڳ اُتي پرواز پيو، غير مڙيئي سڀ گار ٿيا

    مئن ڏٺا مهتاب ها، تجلي تکي ڏاڍا تاب ها
    شافع نبي سرتاج ها، ساڻي سچا سردار ٿيا

    سڻ ٻڍل سر گهور تون، بت ڀڃي ڪر ڀور تون
    مرد نا منهن موڙ تون، سر صدقي سؤ وار ٿيا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. Tariq Hayat Lashari

    Tariq Hayat Lashari
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 جولائي 2012
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    196
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    303
    ماڳ:
    سنڌ
    سمجهه سر سهي ڪر يار
    اَٿي اندر ۾ اسرار

    جو دم جيوين رهج فڪر ۾
    ذاتي واري ذوق ذڪر ۾
    ٻڌ ڇاتيءَ ۾ ڇمڪار

    بانڪا کيڏ تون بره جي بازي
    پاڻ وڃائج گم ٿي غازي
    ڪر ڌڙ سسيءَ کؤن ڌار

    ويهي ائٽ اَندر ۾ اورج
    راتيان ڏينهان چرخو چورج
    قلبيءَ جي ڪوڪار

    آه ٻڍل کي عشق اول کؤن
    رمز لڳي ٿس روز ازل کؤن
    سرڪي صاف ڏني سردار
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو