پُٽ پيدا ڪرڻ جون خواهشمند عورتن کي ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن: ريسرچ

'سائنس جي دنيا' فورم ۾ علي ظفر طرفان آندل موضوعَ ‏2 سيپٽمبر 2012۔

  1. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    پُٽ کي جنم ڏيڻ جي خواهشمند عورتن کي باقاعدگي سان ڪيلا ۽ پٽاٽا کائڻ گهرجن. ڌيءُ جي خواهشمند عورتن کي پنهنجي غذا ۾ ڀاڄيون شامل ڪرڻ گهرجن.

    هندستاني اخبار ”ٽائمز آف انڊيا“ ڏچ سائنسدانن جي ريسرچ جي حوالي سان ٻڌايو آهي ته ڀاڄيون کائڻ سان ڌيءُ پيدا ٿيندي آهي ڇو ته ڀاڄيون ڇوڪريون پيدا ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجي وينديون آهن.

    سائنسدانن دعوي ڪيو آهي ته ڀاڄين ۾ ڪيلشيم ۽ مئگنيشيم جي گهڻي مقدار موجود هجڻ سان ڇوڪري پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌندا آهن. پُٽ جي خواهشمند عورتن کي پوٽاشيم ۽ سوڊيم سان ڀرپور خوراڪ کائڻ گهرجي، يعني ڪيلا ۽ پٽاٽا باقاعدگي سان کائڻ گهرجن.

    غذا ٻار جي جنس طئه ڪندي آهي. اِها ريسرچ برطانوي اخبار ”ري پروڊڪٽو بائيو ميڊيسن“ ۾ شايع ڪئي وئي آهي.

    [​IMG]
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ يار هي نئون شوشو ، پهريان پُٽ لاء پيرن تي حاضريون ۽ هاڻي وري پٽاٽن جي پويان ۔۔۔۔۔ يار ڪمال ٿي ويو۔۔

    ها ابا توهان اسان جي نئين ڀاڄائي کي ڪيلا ۽ پٽاٽا گهڻا کارائجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاهاهاها
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    ههههههههههههه يار سليمان جي پ ٽ وٺڻو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن جي پيويان ته ڀڄڻو پندو نه اڃ ڪله جي پيرن جو حآل ڏسين پيو ابا ان ڪري پٽاٽا ۽ ڪيلا وري به صحيح آهين هههههه
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    هههههههههههههههههههههه!!!!!!!!!!! اھريون ريسرچ پڙھي فقير ماڻھون کلي ئي سگھي ٿو۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    عاشق کل نه ابا جلدي شادي ڪري ۽ ان فامولي تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪر ابا
     
  6. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    هاهااها ۔ فارمولو انٽريسٽنگ آهي ، پر اڻ پڙهيل وري به پٽاٽا ڇڏي پيرَن جي پويان ويندا ۔ باقي پُٽ يا ڌي ڏيڻ قدرت واري جي هٿ ۾ آهي ۔
     
  7. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هههههها، سائين بس هاڻ ان شوشي کي ڦهلايو باقي پيرن وارو ٽوٽڪو پراڻو ٿي ويو آهي۔۔ٻيو ته گهڻا ڪيلا ۽ پٽاٽا به نه کارائجو ته وري شگر جو مسئلو ڳچي ۾ پئجي نه وڃي، ڇو ته ٻڌو آ گهڻا پٽاٽا واپرائڻ سان وري شگر ٿيو وڃي۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جو ته ڊبل سينچري جو تجربو هوندو نه۔۔۔۔۔هههههههها
     
  9. وزير علي سومرو

    وزير علي سومرو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏12 جنوري 2012
    تحريرون:
    49
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مان سول هاسپيٽل خيرپور جي ليبارٽري ۾ ليبارٽري اسسٽ
    ماڳ:
    ٺري ميرواهه ضلعو خيرپور ڊويزن سکر
    اهو اسان مسلمانن لا شرڪ آهي ، جيڪو به ٿيندو آ اهو الله سائين جي طرفان ٿيندو آهي ، ڪنهن کي پٽ ڪنهن کي ڌي ڏيڻ صرف ۽ صرف الله تعالي جي هٿ ۾ جنهن کي پٽ ڏئي جنه کي ڌي ڏئي اها هڪ الله جي مرضي آهي اهي هندن جون ڳالهون اسان مسلمانن تائين پهچائڻ ياني اسان جي ايمان تي ڊرون حملو هوندو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. شاهين لطيف ، سنڌي ،

    شاهين لطيف ، سنڌي ،
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 جون 2012
    تحريرون:
    624
    ورتل پسنديدگيون:
    2,490
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپئير اايف ايم 93،3 لاڙڪاڻو
    ماڳ:
    ڳڙهي ياسين& لاڙڪاڻو
    ڪيلا ۽پٽاٽا ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هاڻي هي فيصلو ڏيندا
    پر مائي جي وزن جو ڇا ٿيندو؟
     
  11. جميل احمد

    جميل احمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏7 آڪٽوبر 2012
    تحريرون:
    211
    ورتل پسنديدگيون:
    527
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    جيستائين منهنجي ٿوري گهڻي معلومات آهي ته ان مطابق ته جنس جي تعين جو دارومدار مرد تي هوندو آهي نه ڪي عورت تي۔تنهنڪري ضروري آهي ته ان تحقيق جي سند ۽ متن جي مستند هجڻ تي تحقيق ڪئي وڃي۔
     
  12. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    بيشڪ هر شيءَ جو ڄاڻڻدڙ ئي ان جو جوڙيندڙ اهو ئي پالڻهار ڪريم آهي، اهو ئي اسان جو ايمان آهي، ۽ ان ئي ايمان جي هجڻ جي ڪري ئي اسين مسلمان سڏجون ٿا۔۔
    پر منهنجا سائين قرآن پاڪ ۾ جڳهه جڳهه تي قدرت جا اهڙا راز لڪل آهن جن ۾ عقل وارن جي لاءِ ڪيتريون ئي نشانيون پڻ آهن۔ هن وقت جيڪا به سائنسي تحقيق سامهون اچي رهي آهي، اهي سڀ شيون 14 سئو سال اڳ قرآن پاڪ ۾ موجود آهن جن جو ڪيترن ئي سائنسدانن اقرار ڪيو آهي ۽ اهي مسلمان هجڻ جو شرف به حاصل ڪري چڪا آهن۔ ته منهنجا مٺا سائين ان ڳالهه جو انڪار ڪير به نه ڪري سگهندو۔ پر حقيقت جي ڳولا ڪندڙن جيڪي به تحقيقون ڪري اسان کي آگاهي ڏني آهي اها پڻ ساراهه جوڳي آهي۔ پر سڀ شيءَ جو جوڙيندڙ اهو ئي پالڻهار پاڪ الله رب العزت پاڻ خود آهي، نه ڪي ٻيو ڪير آهي نه ئي ٿي سگهي ٿو۔ اهو ازل کان آهي، هميشه لاء رهندو۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو