مهنجا خيال اوهان جي راين جا منتظر!!!

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ماريه ڪنول طرفان آندل موضوعَ ‏2 ڊسمبر 2012۔

  1. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    هڪ خيال

    تهنجين اتاولين اکين جڏهن به مون ڏانهن پيار جي پاٻوهه کڻي نهاريو آهي!!!
    مهنجي جسم جي وار، نانگن وانگر مهنجي جسم تي رهڙجڻ شروع ڪري ڇڏيو هو!!!
    تهنجي جسم جي خوشبو مون کي اڪيلائي جي پلن ۾ مدهوش ڪري ڇڏي ٿي!!!
    ٽٽل شيشن جي ٽڪرن تي هلي مان ته
    هنجي پيار جو امتحان ڏنو!!!
    مگر تو ان کي پهنجي سلگندڙ سگريٽ جي دونهن وانگر اڏاري ڇڏيو!!!
    نه شام ڪا گنهگار ڇوڪري آهي،
    نه صبح ڪو حرامي ٻار وانگر لڪائي ڇڏٍڻ وارو عمل!!!
    وحشتناڪ لمحن جي دوزخ لتاڙڻ جو تجربو اسان پيار وارن لا نه ڏکيو آهي نه ئي نئون!!!!!!!
    :ماريه ڪنول:
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ”مهنجي جسم جي وارن نانگن وانگر مهنجي جسم ۾ رهڙجڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا!!!
    مٿئين جملي ۾ لڳي ٿو ته ڪٿي ڪنهن درستگي جي ضرورت آهي ۔۔؟؟؟

    ++++++++
    اوهانجي خيالن جي اڏام تمام اعلا ۽ بي ڌڙڪ آهي:
    ”وحشتناڪ لمحن جي دوزخ لتاڙڻ جو تجربو اسان پيار وارن لا نه ڏکيو آهي نه ئي نئون!!!!!!!“
    جيئن:
    عاشق زهر پياڪ، وهه ڏسي وهسن گهڻو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اوهان جي خيالن جي اڏام وڻي ۔۔۔۔۔۔۔۔ باقي ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪو اديب يا شاعر ئي ڪري سگهي ٿو۔ اسان ته صرف لفظن کي ڏسون ٿا۔
     
  4. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
     
  5. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا جت غلطي آهي مون کي نشاندهي ڪري اصلاح ڪندا تاڪ اها ٻيهر نه ڌهرائيان مهرباني
     
  6. شيرين

    شيرين
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    796
    ورتل پسنديدگيون:
    3,569
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    جهول ضلع سانگهڙ
    ماشا الله ڀيڻ ماريه ڪنول توهان جا خيال پسند آيا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    مهنجي خيال سان هيئن لکڻ گهرجي ها ته جسم جي وارن نانگن وانگر رهڙجڻ شروع ڪيو آهي؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    منهنجي ڀيڻ ڪجهه بهتر ٿيو پر پوءِ به ممڪن هن طرح سان ان جملي جو مطلب صاف بيان ٿي سگهي ٿو؛
    ”منهنجي جسم جا وار، نانگن وانگر منهنجي جسم کي رهڙڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا“
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    سا جملو ته زبردست آهي مگر
    ادا نانگ اگر جسم تي هلندو ته رهڙ نه ايندي رهڙ جي سر سر ٿيندي آهي نه؟؟؟؟
     
  10. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا اگر اوهان وارو جملو هڪ لفظ کي مٽائي تمام سهڻو ٿي ويندو ، مهنجي جسم جا وار،نانگن وانگر مهنجي جسم تي رهڙجڻ لڳا۔۔
    اصلاح ڪندا اهو ٺيۡڪ اهي
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    ٍٍٍٍٍٍٍٍٍ
    جي ائين به صحي آهي ۔۔۔
    اوهان ڪهڙو لفظ لکڻ ٿا گهرو ۔۔۔۔ رڙهڻ يا رهڙجڻ ۔۔۔
    رڙهڻ جو مطلب آهي؛ سِرڻ ، چُرڻ ، کسڪڻ. ريڙهيون پائڻ. آهستي آهستي هلڻ. ۔۔۔
    رهڙجڻ جو مطلب آهي؛رُهنڊا پائڻ ، رُهِنڊَڻُ ، نُهِنڊَڻُ ، کَئِڙَڻ ، رَهِٽَڻُ ، جانڀُوٽا پائڻ. کنهڻ۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. رضوان علي جمالي

    رضوان علي جمالي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مئي 2011
    تحريرون:
    1,712
    ورتل پسنديدگيون:
    3,919
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    سرڪاري نوڪر
    ماڳ:
    سنڌ ڌرتي جو ٻچڙو آهيان
    بي باڪي پنهنجي جڳهـ تي آهي بلڪل آهي ، گڏوگڏ دليري به آهي ،
    ڇا ڪو پيغام به آهي ؟؟؟ جي آهي ته ڪهڙو آهي ؟
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  13. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    رڙهڻ
     
  14. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جي اوهان ”رڙهڻ“ لکڻ ٿا چاهيو ته پوءِ جملو ڪجهه هن طرح سان ٿيندو ۔۔۔
    ”منهنجي جسم جي وارن، نانگن وانگر منهنجي جسم تي رڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو هو“
     
  15. عتيق الرحمان

    عتيق الرحمان
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 سيپٽمبر 2012
    تحريرون:
    361
    ورتل پسنديدگيون:
    1,270
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    دخل اندازي جي معزرت اوهان جو پهرين به جملو ٺيڪ هيو ان ۾ لفظ رڙهڻ جي تبديلي جي ضرورت هئي،
    مگر تو ان کي پنهجي (سلگندڙ) سگريٽ جي دونهي وانگر اڏائي ڇڏيو
    سلگندڙ جي جاء تي پنهجو لفظ ٻرندڙ يا دکندڙ استعمال ٿي سگهي ٿو
    اوهان جا ويچار آهن جيئن اوهان سمجهو ايئن ئي بهتر آهي وري به دخل اندازي جي ادي معافي ٿو گهران،
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  16. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    هنجين اتاولين اکين جڏهن به مون ڏانهن پيار جي پاٻوهه کڻي نهاريو آهي!!!
    مهنجي جسم جي وار، نانگن وانگر مهنجي جسم تي رهڙجڻ شروع ڪري ڇڏيو هو!!!
    تهنجي جسم جي خوشبو مون کي اڪيلائي جي پلن ۾ مدهوش ڪري ڇڏي ٿي!!!
    ٽٽل شيشن جي ٽڪرن تي هلي مان ته
    هنجي پيار جو امتحان ڏنو!!!
    مگر تو ان کي پهنجي سلگندڙ سگريٽ جي دونهن وانگر اڏاري ڇڏيو!!!
    نه شام ڪا گنهگار ڇوڪري آهي،
    نه صبح ڪو حرامي ٻار وانگر لڪائي ڇڏٍڻ وارو عمل!!!
    وحشتناڪ لمحن جي دوزخ لتاڙڻ جو تجربو اسان پيار وارن لا نه ڏکيو آهي نه ئي نئون!!!!!!!
    :ماريه ڪنول:

    مٿيان ادي جا خيال آهن، مان انهن مان سهمت آهيان پر مان انهن کي پنهنجن لفظن ۾ اوتڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو۔

    جڏهن به تنهنجي اُڃاريل نيڻن پاٻوهه واري پيار جي نهار وڌي آهي ته،
    منهنجي جسم جي لون لون ۾ ڄڻ ڪنهن ڪاريهر نانگ جي چُر پُر شروع ٿي پوي ٿي،
    تنهنجي بدن جو هڳا مونکي هيڪلائي جي ساعتن ۾ مدهوش ڪري وجهي ٿو،

    شيشن جي ٽڪرن مٿان هلندي، مون پنهنجي پيار جو امتحان ڏنو،
    پر تو انهي امتحان کي به پنهنجي سڙندڙ سگريٽ جي دونهين جيان اڏاري ڇڏيو۔!!

    نه ئي شام جي لالاڻ! ڪا گنهگار ڪنواري ڇوڪري آهي،
    نه ئي ڪا باک ڦٽڻ! ڪنهن حرامي ٻار کي لوڪ کان لڪائڻ وارو عمل۔

    وحشتناڪ اذيت واري ڪِرڀ سان ڀريل دوزخ کي لتاڙجڻ جو جو تجربو
    پيار وارن لا اوکو آهي نه ڪي نئون۔!!

    منظور ڪلهوڙو۔۔


     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  17. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا منظور قرب اوهان جا مگر مان بار بار اهو ٻڌائي چڪي آهيان مون کي سنڌي ايتري سٺي  سهڻي نه ايندي آهي تمام روٽين واري سولي سنڌي ايندي اٿم انهن کي لفظن جو روپ ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان ۔۔
    ادا رضوان جمالي اگر اوهان دل جي سوچ سان پڙهندا ته ان۾ لڪيل محبت جي انتها جو سبق ضرور پر اوهان کي سمجهه۾ اچي ويندو اميد ته شاعري اها ناهي جيڪا پهنجي جذباتن تي لکي وڃي مان اڪثر خيال پهنجي مشاهدات تي لکندي اهيان
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  18. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    ادي اوهان جي به مهرباني۔۔۔ اصل شاعري ئي ته اها ليکبي آهي جيڪا مشاهدن منجهان جوڙي وڃي اسان جي سنڌ ڌرتي جي سدا حيات عظيم شاعر، ڀٽائي سرڪار به جيڪو ڪجهه به تخليق ڪيو اهو سندن جو مشاهدو ئي هيو۔۔ هٿرادو لفظ جوڙي هيڏانهن هوڏانهن جا خيال نقل ڪري شاعري ته ٿي ويندي پر اها پنهنجي اصلوڪي حالت وڃائي ويهندي پو ان شاعري ۾ اها روحاني ڪيفيت نظر نه ايندي۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  19. ماريه ڪنول

    ماريه ڪنول
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏23 نومبر 2012
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    108
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    govt empoly
    ادا منظور ڪلهوڙو شاه جي شاعري کي اڄڪلهه جي شاعري سان مهرباني ڪري منسوب نه ڪندا هو وحدانيت آهي  هي هڪ عورت جي جذبات جي عڪاسي پو اوهان ان کي ڪهڙو به روپ ڏيو مثبت  متضاد سوچ هر انسان اندر آهي  اسين انسان اصل ۾ وڏا خودغرض هوندا آهيون جتي دل چاهي اتي مرد عورت جي دوستي پيار جو لفظ ڏيئي مان ڏيندا آهيو  اگر ان محبت ۾ اسان جي ڪا ڀيڻ يا ڌي پوي ته گناهه اهو ته اسان جي مٿان آهي اوهان مڃيو چاهي نه اها زندگي جي حقيقت آهي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو