مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏15 نومبر 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    مشتاق سعيد جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“
    محمد سليمان وساڻ

    سنڌ جي لاڙ پٽ واري علائقي سجاول جي تخليقڪارن جو سنڌي شاعريء ۾ وڏو ڪردار رهيو آهي. انقلابي شاعري هجي يا وري مجازي عشق واري ڪيفيتن سان ڀرپور شاعري اسان کي سرويچ سجاولي، محمد خان مجيدي، آپا مريم مجيدي جهڙا نالا ذهن تي تري ايندا. ساڳي ئي تر جي نوجوان شاعرن اياز امر شيخ ۽ سورج سجاولي سان گڏ هڪ اڀرندڙ نالو مشتاق سعيد جو به آهي. مشتاق سعيد جو 2012 جي شروع ۾ خوبصورت شاعريء جو مجموعو ڌيمي وهڪ درياء جي کان پوء هن ئي سال نئون مجموعو ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ منهنجي هٿن ۾ آهي.

    هن ڪتاب ۾ شامل سندس احساسن ۽ شاعريء کي پڙهي اها پروڙ پئي ته مشتاق سعيد جا خيال ڪيڏا سندر ۽ حسناڪين سان ڀرپور آهن. سندس شاعري هڪ اميد جو ڪرڻو ۽ حوصلو آهي:

    ڦاهيء جي تختي تي بيٺي تو جو گيت جهونگاريو آ
    ان جي سُر ۽ سازن منهنجي من ۾ ٻارڻ ٻاريو آ

    مشتاق جي هر نظم ۾ هڪ نئون پيغام سمايل آهي. هر نظم ۾ هڪ نين ڪهاڻي ۽ الڳ احساس سمايل آهن، جيڪي روح کي تڙپائن ٿا:

    سمنڊ جي سرگم ساز ۽ سر تي
    راڳي ڪوئي راڳي ٿو پيو
    جيڏي دل ڪويءَ جي آهي
    ايڏو سمنڊ نه گهرو تون آ

    مشتاق سعيد جي شاعري مون کي شيخ اياز کان اياز گُل ۽ اياز گُل کان مشتاق سعيد تائين جو تسلسل لڳي رهي آهي. مشتاق ٻوليء ۽ لفظن کي سهڻي نموني پوئي پيش ڪيو آهي جيئن ڪو گل فروش مختلف رنگن جي گلن کي پوئي هار ٺاهيندو آهي:

    ايئن نه ڳوڙها ڳاڙ نه ڳائي
    ٿر اتر ۽ لاڙ نه ڳائي
    راڳي تنهنجا گيت غضب جا
    هيڏا هنئين ڦاڙ نه ڳائي

    مشتاق سعيد جي سوچ جو سفر کيس جلد ئي سنڌ جي مُک شاعرن واري ڌارا ۾ آڻي بيهاريندو، اهو مان نه پر سندس شاعري ٻڌائي رهي آهي. سچائي اشاعت گهر دڙو پاران ڇپايل سندس شاعريء جو ڪتاب ”ڀرپور سمندر گرجي ٿو“ 144 صفحن جو آهي، جنهن ۾ سندس غزل، نظم ۽ وايون شامل آهن. ڪتاب جو مهاڳ اياز امر شيخ لکيو آهي ۽ ڪتاب جي قيمت 160 رپيا آهي.

    ______
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو