۽ مان تنها (شاعري) نسرين الطاف

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2013۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    ممحترما نسرين الطاف بُنيادي طور نثرنويس آهي منهنجي نظرن ۾ سندس هي پهرين شاعري گذري آهي، نثر کان هٽي ڪري فني لوازمات کان هٽي ڪري مونکي سندس فڪري اُڏام تمام بهترين لڳي، ڪالهوڪي ڪاوش ۾ سندس اها ساڳوڻي شاعري ڇپيل هُئي سانئڻ نسرين الطاف جي جيئن ته پهرين شاعري آهي سنڌياڻي شاعره آهي اسان جي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو ته سندس حوصلا افزائي ڀرپور نموني ڪئي وڃي ته جيئن شاعري جي کيتر ۾ پاڻ اڃان به گهڻي محنت ڪري سنڌ ڌر...تيءَ لاءِ پنهنجا غزل پنهنجا نظم ، پنهنجون ڪويتائون لکي ۽ سنڌ امڙ جو شان ۽ مان وڌائيندي رهي .
    غزل
    نسرين الطاف

    رات سمنڊ چنڊ هوا ۽ مان تنها
    تُنهنجي خوابن جي دنيا ۽ مان تنها
    ڪاش مُنهنجو به ڪو همراز هُجي ها
    مونکان سڄو لوڪ خفا ۽ مان تنها
    تون ايندين اٿم پڪ! جو اوسيئڙي ۾
    رستا تُنهنجي نيهار جابجا ۽ مان تنها
    تو سواءِ جيون جي چئوواٽي تي
    تي ڦران بي آس بي آسرا ۽ مان تنها
    پيار مُنهنجي ۾ نصيب دُوري ٿِي
    بيوفا سمجهين يا باوفا ۽ مان تنها
    چنڊ سرگوشين ۾ چيو “نسرين ” ڇو؟
    تون به اڄ آهين تنها ۽ مان تنها......!!
    [​IMG]






     
    9 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    نثار صاحب تمام سهڻي چونڊ کڻي آيا آهيو ۔۔۔ تمام سهڻي شاعري ۽ اوهان جي ڊزائن ته ماشاء الله تمام خوبصورت هوندي آهي۔

    چنڊ سرگوشين ۾ چيو “نسرين ” ڇو؟
    تون به اڄ آهين تنها ۽ مان تنها......!!
     
  3. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
  4. عابد بلوچ

    عابد بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 جنوري 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    719
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ايل ايل بي.
    ماڳ:
    Sukkur, Sindh
    1779 اٽيچمينٽ ڏسو

    قاسد کي پرين جو نياپو

    وکري رهيا آهن مهنهجي ذات هن کي چئجان
    ڪڏهن ملين تـ هي ڳاله هن کي چئجان
    هو ڳڏ هيو تـ زمانو همسفر هو منهنجو
    مگر هاڻي ناهي ڪوئي گڏ هن کي چوجان
    هن کي چئجان هن جي سوا۽ ڏينهن نـ ٿو گذري
    سسڪي سسڪي ڪٽِ آ رات هن کي چئجان
    هو پڪاري تـ هائي پهچي وڃان هنجي سنگ
    ناهن رهيا اهي حالات هن کي چئجان
    اگر هو پوء بـ نـ موٽي اچي تـ اي مهربان قاسد
    الاهي ڪهڙا آهن منهنجي دل جا حالات هن کي چئجان
    هر جيت مان هن جي نالي ڪيان ٿو
    شوق مڃندو آ پنهنجي هار هن کي چئجان
    شاعر عابد بلوچ ديشي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو