زيب نظاماڻي هڪ " تاثر "

'سنڌي ادب' فورم ۾ رسول بخش دائودپوٽه طرفان آندل موضوعَ ‏29 آڪٽوبر 2013۔

  1. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    تاثر

    اسان جي سنڌي ادب جي افق تي ھڪ تمام روشن ستارو نمودار ٿيل آھي پر جيڪو نھ صرف تعريف جي لائق آھي پر ان جون ڪيل سنڌي ادب لاءِ خدمتون ڳائڻ جھڙيون آھن جنھن وٽ ٻڌو آ تھ لڳ ڀڳ 26 تصنيفون آھن جيڪي گھڻي وقت کان قلمي نسخي مان ڪتابي صورت ۾ اچي نھ سگھيون آھن..افسوس آ جو اھڙي آدرشي انسان جو جيئري قدر نھ ڪري سگھياسين ..ھونءَ بھ اسان سنڌي ڪنھن ماڻھو ڪنھن شخصيت کي ان جي مرڻ کان پو ئي منڃتا ڏيندا آھيون مانگر مڇ جا ڳوڙھا ڳاڙيندا آھيون...جڏھن تھ پو ان ڀيٽا جي ان کي ڪا ضرورت نھ ھوندي آھي...ھتي اڄ مان ان شخصيت ان عڪس ان ساڻيھ جي سڪ واري مھان ماڻھون جي ڳالھ ڪريان ٿو جنھن جي سڪ سنڌ جنھن جي جاڳرتا سنڌ جنھن جي سوچن لوچن ۾ سنڌ سنڌي قوم ۽ سنڌي معاشري جي لاءِ ھميشھ تڙپ رھي آھي ان جي شاعري يا نثر سڄو جو سڄو سنڌ کان شروع ٿي ۽ سنڌ تي ختم ٿي جنھن کي سنڌ جي ھر شيءِ سان پيار پاٻوھ سڪ سلوپ رھيو آھي ۽ ھميشھ سنڌ جي آسودگي جا خوب سٽيندي رھي آھي ھن جي جاڳرتا جي جھان ۾ صرف سنڌ ئي رھي ...واھ ڇا تھ شاعري جو شوق آ ذوق آ ھڪ ضميواري سان پاڻ ملھائيندي پئي اچي ۽ سنڌ جي وڏي ۾ وڏي عورتاڻي صنف ۾ وڏي ادبي ساک رکندڙ وڏي شخصيت آھي جيئن اسان جا دوست ڪڏھن شيخ اياز کي تھ ڪڏھن استاد بخاري کي پيا ڀيٽا ڏيندا آھن مان چوندس تھ عورت اديبھ جي روپ ۾ اگر ڪا ھن دور جي وڏي قداور شخصيت آھي تھ اھا آھي محترمھ سائڻ زيب نظاماڻي جنھن جون لکڻيو پاڻ ٿيون ڳالھائن ....جنھن جو ھڪ پنھنجو سٽاءُ آ ساءُ آ سواد آ شاعري ھجي يا نثر تنھن ۾ پنھنجي الڳ حيثيت ۽ نماءَ نمودار ڪريو پئي ھلي ...واھ شمشيرالحيدري جي ھڪ تمنا ھئي تھ ڪو ڊگھو نطم جو سٽاءُ ڪرڻ گھرجي ۽ ان جي تاثر ۽ خواھش جي تڪميل ھن گھڻو اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏي ھئي لڳ ڀڳ چئن صفحن تي نظم ھن جو پڙھي جڏھن ڏٺم...سو اھا منھدار مائي سچ سان سلھاڙيل سگھڙ سياڻي آھي زيب نظاماڻي دوستن اديبن کي عرض گذارش آھي تھ ٻيلي پنھنجي ادب دوستن جو احساس ڪن ۽ انھن سان ساٿ ڏين جيڪي قلم جو پورھيو ڪري پنھنجي ھن قوم جي خدمت ڪري رھيا آھن..انھن جي حوصلھ افضائي اسان سنڌي نھ ڪنداسين تھ پو ڪير ڪندو اميد آ تھ ھن جون لکڻيون ھن جي ئي زندگي ۾ ڪتابي شڪل ۾ اسان جي معاشري کي فائدو ڏينديون ۽ اسان جا پبلشر ھن مھان مائي سان لھ وچڙ ۾ ايندا ۽ قلمي پورھي کي سھيڙي ڪارگر بنائيندا
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محترمه زيب ناظاماڻي صاحبه واقعي ئي بهترين شاعره آهي۔ سندس سان هڪ ملاقات حيدرآباد ۾ ٿي هئي جنهن ۾ لڳو ته هو ٻولي جي ترقي جي سفر ۾ سڀني سان گڏ قدم قدم سان ملائي هلڻ لاء تيار آهي۔ سندس شاعري ۽ خيال اڪثر ڪري فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت تي سائين نثار ناز جي ذريعي پڙهڻ لاء ملندا آهن۔

    رسول بخش صاحب هتي ڪهڙي پبلشرز لاء لکون ۔۔۔ سڀ جا سڀ شاعرن ۽ اديبن کان سندن ڪتاب ڇپائڻ جا پڇئسا وٺندا آهن۔ ليکڪ يا شاعر تخليقون به ڪري، گهران پئسا لڳائي ڪتاب به ڇپرائي ٿو ۽ آخر ۾ دوستن کي مفت ڪاپيون ڏئي پڙهڻ لاء موڪلي ٿو پر پوء به ڪو ڪتاب ڪونه ٿو پڙهي۔

    ياد رکو جڏهن اسان ڪتاب خريد ڪرڻ شروع ڪيا ته ڪيترائي ڪتاب ڇپجڻ شروع ٿيندا۔ اميد ته سائنڻ زيب نظاماڻي جو ڪتاب به جلد اسان کي پڙهڻ لاء ملندو۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    هن ڏس ۾ ڪتابي ميلا لڳائڻ۽ اسان جان بوڪ سيلر هر شهر ۾ هڪ سنڌي بازار جوڙي رکن ته هوند ان سان ٻيو نه ته به ٻه فاعده ضرور ٿيندا هڪ ته ڪتاب هڪ جا تي هجڻ ڪري ڳولڻ جي تڪليف نه ٿيندي ٻيو انهن کي ڏسي گهٽ ۾ گهٽ رغبت وڌندي ۔۔۔۔ادا اسان جا پڙهيا لکيا دوست جي ڪڏهن حمٿ ڪن ته هوند پنهنجا ادبي ڪتاب وڪرو ٿي سگهن ٿا اهو ائين جڏهن هر پڙهيو لکيو دوست هر مهيني ڪجه نه ڪجه ڪتاب خريد ڪرڻ پنهنجي اخلاقي ضميواري محسوس ڪندو۔۔۔۔۔۔دنيا اميدن تي قائم آ ۽ هن ڏس ۾ ڪجه سرندي وارا به سهڪار ڪري اخلق جو مظاهرو ڪري سگهن ٿا ۔۔۔۔
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. رسول بخش دائودپوٽه

هن صفحي کي مشهور ڪريو