ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

'کِل ڀوڳ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏5 فيبروري 2010۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]


    هڪ ماڻهون ڪم تان ٿڪجي گهر موٽيو۔۔۔ ۽ ٽي وي جي سامهون پيل صوفَي تي پاڻ کي ڪيرائيندي ۔۔۔ زال کي چيائين ۔۔”مون کي هڪ چانهن جو ڪپ ڏي۔۔۔۔ ان کان اڳ جو شو شروع ٿئي۔۔۔“
    سندس زال ٿڌو ساهه ڀريو ۽ کيس چانهن جو ڪپ تيار ڪري آڻي ڏنو۔۔۔
    15 منٽن کان پوءِ همراه وري رڙ ڪندي چيو۔۔۔ ”مون کي ڪجهه پٽاٽي واريون چپس ٺاهي ڏي۔۔۔۔ ان کان اڳ جو شو شروع ٿئي۔۔۔“
    زال کيس گهوري ته ڏٺو پر اٿي ريفجريٽر مان ڪجهه چپس کڻي باورچي خاني مان تيار ڪري سندس اڳيان رکيون۔۔۔۔
    هن چپس کائي ختم ڪيو ۽ ڪجهه منٽ ترسي چيائين۔۔۔۔”جلدي ڪر منهنجي کائڻ لاءِ ڪجهه کڻي اچ۔۔۔۔ بس شو ڪنهن به وقت شروع ٿي سگهي ٿو۔۔۔۔۔“
    زال کيس خونخوار نظر سان ڏسندي رڙ ڪئي۔۔۔۔”بس اڄ سموري رات تنهنجو اهو ڌنڌو هوندو۔۔۔ کائيندي ۽ ٽي وي جي سامهون شو ڏسندي۔۔۔ تون انتهائي درجي جو سست، بيڪار آهين۔۔۔۔ ڏينهون ڏينهن کائي کائي ٿلهو ۽ بي ڊولو ٿيندو پيو وڃي۔۔۔۔ تون۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔“
    همراهه ٿڌو شوڪاري ڀريندي چيو ۔۔۔۔۔ ”آخرڪار شو شروع ٿي ويو۔۔۔۔۔۔۔۔!!!“
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    ادا رشيد ڇو ٿا اسانجون ڳالهيون دنيا وارن کي ٻڌايو ۔۔۔ پر اسين به مڙنداسون ڪون شو ٿئي يا فلم يا ٿئي مارا ماري ، پاڻ کائڻ کان ڪونه مڙنداسون ۔۔۔ بک تي مرڻ سٺو آهي ڇا؟ ۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين ان شو کان ڪو بچيل به هوندو يا نه ؟
     
  4. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين صحيح ٿا چو
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    ها ها ها ها ها ها ها
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    وڃ ڙي نثار ابڙا مان سمجهيو ته اهڙا شو+ز صرف مان ڏسندو آهيان پر هتي ته سڀ نثار انهن شُو+ز جا ماريل ۽ ستايل آهن شُوز انگريزي لفظ آهي ذرا انهن جو سنڌي ترجمون ڪريو توهان جي انگريزي تمام ڀلي آهي هاڻي ڏسون توهان انهي لفظ جو سنڌي ترجمون ڪيئن ٿا ڪريو۔ اڄڪلهه سنڌي ڊڪشنري مونکان گُم ٿي وئي آهي، باخبر ذريعن کان خبر پئي آهي ته بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ جي ور چڙهي وئي آهي هاڻي اسان واري مولائڻ جيڪي به ڦاٽل ڪتاب ڏسي ٿي انهن مان باهه ٻارڻ جو ڪم وٺي ٿي فقط شُوز پراڻا سُراڻا سڀ رکيو ويٺي آهي شايد اهي شوز نثار کي ڏيکارڻ جي ڪم اچن۔۔۔۔
     
  7. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين ناز، هڪ ته سائين رشيد ڪچي ڪري موضوع تان هٿ ئي کڻي ويو آهي ۽ مٿان وري اوهان شو+ز تي زور ڏنو آهي ۔۔۔ ڇوتا اسانجو مٿو ڪچو ڪرايو ۔۔۔ ان شو+ز جون ته سنڌي ۾ ايتريون معنائون آهن جو وڃي ٿيا خئير ۔۔۔ مثلن ۔۔۔ سپاٽ+و ۔۔۔ جت+ي ۔۔۔ موچ+ڙو وغيره وغيره ۔۔۔ ڀلا اهڙيون معنائون ڪيئن وسرنديون؟

    اديبن ۽ شاعرن جا ڪتاب ٻارڻ جي ڪم اچن ته انکان وڌيڪ خوشنصيبي ڪهڙي ۔۔۔؟؟؟ جي گهر جو چلهو نه ٻاريندا ته ڪنهنجو حنئون ته ضرور ٻاريندا ۔۔۔۔!!!

    باقي اسين به مڙس ماڻهون آهيون ۔۔۔ موسم گرم ڏسي، گهر ئي ڇڏي وڃي دوستن وٽ ديرو ڄمائيندا آهيون ۔۔۔ اوهان وٽ ڪڏهن اچي نڪرون ته سمجهو ته ست خئير آهن ۔۔۔ جهونن جي پارت هجيوَ ۔۔۔ علي علي ڪونهي نه ته خبرون خئير جون گهڻيون ٿين ها ۔۔۔asul matt
     
  8. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين انهيءَ شو (تماشي) کان سواءِ گهر ۾ مزو به نه هوندو اٿوَ۔۔۔۔ شَو مطلب ته وندر۔۔۔۔
     
  9. زاهد حسين سمون

    زاهد حسين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 اپريل 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين رشيد هي اُهو ئي واقعو آهي نه جيڪو اوهان مونکي ڳوٰٰٺ ۾ ٻڌايو هو۔ ۔ ۔ ۔ ۔ ۔
     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    ادا زاهد ٻيلي ڏاهو ٿي۔۔۔۔۔۔۔ ڇو ٿو پول پڌرا ڪرين۔۔۔۔۔ :)
     
  11. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    ادا زاهد ڀُلا آهيو ، ادي رشيد جي دانهن مان خبر پوي ٿي ته اهو واقعو ٿيو هو ، ٻڌايو نه هو ۔۔۔
     
  12. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    هاڻي خبر پئي ته ادو رشيد گهر دير سان ڇو ويندو آهي،

    ادا زاهد سمان اصل واهه جو رڳ پڪڙي اٿئيس رڳو معافيون پيو وٺي هاڻي۔ khil sahihall chari
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ان کان اڳ جو شروعات ٿئي ڪجهه حاصل ڪري وٺو۔۔۔۔۔

    سائين توهان ادي زاهد کي اڳواٽ اها ڳاله سمجهايو ها ته پول پڌرا نه ڪري ها
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو