هڪڙي غلطي.... هڪڙي غلطيماضئ ۾ ڪنهن وڻ تيلکيل نالي وانگر،مون کي ياد ايندي رهي ٿي،ٿڌ جي چادر ۾ ويڙهيل ڪئين لمحا،هڪڙي ئي شروعات ۾ختم ٿيندا ٿا وڃن،ڇو تـ تون ناهين،وري ترين تي چٽيل بي معنيٰ لڪيرن تياعتبار ڪرڻ جي موسم پئي اچيالائي ڇو؟تنهنجي نانءُ سان سڀئي موسمون،مون ۾ ائين پيسجي ٿيون وڃن،جيئين سهڪندڙ ماڻهوءٌ جي ،نڙيءَ تي پاڻيءٌ جا ڦڙا..............سهڻي پارس
ڊپمان ان ڊپ کانهر خوشيء کان،ڀڄي ويندي آهيان،تـڪٿي هو مون کي مڪمل طور تي،دريافت نـ ڪري وجهي،مان سدائين اهڙو ،سمنڊ رهڻ ٿي چاهيان،جنهن جو هڪـ ڪنارو ،خود مون کان بـ اوجهل هجي...................
محبت پاڻ هِڪ وڏي غلطي آهي ادا۔۔۔۔۔مان سمجهائي سگهان ٿي پر مان نٿي سمجهائڻ چاهيان۔هر ماڻهو سمجهدار آهي۔۔۔۔
منهنجي پياري ڀيڻ !! محبت ڪڏهن به غلطي ناهي ، محبت پاڪيزه رشتو آهي ان رشتي جو تقدس جو خيال ضرور رکڻو آهي هر رشتي جو تقدس رکڻ لازمي آهي ۽ ڪنهن به رشتي ۾ حد نه اورانگهجي حد ۾ رهي ڪري هر رشتي کي ڪمال تي پهچائڻ جو نالو ئي انسانيت آهي ، جي ڪو به انسان محبت نه ٿو ڪري ته اهو انسانن ۾ نه ليکبو، عجيب ڳاله اوهان لاءِ ٿيندي ته اهو حيوانن ۾ به نه ليکبو۔ هي ڪائنات جو وجود ۾ آڻڻ به الله سائين جي محبت جو مظهر آهي
ادا توهان بِلڪُل ٺيڪ ٿا چئو۔۔۔۔ ڪاش اِها ڳالهـ هر انسان کي سمجهـ ۾ اچي۔ ۽ محبت جا جيڪي بـ رنگ آهن اُهي سمجهي سگهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
محبت اسان جو ڪئي هڪ خطا ٿي وئيڇا سزا ٻي زندگي سزا ٿي وئيوفا ڪندا رهياسين عبادتن جي طرحپوء عبادت پاڻ هڪ گناه ٿي وئيڪيترو پيارو سفر هو گڏ هئاسين او ساٿيپوء ڇا ٿيو ڇو منزل جدا ٿي وئيشوق ڪوئي چاهت ڪوئي حسرت نـ ڪا اميد آ هاڻيتون وئين تـ بس زندگي فنا ٿي وئي شاعر عابد بلوچ ديشي
ڇا مان پنهنجي محبوب کي صحيح جواب ڏنو؟ جڏهن منهنجي محبوب مونکان پڇيو تـ ڇا آزادي جي ڪا مند ٿيندي آهي؟ تـ چيم ها جڏهن ڦاهين جا ڦندا گونچ ڪڍي ڦلارجي پون. انهن ۾ ڪنڌ ڳاڙهن ٻيرن جيان لڙڪڻ لڳن.۽ ڌرتي تي ڳاڙهي پاڻي جو ريج اچي ۽ مائرون ٻارن کي سانجهي ويلي قوميت جون لوليون ڏين تـ اها مند آزادي جو اهڃاڻ هوندي آهي۔ عابد بلوچ ديشي
مختصر لفظ اوهان جي آڏو پيش ڪيان ٿو. حق آ پر هڪ آ ان ۾ نـ ڪوئي شڪ آ ميم مري ماڻ پو۽ لاالله برحق آ شيطان شمرو مردود منڪر نفس جو هو نڪ آ ڪپ ڪهاڙي سان ڪمينو شوق ڌوڏيندڙ ڌڪ آ شاعر عابد بلوچ ديشي