بلاگر تي بلاگ ٺاهڻ (حصو پهريون)

'سنڌي بلاگنگ' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏21 نومبر 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    اسان جڏهن به ڪو ڪم شروع ڪرڻ ويهندا آهيون ته ان ڪم جا ٻه حصا هوندا آهن، پهريون ته ڪم جي شروعات ۽ ٻيون حصواُهو ڪم پاڻ ۔ ڪم جي شروعات ڪئي سمجهو اڌ ڪم ٿي ويو۔

    دوستو، پوءِ دير ڇا جي!؟ سنڌي بلاگنگ ڏانهن پهريون قدم کڻجي!؟ بلاگ ڇا آهي؟ بلاگنگ جا فائدا، بلاگ تي ڇا ۽ ڪيئن لکيو وڃي؟ ۽ بلاگ جي باري ۾ ڪجھ ٻين مشورن تي محترم طاهر سنڌي جو جامع مضمون موجود آهي۔ جنهن کي چاهيو ته اوهان هن وقت يا فرصت ۾اڳيان ڏنل لنڪ تي ڪلڪ ڪري پڙهي سگهو ٿا (لنڪ: ”بلاگ“)۔ مان صرف ايترو اضافو ڪندس ته بلاگ هڪ قسم جي ويبسائيٽ هوندي آهي جنهن ۾ تحريرون (Posts) وقت جي ترتيب سان رکيل هونديون آهن۔ تازيون تحريرون ترتيب وار پهريان نظر اينديون آهين۔ اڪثر خبرن واريون ويبسائيٽون جهڙوڪ بي بي سي (BBC) وغيره پڻ هڪ قسم جا بلاگ آهن۔

    چڱو، پاڻ اچون ٿا سڌو انهي ڳالهه تي ته بلاگ ڪيئن ٺاهجي:

    بلاگ جي شروعات ڪندڙن کي اڪثر ڪري اهو سوال منجهائيندو آهي ته آخر بلاگ ڪهڙي پليٽ فارم تي ٺاهجي!؟ انٽرنيٽ تي درجنن کان وڌيڪ اهڙيون ويب سائيٽون اهن جيڪي مفت ۾ اسان کي بلاگ ٺاهڻ جي سهولت ڏين ٿيون انهن ۾ ورڊ پريس ڊاٽ ڪام (Wordpress.com) ۽ بلاگر (Blogger.com) يا بلاگ اسپاٽ (blogspot.com) سر فهرست آهن بلاگ ٺاهڻ جي شروعات اسان بلاگر (Blogger.com) تان ڪنداسين۔ ۽ انشاء الله اڳتي هلي ورڊ پريس ڊاٽ ڪام (Wordpress.com) تي به بلاگ ترتيب ڏيڻ سکنداسين۔

    بلاگر يا بلاگ اسپاٽ تي بلاگ ٺاهڻ جي تجربي جي شروعات جو بنيادي سبب اهو به آهي ته بلاگر (Blogger.com) يا بلاگ اسپاٽ (blogspot.com) جو User Interface انتهائي سولو آهي، نئين بلاگ لکندڙ کي گهڻي ڏکيائي نه ٿيندي۔ ٻيو ته بلاگر گوگل جي کوڙ سارين خدمتن منجهان هڪ آهي ۽ اسان مان گهڻن دوستن وٽ گوگل جو اڪائونٽ Gmail, google plus, youtube وغيره جي صورت ۾ ضرور هوندو۔ ان ڪري ڪنهن نئين اڪائونٽ ٺاهڻ جي ضرورت نه پوندي، گوگل جو ساڳيو ئي اڪائونٽ بلاگر لاءِ به ڪارآمد رهندو۔

    اوهان جي سولائي لاءِ هيٺ ترتيب وار تصويرن جي مدد سان هي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو۔

    ويب برائوزر تان بلاگر (Blogger.com) تي وڃو جيئين هيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل اهي۔ جيڪڏهن اوهان وٽ گوگل جو اڪائونٽ (gmail وغيره) موجود آهي نه آهي ته Sign Up تي ڪلڪ ڪري نئون اڪائونٽ ٺاهيو [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    اڪائونٽ ٺاهڻ لاءِ ضروري معلومات فراهم ڪريو۔

    [​IMG]


    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان جو گوگل بلاگر اڪائونٽ تيار آهي، هاڻي Back to Blogger واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو۔

    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هن پيج تي اوهان اوهان Create a Limited Blogger واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو ۽ اڳئين پيج تي اچو۔۔
    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هن پيج تي اوهان پهنجو بلاگر جو پروفائل تي نظر اچڻ وارو نالو لکو ۽ Continue to Blogger واري بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    نئو بلاگ ٺاهڻ لاءِ دائري ۾ نظر ايندڙ New Blog واري بٽڻ ڪي ڪلڪ ڪريو۔۔
    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    ها! هاڻي ٿا اچون اصلي ڪم تي! سڀ کان پهريان ته Title واري خاني ۾ پنهنجي بلاگ جو عنوان رکو۔ عنوان اهڙو هجڻ گهرجي جيڪو اوهان جي بلاگ ۾ شامل تحريرن جو ترجمان هجي۔ چئن پنجن لفظن تي مشتمل پنهنجي بلاگ جو عنوان سوچيو۔

    ان کان پوءِ ايڊريس ۔۔۔ ايڊريس ڪوشش ڪيو ته گهڻين ڊگهي نه هجي۔ اوهان address ڪجهه نرالي به هجڻ ضروري آهي جيڪا پهريان ڪنهن جي والاريل نه هجي۔ اوهان ايڊريش واري خاني ۾ جيڪو به نالو لکندئو سو اوهان جي بلاگ جي ويب ايڊريس جو حصو هوندو جيئن مون هن تجرباتي بلاگ جو نالو sochoon رکيو ائين منهنجي بلاگ جي ايڊريس ٿي sochoon.blogspot.com.
    ان کان پوءِ Template مان ڪابه پنهنجي پسند جي ڊزائن کڻي وٺو ۔۔ في الحال بهتر آهي ته Simple ڊزائين واري تصوير کي منتخب ڪريو۔ اڳتي هلي اسان انهن templates کي پنهنجي مرضي موجب ڊزائن ڪرڻ سکنداسين۔ اڇا! ان کان پوءِ هيٺ موجود Create Blog واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪري، اڳئين صفحي تي اچو۔۔ جيڪڏهن اوهان address واري خاني ۾ پنهنجي بلاگ جي لاءِ Unique ايڊريس (يعني اهڙي ايڊريس جيڪا پهريان ڪنهن جي والاريل نه هجي) لکي آهي ته اوهان کي اڳئين صفحي تي اچڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه اچڻ گهرجي۔

    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    بلاگ ٺاهڻ کان پوءِ هاڻي اوهان Dash Board وٽ موجود آهيو۔ ڊيش بورڊ اوهان جي بلاگ جو ڪنٽرول پينل وانگر هوندو آهي جتي اوهان پنهنجي بلاگ ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي آڻي سگهو ٿا۔۔

    پنهنجي بلاگ ۾ پهرين پوسٽ يا تحرير لکڻ لاءِ اوهان دائري ۾ نظر ايندڙ پينسل واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪندئو ته نئو پيج کلندو جيڪو اوهان جي بلاگ جو ٽيڪسٽ ايڊيٽر هوندو ۔
    [​IMG] ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    هاڻي اوهان جي سامهون بلاگ جو ٽيڪسٽ ايڊيٽر موجود اهي۔
    پهريئين نمبرواري خاني ۾ اوهان جي بلاگ تحرير جو عنوان ايندو، ٻئين نمبر خاني ۾ اوهان جي تحريري يا پوسٽ جو متن ايندو۔
    ٽئين نمبر دائري وارو بٽڻ سنڌي بلاگنگ لاء انتهائي اهم آهي۔ انگريزي جي ابتڙ، سنڌي لکت ساڄي کان کاٻي طرف لکي وڃي ٿي، ان ڪري انهي بٽڻ جي ڪري پيج تي سنڌي بالڪل ٺيڪ لکجي ٿي۔ ان کان پوءِ چوٿين نمبر تي پنهجي بلاگ تحرير جي مناسب سان ليبل ڏيو ۽ Publish واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو۔
    اوهان جي بلاگ جي پهرين بلاگ تحرير انٽرنيٽ تي اچي چڪي اهي۔ جيڪا اوهان Dash Board تي موجود View Blog واري بٽڻ کي ڪلڪ ڪري يا پنهنجي بلاگ جي ويب ايڊريس ٽائپ ڪري ڏسي سگهو ٿا۔۔
    [​IMG]

    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
    [​IMG]
    ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    دوستو ٿي سگهي ٿو ته هي تحرير پڙهي اوهان جي ذهن ۾ اڻ ڳڻيا سوال آيا هجن۔ اصل ۾ هن تحرير جو مقصد آهي ته بلاگ جي شروعات ڪٿان ۽ ڪيئن ڪجي، انهي ڪري گهڻيون ڳالهيون آهن جيڪي هن سلسلي جي اڳتي ايندڙ تحرير ۾ بيان پيون ڪبيون۔ اوهان دوستن کي آخر ۾ ايترو عرض ڪندس ته اوهان گهٽ ۾ گهٽ سنڌي بلاگنگ جو تجربو ضرور ڪريو۔ لکندا ڪريو ۽ پنهنجي ٻولي ۾ لکندا ڪريو۔

    رات گهڻي ٿي وئي آهي، وري ٻيهر ملنداسين۔ الله نگهبان ۽ دعائن ۾ ياد ۽ ها پنهنجي راين ڏيڻ ۾ ڪنجوسي نه ڪجو۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اصل واهه واهه ٿي وئي ۔۔۔۔۔ آفيس ۾ جيئن ئي فرصت ملي ته بلاگ ٺاهي ٿا وٺون۔ بلڪل سولو ڪم لڳو يا اوهان ان ڪم کي تمام گهڻو آسان بڻائي ڇڏيو۔

    اڄ ئي بلاگ ٺاهي اوهان ڏانهن موڪليون ٿا۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ادا توهان جي معلومات مان فائدو وٺندي ڪجه ڪم ڪيو ته آهي پر خبر ناهي ته ڪم صحيح ڪيو آ يا غلط اگر ڪو دوست رهنمائي ڪرڻ چاهي ته سندس مهرباني
    ٻه موضوع موڪليا آهن
    مان محڪوم قوم جو مظلوم ڪردار آهيان
    ڪا چڻنگ دکائي وينداسين
    وڌيڪ لاء رهنمائي جي ضرورت آهي
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. نذير احمد لغاري

    نذير احمد لغاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏19 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    201
    ورتل پسنديدگيون:
    396
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقو سنجهورو، ضلعو سانگهڙ۔
    هي هڪ انتهائي اهم معلومات آهي جيڪا اوهان اسان کي ڏني آهي ۽ هاڻي سڀني دوستن جي ڪوشش هجي ته وڌ کان وڌ سنڌي ٻولي لا ڪم ڪن ۽ پنهنجن دوستن کي پڻ شامل ڪن۔
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    ادا اوهان پنهنجي بلاگ جي لنڪ ته ڏجو۔۔۔ هي موضوع صرف شروعات آهي۔ اڃا گهڻو ڪجهه آهي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    يار هي ڏس ڀلا ۔۔۔۔۔۔

    ڪم هلي ويندو يا اڃان سکڻ ۾ وقت لڳندو ۔۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    سائين اسان جي ڪوشش الائي ڪٿي پهتي توهان به اسان اناڙين مان اچي ڦاٿا هوندو
    danhoo.blogspot.com
     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    سائين عتيق الرحمان جن جي محنت تمام زبردست باقي سائين محمد سليمان جن جي لنڪ تان بلاگ نه ٿو کلي شايد ان تي اڃا ڪجهه مرمت جي ضرورت آهي۔ يا مون وٽ ڪو مسئلو آهي۔ محترم سجاد جي سکيا تمام بهترين آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    محترم سليمان وساڻ اوهان پنهنجي بلاگ جي لنڪ ٺيڪ طرح سان نه موڪلي آهي۔

    هيٺ تصوير ۾ 2 نمبر تي ايڊريس واري باڪس ۾ اوهان پنهنجي بلاگ جي لاءِ جيڪا ايڊريس منتخب ڪئي هئي اها موڪليو۔۔


    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    لڳي ٿو اسان کان ڪم زور آهي

    هي لنڪ ڏسو ۔۔۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ

    عتيق الرحمان، سائين اوهان جو بلاگ ڏٺم۔۔ خوشي ٿيم۔ لڳي ائين ٿو ته منهنجي محنت سجائي پئي وڃي۔۔
     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    سليمان وساڻ، سائين پهرين ئي بال تي سڪسر هنيو آهي، وري چئو ٿا ته ”لڳي ٿو اسان کان ڪم زور آهي“ ههههه
    اوهان جي بلاگ جو ڀيرو ڀريم، تمام خوشي ٿي۔ بلاگ جي پهرين تحرير پڙهي اکيون آليون به ٿيون۔ اوهان جو انداز بيان وڻيو۔ اميد ته بلاگ کي اپڊيٽ ڪندا رهندئو، اوهان جي مستقل مزاجي جا ته مون سميت سڀ معترف آهن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    واقعي سائين محمد سليمان جن کي مبارڪ هجي جو پاڻ پهرئين حملي ۾ دهلي فتح ڪري ورتي آهي سندن بلاگ جي جوڙ جڪ تمام بهترين آهي اميد ته آئنده به ان سلسلي کي جاري رکندا ايندا۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  14. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    انشاءَالله تعالي توهان جي اميدن تي پورو لهنداسين توهان جي محنت ڪڏهن به رائگان ڪو نه وڃڻ ڏبي اوهان جا احسانمند رهنداسين ۽ اوهان لاء دعاگو رهنداسين اوهان اسان جا استاد آهيو تمام محترم آهيو ،اسان اوهان جي فيض جا محتاج آهيون ۽ انشاءالله اسان کي فرمانبردار به ڏسندو۔
    الله پاڪ اوهان جي علم ۾ واڌارو ڪري ۽ اوهان کي پنهجي حفظ و امان ۾ رکي آمين
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  15. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    پيارا سجاد علي چنا اوهان پاران هن ڪوشش جي جيتري ساراهه ڪجي سا گهٽ آهي۔ پر هاني مهرباني ڪري بلاگ ٺاهي انهي لاءِ مستقل مزاجي واري ضرورت کي هن موضوع لا به سمجهجو۔ هي موضوع به مستقل هلي ته جيئن سڀ ڳالهه کي سمجهن۔

    ۽ مون ته هي ڪم ڇهه مهينا پهرين ڪري ڇڏيو هو پر اڃان مواد ايڊ نه ڪيو اٿم۔ http://www.abdulhafeezlaghari.blogspot.com

    ۽ هڪ سوال به آهي ته ڇا اسان پنهنجي فيڊ پراڻين تاريخن ۾ ڪري سگهون ٿا؟ مثال طور آئون پنهنجو ڪو سنڌ سلامت وارو ليک 2010 جو هاڻي بلاگ تي ڏيان پر هجي پراڻي تاريخ ۾؟
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين سجاد علي چنا جي سکيا کي جڏهن تصويرن سان انتهائي محنت واري رنگ ڍنگ ۾ ڏٺو ته يقين ٿيم ته دوستن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي۔۔ دوستن طرفان سوال گهٽ اچڻ ڪري پڪ به ٿيم ته ڳالهه سمجهه اچي پئي ۔۔۔ پر هيل تائين پنهنجا پنهنجا بلاگ ڏيکاريندڙن جو انگ وڌيو ناهي۔۔۔ سائين رحيم بخش کي موضوع ۾ ايڪٽوِ ته ڏٺم پر اڃان تائين سائين پڻ پنهنجو بلاگ نه ڏيکاريو آهي۔۔
    دوستو محرم الحرام ڪري پنهنجيون پروفيشنل مصروفيتون عروج تي آهن۔۔۔
    ان هوندي به استاد سجاد علي چنا سان ڪيل واعدي مطابق مون کي مانيٽر جون ذميداريون ته نڀائڻيون پونديون۔۔۔
    جواب دير سان موڪلڻ جو هڪ مقصد اهو به هو ته دوست پنهنجن پنهنجن بلاگز کي ڏيکارين جنهن کان پوءِ کين پنهنجي طرفان پڻ صلاحون ڏيڻ ٿي چاهيم۔۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سائين توهان جا لک لائق جو دوستن جو همتون وڌائي رهيا آهيو۔۔ پر جي توهان هن موضوع کي سکندي ڪو بلاگ جوڙي وٺو ته دوستن جي محنت ساڀيا ٿيندي۔۔ انتظار رهندو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    پهرين ڪوشش واه جي آ۔۔۔ باقي سکڻ کي جاري رکبو۔۔ يقينن ڪجهه توهان ۽ ڪجهه اسان گڏجي ڪري جستجو ڪنداسين ته سنگت به حصو اٽڪائيندي رهندي۔۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    حيران ڪن۔۔۔ توهان طرفان ڪجهه ڏينهن اڳ ئي پڇيو ويو ته بلاگ ڇا آهي۔۔ ۽ ڪيئن ٺاهبو۔۔؟
    پر منهنجي مفصل جواب کان اڳ ئي توهان واه جو ڪم ڏيکاريو آهي۔۔۔ بهترين۔۔۔
    ڪوشش جاري رکجو۔۔۔
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  20. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    اميد ته توهان پڻ پنهنجي فتح ڏيکاريندا۔۔۔ اصل ۾ دوستن کي مجبور ڪري بلاگ ٺاهرائڻا پوندا ته جيئن سندن ۾ ڪم ڪرڻ جا جذبا اڀرن ۽ سندن سامهون جڏهن ڪيل محنت خوبصورتي سان نظر ايندي ته کين جيڪا خوشي نظر محسوس ٿيندي اها سنڌي ٻولي کي اڳتي وڌڻ جا ڏاڪا ثابت ٿيندي۔۔۔ ان ڪري بلاگ جوڙي توهان کي به ڏيکارڻو پوندو۔۔۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو