سنڌي ڪتاب پي ڊي ايف

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ غلام رسول ويسو طرفان آندل موضوعَ ‏17 سيپٽمبر 2013۔

  1. غلام رسول ويسو

    غلام رسول ويسو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2013
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    السلام عليڪم ادا مون کي حاجي احمد ملاح جو شاعري وارو ڪتاب گهرجي ڪٿي ملندو يانه ڪو ڪتاب گهر پوسٽ ذريعي موڪلي ڏي ان جي ايڊرس ڏيندا
    فون نمبر تي ايس ايم ايس ڪري ته مهرباني
    03443581761
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مان سمجهان ٿو سنڌيڪا وارن ڇپايو آهي ۽ انهن وٽان ملي سگهي ٿو

    سنڌيڪا جي ايڊريس ۽ فون نمبر

    [​IMG]
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    سنڌ امن، سلامتي ۽ شانتي جي ڌرتي آهي. جنهن ڪيترن ئي صوفين، بزرگن، عالمن مفڪرن ۽ شاعرن کي جنم ڏئي ماتا جو ڪردار امن طريقي سان نڀاهيو آهي. سنڌڙي پنهنجن سپوتن ۽ محب وطن کي سچائي ۽ ساڃاهه جي ستي پيارڻ سان گڏوگڏ محبت، اخوت، ڀائپي ۽ همدردي جهڙن قيمتي اوصافن جو دامن مضبوطي سان پڪڙڻ جي هدايت ڏيڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ۽ کين سنڌڙيءَ جا هڙئي لاڏلا سندس ماتا جي حڪم ۽ فرمان جي تابعداري ڪندي مشڪل پنڌ کي سوکو ۽ آسان بڻائي ويا آهن. انهن منجھان حاجي احمد ملاح به هڪ هو. جنهن ڪوڙ ڪپت، ٺڳي ۽ ڪٽپرڻي جهڙن موذي مرضن جون پاڙون پٽي، حق، سچ، علم ۽ ساڃاهه جي پوک پوکي.
    حاجي احمد ملاح لاڙ جي شهر بدين ۾ تڏهن اک کولي جڏهن جهالت جو جهان اڏيل هو سوين بلڪه هزارين ان نڀاڳ جي ٻيڙي تي سوار هئا. هن سماج جي ماڻهن اسلامي احڪامن جي وڏي هيراڦيري ڪئي ۽ بدعت پکيڙي حاجي احمد ملاح ته انهن سڀني ڳالهين جو ڪٽر ويري هو. بدعت جهالت جي ڪوڙن رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۽ وهمن توڙي وسوسن کان ماڻهن کي آجو ڪرڻ جي لاءِ مولانا صاحب پاڻ پتوڙيو. مولوي صاحب وڏو شاعر، متقي، پرهيزگار ۽ عالم هو. مولوي صاحب پنهنجي خطبي ۽ شاعري ذريعي ماڻهن جي دلين ۾ سجاگي جي لهر پيدا ڪئي. مولوي صاحب جو وڏو ڪارنامون سنڌي ٻولي ۾ منظوم قرآن شريف جو ترجمون آهي. مولوي صاحب پنهنجي سموري زندگي حق تعاليٰ جي وحدانيت جي پرچار ڪندي گذاري ۽ پنهنجي شاعري جي ذريعي ماڻهن ۾ خدا جي وحدانيت جو شعور ڏنو. مولوي صاحب جي هڪ مشهور شعر جو مصرع آهي ته:

    نه پالي ٿو پرور ته پالي ٿو ڪير،
    سنڀالي نه سو، پوءِ سنڀالي ٿو ڪير،
    کڻي پاٽ مان وجھي پيٽ ۾،
    نون نالين مان نڪالي ٿو ڪير.
    ليکڪ: اشرف عبدالله ميمڻ​
    سندس شخصيت ۽ شاعري جو تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو پڙهڻ لاءِ سنڌ سلامت جي هن لنڪ تي اچو۔۔۔ متان فائديمند ثابت ٿئي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. غلام رسول ويسو

    غلام رسول ويسو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 مارچ 2013
    تحريرون:
    120
    ورتل پسنديدگيون:
    103
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني ڪوشش ڪيان ٿو
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو