محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2009۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا ليمب جو يادون
    سنڌيڪار : عبدالرزاق ميمڻ
    ڪرسٽينا ليمب برطانيا جي صحافڻ اُن وقت به شهيد مُحترمه ۽ سنڌ جي سدا سُهڻي راڻي بينظير ڀُٽو سان اُن جهاز ۾ گڏ هُئي، جڏنهن 18 آڪٽوبر 2007 ۾ سندس بيمثال جُلوس تي، جھموريت دُشمنن وحشانه ۽ قاتلانا حملو ڪيو۔ جنهن جو انت بلآخر ڪربلا (راولپنڊِيءَ ) ۾ ٿيو۔ ڪرسٽنا ليمب لکي ٿي:
    ڇو نه؟ معجزه ته ٿيندا رهندا آهن-“ هي جملو بينظير ڀُٽو اُن وقت چيو هو، جڏنهن 18 آڪٽوبر 2007 جو هُوءَ دُبئي ايئرپورٽ کان ڪراچيءَ لاءِ هوءَ رواني ٿيڻ واري هُئي۔ هُن پنهنجي وَر آسف زرداريءَ ۽ ٻنهين ڌيئرن کي الله حافظ چيو، ۽ اُنهيءَ جهاز ۾ تڪڙ ۽ جلديءَ ۾ سوار ٿي وئي، جيڪو کيس ملڪ نيڪال کان پوءِ وري هڪ دفعو ٻيهر، پنهنجي پياري وطن طرف وڃڻ لاءِ ايئر پورٽ تي بيٺو هو...” آئون معجزن ۾ گَهِرو يقين رکان ٿي“ جڏنهن هُوءَ اهو چئي رهي هُئي تن هُن جو چهرو تمام جھلڪي رهيو هو... هڪ روشن چهرو.. اُن وقت هُوءَ مونکي 54 سالن بجاءِ هڪ نو عمر ۽ اُلهَڙ حسين ڇوڪري پئي لڳي. هُن جي اکين ۾، هڪ خاص قسم جي چمڪ ڀرجي آئي هُئي، ڇو ته جنرل پرويز مُشرف ۽ واشنگٽن جي بيڪ وقت رضامنديءَ سان هوءَ هاڻ ٽيو دفعو پاڪستان جي وزير اعظم بڻجڻ کي پنهنجي گرفت ۾ ٻاهر نه نڪرندي ڏسي، هن جي خوابن جي تعبير، هن جي اکين مان نروار هُئي... هُوءَ پنهنجي مُلڪ ۽ پياري وطن کي بچائڻ لاءِ هي ڏُکيو سفر ڪري رهي هُئي، وطن واپسيءَ جي انهن لمحن ۾ هُن جو جوش ۽ جُنون ڏسڻ لائق هو. هُن جا جذبات ۽ هُن جي مسڪراهٽ ڏسي ڪو به شخص اڄ جي پاڪستان ۾ موجوده زميني حقيقتن کي هڪدم آسانيءَ سان وساري سگھيو ٿي، جتي جتي خود ڪش بممباريءَ جا واقعا روزه مره جو معمول بڻيل هُئا. جتي گاديءَ واري هنڌ اسلام آباد ۾ واقع هڪ مسجد کي جنگجو ماڻُهن گھيرو ڪري رکيو هو، جيڪو صدارتي محل کان صرف ميل کن فاصلي تي آهي... جنهن جي پُر فضا واديءَ سوات جي هڪ وڏي حصي تي طالبان جو قبضو هو، جيڪو اسلامآباد کان فقط سٺ ميلن جي فاصلي تي آهي. ان کا علاوه پاڪستان جي انتهائي طاقتور فوجي ۽ انٽيليجنس ايجنسيون به بينظير ڀُٽو جون شديد مُخالفت ۾ پيش پيش هُيون. القاعده ۽ طالبان جا جنگجو ماڻهون، هُن جي خلاف ۽ موت جون ڌمڪيون ڏئي رهيا هُئا،... هُوءَ هڪ اهڙي وطن ۾ واپس پئي وئي جنهن جي سربراه فوجي جرنل پرويز مُشرف ماضيءَ ۾ هي اعلان ڪيو هو ته بينظير ڀُٽو کي هاڻ اقتدار ۾ اچڻ نه ڏينُدو.
    جڏنهن مُحترمه بينظير ڀُٽو جو جهاز ڪراچي ايئر پورٽ تي لٿو ته اخباري فوٽوگرافرن ۽ ميڊيا جي هڪ وڏي انبوه هن تاريخي ۽ يادگار لمحي کي محفوظ ڪرڻ جون ڪوششون شُروع ڪري ڏنيون. اُهي جھاز جي ڏاڪڻن سان چمٽي بيٺا هُئا ۽ هن نه وسرجندڙ لمحن جو تصويرون ٺاهڻ ۾ مشغول هُئا، جڏنهن بينظير اٺن سالن کان پوءِ پنهنجي وطن جي سرزمين تي قدم رکڻ واري هُئي. هن مونسان ڳالهائيندي هي به چيو ته جڏنهن اسان جي جهاز ڪراچي ايئر پورٽ تي لينڊ ڪيو ته مونکي اطلاع ڏنو ويو ته هزارين، لکين ماڻهون منهنجي استقبال لاءِ ميڙ ڪيو بيٺا آهن. تڏنهن مون سوچيو ته هاڻ اسانجي لاءِ پنهنجي وطن کي بچائڻ آسان ٿي پوندو.
    پر مان وڏي رنج ۽ افسوس سان هي چوان ٿي ته ڪو به معجزه رونما نه ٿيو... نه ئي ملڪ کي بچائڻ جو خواب سچو ٿيو، ڇو جو خميس 27 ڊسمبر تي ٺيڪ ڏهن ڏينهن کان پوءِ قاتل جي گوليون هُن جي ڪنڌ ۾ گهُسي هُن جي سفر کي اچتو بهاري ڇڏيو. ڪو معجزو ئي رونما نه ٿيو. بينظير ڀُٽو جي زندگيءَ جا اُهي آخري ڏينهن حسبِ معمول، نمازون پڙهڻ، ٽيليفون ڪالز ٻُڌڻ، ۽ اي ميلز ڏسڻ سان شُروع ٿيا هُئا. هوءَ هروقت پاڻ سان پنهنجو بليڪ بيري ليپ ٽاپ گڏ رکندي هُئي، جنهن مان هُوءَ پوري دنيا کي اي ميلز موڪليندي هُئي، اُن مان مليل ڪن اي ميلز مان هُن اُهي خدشا به ظاهر ڪيا هُئا ته ” جنرل پرويز جي حُڪومت ، هُن جي سيڪيريٽيءَ جا خاطر خُواه انتظام نه پئي ڪري .. بهر حال اُن ڏينهن بينّظير ڀُٽو، اسلام آباد جي سيرينا هوٽل ۾ افغانستان جي صدر حامد ڪرزئيءَ سان به ملاقات ڪئي هُئي، جيڪو ان ڳاله ڏانهن اشارو هو ته مستقبل م هوءَ ئي هن ملڪ جي سربراه بڻبي. .. اُنهيءَ ڏينهن هُنَ اسلاآباد واري گھر ۾ اڌ ماني ۽ ٻوڙ جي رسُ سان هلڪو لنچ پڻ ڪيو هو ۽ پنهنجي سيڪريٽري ناهيد خان سان جلسي عام ۾ ڪرڻ وري تقرير جي حوالي سان صلاح مشوري ۾ مصروف ٿي وئي.
    ٻن پهرن جو اڍائي بجي ٻئي سرتيون، بينظير ڀُٽو جي ٽويوٽا لينڊ ڪُروزر ۾ سوار ٿي ويون، هُن کي بِلو رنگ جي شلوار قميص پاتل هُئي، هُن پنهنجي مٿي تي اڇو رَئو اوڙهيوهو، جنهن کي هُوءَ هر هر ترڪي ڪرڻ تي وري وري مٿي تي وجھندي رهي. هُن جي ساڄي واري ٻانهن ۾ ڪافي تعويذ ٻَڌل هُئا ۽ پوءَ جڏنهن هُوءَ اسلام آباد کان ٿيندي، راولپنڊي (ڪربلا) جي مٽيءَ ۾ سٿيل پُر هُجوم روڊن تان گذرندي وئي ته راهيگرن جا هِٿ هُن کي ڏسندي فضا ۾ لهرائيندا رهيا، ۽ تقريبن ٽين وڳي ٻنپهرن جو هُوءَ راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ پُهتي. هُن جي ڪار کان علاوه صرف هڪ مرسڊيز ڪار کي لياقت باغ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني وئي، جڏنهن ته باقي سڀني گاڏين کي پُٺئين داخلي گُذرگاه تي روڪيو ويو. هُن جي ذاتي باڊي گارڊز کي به لياقت باغ ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو... هُجوم هُن کي ڏسندي ئي نعري بازي شروع ڪري ڏني ”جيئي ڀُٽو“... ”زنده آهي ڀُٽو زنده آهي“ ...”وزيراعظم بينظير“ وغيره وغيره. اُن ڏينهن بينّظير ڀُٽو جي تقرير ۾ بيحد گھڻو جوش و خروش هو... ” موجوده حُڪومت صورت حال کي سنڀالڻ ۾ بُريءَ طرح ناڪام ٿي چُڪي آهي. هي وطن اوهان جو آهي. هي وطن مُهنجو آهي. اسان کي هنَ مُلڪ ۽ وطن کي بچائڻو پوندو.“ .. هُن پنهنجي پُرجوش تقرير تقرير جاري رکندي چيو ته ” مُهنجو سمورو خاندان هن مقصد لاءِ قربان ٿي چُڪو آهي. اچو تا سڀئي پاڻ ۾مِلي جُلي ڪري وطن کي بچائڻ جو ڪم ڪريون“.. جڏنهن هُوءَ پنهنجي تقرير ختم ڪري چُڪي ته سج جون آخري ڪرڻون به آهسته آهسته مُرجھائينديون پئي ويون. شام جا پنج پئي وڳا، هوءَ پُرجوش تقرير ڪري ٿڪيل نظر پئي آئي ۽ پوءِ پنهنجي ڪار جي پُٺئين حصي ۾ اچي ويهي رهي. ناهيد ۽ مخدوم امين فهيم به اُن سان گڏ اُنهيءَ ڪار ۾ اچي ويٺا. لياقت باغ جي پُٺئين دروازي تي به عوام جو هُجوم بيٺل هو، جيڪو پوليس کي غچو ڏئي سندن موجودگيءَ ۾ اُتي پُهچڻ ۾ ڪامياب ٿي چُڪو هو.. هن هُجوم جي ڪنهن به جانچ پڙتال ۽ تحقيق و تفتيش ڪانه ڪئي هُئي، جيئن ئي بينظير جي ڪار لياقت باغ جي پُٺئين دروازي کا ٻاهر آئي، عوام جو اهُ هُجوم اُن ڪار جي گرد جمع ٿي ويو. خلاف معمول اُن جي نوجوان سيڪيورٽي گارڊز ” جان نثارانِ بينظير“ مان ڪو به اُن ڪار جي آس پاسڏيکاري نه ڏنو. عام ماڻهن جي هُجومَ، ڪار کي گھيري ۾ وٺي ڇڏيو هو. ڪو شڪ نه هو ته بينظير ڪافي ٿڪجي چُڪي هُئي پر هُن هُجوم جي پُر شور ۽ بُلند آواز نعرن ۽ عوام جي جوش کي ڏسندي، پاڻ کي قابوءَ ۾ نه رکي سگھي، اهڙي طرح جيئن ئي هُن جي ڪار وڏي رستي طرف وڌڻ لڳي، هُن سن رووف مان پنهنجو مَٿو ٻاهر ڪڍيو ۽ هُجوم جي پُرجوش نعرن جي جواب ڏيڻ ۾ مشغول ٿي وئي. اُن ئي وقت، بندوق مان ڪيل ٽن فائرن جو آواز ٻُڌو ويو، جنهن کان پوءِ هوءَ ڪار جي اندر ڪري پئي. چند ئي سيڪنڊن ۾ هڪ هولناڪ خودڪش بم جو ڌماڪو ٿيو. اُن موقع تي جام مُر نالي فوٽوگرافر بينظير جي تصويرون ڪڍڻ ۾ مصروف هو. هُن چواڻي ته هُن ٽن فائرن جا آواز ٻُڌا جنهن کان پوءِ، بينظير سن روف مان غائب ٿي ڪار جي اندر ڪري پئي. هي بندوق مان نڪرندڙ فائرن جي نتيجي ۾ ٿيو، هوءَ موقعي تي شهيد ٿي چُڪي هُئي، مون فورن پنهنجو ڪئمرا کنيو ۽ تصويرون وٺڻ شُروع ڪري ڏنيون، عين اُن وقت بم جو ڌماڪو ٿيو.
    جڏنهن بينّظير ڀُٽو فائرنگ جي نتيجي ۾، پنهنجي ڪار اندر ڪري پئي، ته ناهيد خان کي پهرين اهو خيال آيو ته شايد هُوءَ بيهوش ٿي وئي آهي. ـ مُهنجو خيال هو ته ٿڪاوٽ ۽ بي آراميءَ جي سبب کان هُوءَ بيهوش ٿي وئي آهي. هُن جو مٿو مُهنجي هنج ۾ هو ته اوچتو مُهنجا هٿَ هُن جي رت سان ڀرجي پيا“. ناهيد خان هي ڏسي ڊرائيور تي چيخڻ لڳي ته فورن اسپتال هلي، ڊرائيور ٻن ميلن جي فاصلي تي واقع راولپنڊي جنرل اسپتال جي طرف گاڏيءَ کي ڊوڙائيندو رهيو.... بينظير ڀُٽو جا حامي ۽ اسان ڊوڙندي گاڏيءَ جي تعاقب ۾ اسپتال پُهچي وياسون ۽ حامي دروازا ۽ دريون توڙي ويٽا ڇو جو هُو آپريشن ٿيٽر طرف وڇڻ لاءِ راغب هُئا جتي سرجن بي نظير جي جان بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هُئا. ۽ بي الآخر اُا منحوس گھڙي به اچي پُهتي ۽ ڇهه لڳي پنڌرهن منٽن تي هُن جي شهادت جو اعلان ڪيو ويو.
    موجود اکين ڏٺل شاهدن جو چوڻ آهي ته هُنن هڪ ننڍي، سنهڙي جُان ڇوڪري کي ، جنهنجي چهري تي هلڪي ڏاڙهي هُئي، بينظير ڀُٽو جي گاڏيءَ جي پُٺئين حصي جي بمپر تي چڙهندي ۽ پستول سان ٽي فائر ڪندي ڏٺو هو.
    جيئن ئي بينظير انهن فائرن جي نتيجي ۾ گاڏيءَ جي اندر ڪري، هُن سنهڙي ننڍي ڇوڪري پاڻ کي بم ڌماڪو ڪري اُڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ اُتي موجود ويهه کن ماڻهو موت جي منهن ۾ هلي ويا. حڪومت جيڪي وڊيو ڪلپس تيار ڪيون هيون، اُن ۾ به ۾ به هڪ شخص واضح نموني پستول لهرائيندو ڏسجي ٿو. پاڪستان پيپلز پارٽي جي هڪ اهم رڪن بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته هو بينظير ڀُٽو جي ڪار پُٺيان ايندڙ مرسڊيز ۾ سوار هو. اُن جي گاڏي بينظير جي گاڏيءَ سان تقريبن گڏ گڏ هلي رهي هُئي،. مون پنهنجي سيٽ واري دريءَ جو شيسو به لاهي ڇڏيو هو، ته جيئن بينظير تي نگاه رکي سگھان. اُن لمحي مونکي بندوق جي فائر جا آواز ٻُڌڻ ۾ آيا جنهن جي چند لمحن کان پوءِ، بم جو ڌماڪو ٿي پيو. مان بينظير ڀُٽو جي شهادت جو پهريون اکين ڏٺو شاهد آهيان. هُن جي کاٻي ڪن جي هيٺان، ڪنڌ تي گوليءءَ جي زخم جو نشان هو. ” هُن جي پيشانيءَ تي به هڪ زخم هو جيڪو تيز نوڪدار ٽڪرن جي لڳڻ سان آيو هو. مان نٿو چئي سگھان ته هُن کي گولي سامهون کان هئين وئي هُئي يا پٺيان، بهر حال هيءَ ڪنهن عام بندوق جي گولي ڪان هُئي. (انا لله و انا اليه راجعون)
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون

    مهرباني دوست عبدالرزاق، اوهانجي ٻي قسط جو انتظار رهندو ...
    shal judy hujeen
     
  3. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون

    ادا عبد الرزاق اوهان جا لک ٿورا جو اوهان محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون اسان سان ونڊيون اوهان جي اڳين قسط جو انتظار رهندو
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون

    بينظير صاحبه پنهنجي هڪ تقرير ۾ فرمايو هو ته مان ظلم و بربريت جي خلاف هن حوصلي جو سبق فاتح شام بيبي زينب بنت علي عليه السلام کان سکيو آهي
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: محترمه جي شهادت تي برطاني صحافي ڪرسٽينا لامب جو يادون

    ادا زبردست ونڊ آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو