راشد مورائي دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عتيق الرحمان طرفان آندل موضوعَ ‏25 سيپٽمبر 2012۔

  1. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    [​IMG]
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    سائين اهي ڪَڪَرَ وسندا، دل نه لاهيو۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    راشد مورائي سنڌ جو قومپرست ۽ عاشق شاعر ۔۔۔۔۔۔ سندس شاعريء مان تمام سهڻي چونڊ ۔۔۔۔۔ دوستن لاء سندس هي گيت مڪمل ونڊ ڪجي ٿو۔

    دل جي ويران رِڻ تي

    دل جي ويران رِڻ تي ڪڪر بانورا
    ٿورڙو ئي وسين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
    سانورا ! تون گھڙي کن سڙيءَ دل مٿان
    ڇانورو ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    هو ارادو پڪو مون ڪيو مرڻ جو
    شوق جاڳي پيو آ وري جيئڻ جو
    مون ٻُڌو آ ته اڄ هو پُڇڻ ٿو اچي
    موت ! ٽارو ڪرين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    ڪيترا حسرتن جا ڦُٽن گونچ ها
    کوڙ آسن جون مکڙيون ٽِڙي ٿي سگھيون
    منهجي دل جي گلستان ويران جو
    باغبان ٿي رهين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    منهنجي وِندر جو باعث ٿي بڻجي سگھي
    ڪائي تصور تازي هجين ها کڻي
    فون تي جي ٻه ڳالهيون نٿو پيو ڪرين
    ڪوئي خطڙو لکين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽِڙي ٿا پون
    ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون
    تو جي "راشـــــد"کي روئندي ڏٺو هو پرين
    ٿورو مُرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
     
    12 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    دل وٽان سٽون۔۔۔

    تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽِڙي ٿا پون
    ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون
    تو جي "راشـــــد"کي روئندي ڏٺو هو پرين
    ٿورو مُرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ادا عتيق الرحمان توهان جي ذوق کي داد نه ڏيڻ سچ پچ ته اوهان سان زيادتي جي مترادف ٿئي ويندو۔ توهان جهڙي سٺي انسان جي دل جي آئيني تي ٺهيل سچائي،پريت ؤ پيار جو عڪس ،توهان جي شخصيت کي تمام گهڻو معتبر ٺاهي ڇڏيو آهي۔ توهانجي فطرت ۾ نياز ۽ نوڙت جي شموليت توهان کي هن اڳڻ جي لاء تمام گهڻو قيمتي ٺاهي ڇڏيو آهي۔ ڏاهپ سان ڀريل اوهان جا ويچار هن اڳڻ جي اثآثن مان آهن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين غلام مصطفي ا ميمڻ صاحب ،آءُ تمام مشڪور آهيان اوهان جو جنهن پنهجي من ۾ اهيا جڳه عطا فرمائي آهي،هي توهان جي نگاه آهي جنهن ائين ڏٺو آهي ،اصل ۾ ائين آهيان ڪو نه ،پر نه هجڻ جي باوجود به تهه دل سان ڪوشش ڪندس ته اوهان جي چٽيل عڪس ۾ پنهجو پاڻ ڏسان ۽ اوهان جي سرپرستي ۾ پنهجووڃايل مقام حاصل ڪيان،
    سائين اوهان جي عطا ڪيل محبت منهجي اندر جا داغ ڌوئي رهي آهي جنهن ۾ سچ ته مان اجرو ٿيندو ٿو وڃان، ۽ پنهجو پاڻ تي پنهجو هجڻ ظاهر ٿيندو ٿو و ڃي، اصل ۾ مان خودگرزي جي خول ۾ جي رهيو هوس، جنهن ۾ مان ئي زندگي جو حقدارسمجهندو هوس پر توهان جي درسن ۾ منهجو عڪس ظاهر ٿيو جنهن ۾ مون ڏٺو ۽ محسوس ڪيوته ما اڪيلو زندگي جو حقدار نه آهيان ،هر پاسي وکريل درد مونکي پنهجي ويجهو وٺي ويو مون ڏٺو ته مان هڪ فرد نه پر منهجي ساري سنڌ سڏڪن ۾ آهي ۽ سنڌ ڌرتيء جا سپوت نعرو هڻي ويٺا آهن ، سنڌ سلامت فورم
    جن انهن دردن کي ويجهو کان ڏٺو ۽ محسوس ڪيوآهي ، ۽ ان درد جو جهنڊو بلند ڪيو آهي ،۽ ان جهنڊي (سنڌ سلامت فورم)جي هيٺ ،سنڌ جي هر ڪنڊ جي خوشبوء دار مٽي جا ،املهه ماڻڪ، سنڌ کي سينگارڻ ۾ مصروف آهن ،۽ آء مايوسي جي ڪُنَن ۾ گهوتا پيو ٿو کانوان!!!!!،هڪدم ڪنهن هٿ مان وٺي ٻاهر ڪڍيو ،۽ اوهان مهربانن جي نظر ڪيو،جتي اوهان ،بي بها پيار ،آڌر۽ جياپي جو مقصد ڏنو آهي، جتي منهجي گهُٽَن دُور ٿي ، ۽ مونکي پنهجي زندگي جي منزل نظر اچي ويئي ۔هاڻي مون وٽ جيئڻ جو مقصد آهي ،۽ هاڻي مان جيئڻ ٿو چاهيان، اوهان جي مچايل هن ميلي ۾ پنهجن ساٿين کي ڳولڻ ٿو چاهيان، جيڪي صدين کان اوسيئڙي ۾ هئا ۽ سنڌ سلامت فورم جي معرفت سنڌ جي هن مشڪل گهڙي ۾ همسفر ٿيندا ۽ جديد دور جي هن جنگ ۾ سنڌ سلامت جو نعرو نروار هڻي پنهجي خداداد صلاحيتن کي ڪتب آڻيندي امن ۽ آشتي جي هن ڌرتي جيڪا الله ۽ ان جي حبيب صلي الله عليه وَ آله وسلم جن کي بيحد پياري آهي تي پوندڙ گندي نظر ۽ لوڀ ۽ لالچ ۾ الله جي پسنديده مخلوق يعني انسانذات کي ايزائيندڙن کي سبق سيکارڻ لاء هت گڏ ٿيندا ،هنن ماروئڙن سان ٿيندڙ شرمناڪ ظلمن کان نجات جو سبب بڻجندا پنهجي زندگي پنهجي امام عالي مقام جي نظر ڪندا، جن ڪڏهن به ظالم جي اڳيان جهڪڻ ڪو نه قبوليو ۽ حق جو نعرو هڻندي پنهجي ربَّ جي راه ورتي ۔
    سائين موکي به اوهان جي هن سنڌ سلامت فورم ڏسڻ واري اک ڏني آهي جنهن ۾ آء به هر اهو درد محسوس ڪيان ٿو جيڪو اڳ۾ ڏسي به نظرانداز ڪري ڇڏيندو هوس،
    اوهان جنهن محبت ۽ شفقت سان جيء ۾ جايون ڏيو ٿا يقين اٿم ته هڪ نه هڪ ڏينهن سڄي سنڌ ،سنڌسلامت جي نعرن سان نشامبر ٿيندي جتي ڪي صوفي ڪي ديندار ڪي علامه ڪي سياستدان ڪي استاد ڪي شاگرد ڪي هاري ڪي مزدور امن جو ترانو ڳائي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيندا،
    هي علم جي واٽ ،هلندي رهندي ،
    مايوسين کي مات ايندي رهندي،
    چڻنگ مان چڻنگ، چڻنگ مان لاٽ ٻرندي رهندي ،
    قطرو قطرو ٿي درياء وهندو محبت جي برسات وسندي رهندي
    هن دل ۾ اهيا دعا آهي سنڌ سلامت ابد تائين رهندي
    اوهان جي پيار ۽ رهنمائي جو اونو هر پل رهندو ،
    الله پاڪ هن نيڪ ڪم ۾ سنڌ سلامت ساٿين کي پنهجي حفظ وَامان ۾ رکي انهن جي علم ۾ واڌارو ڪري انهن جي ايمان جي تازگي هر وقت رکي انهن ۾ محبت ۽ جدوجهد جي بي بها قوت عطا فرمائي دنيا و آخرت جي ڪاميابي عطا فرمائي،آمين
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    سائين اوهان جي دعا اسان جي دعا پڻ آهي ۔ اها اوهان جي اندر جي حقيقت ڀري آهي ۔انشاءِ الله هي اڱڻ ائين ئي ٻهڪندو رهندو ميلا مچندا رهندا ۔
    وسلام
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. مجيب سنڌي ڪورائي

    مجيب سنڌي ڪورائي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    285
    ورتل پسنديدگيون:
    298
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433

    تون کلين ٿو ته ڄڻ گل ٽِڙي ٿا پون
    ماٺ تنهنجي خزان، گل ڇڻي ٿا پون
    تو جي "راشـــــد"کي روئندي ڏٺو هو پرين
    ٿورو مُرڪي پوين ها ته ڇا ٿي ٿيئه

    سائين راشد مورائي جي شاعري سهڻي چونڊ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واه واه !

    ڪميترو نه خوبصورت غزل آ ادا !
    هي ٻڌڻ سان بانوري دل ٌريو ٿي پوي ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو