سنڌ سلامت ڪيلينڊر 2010۔۔۔۔

'سنڌ سلامت پروجيڪٽ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏21 جنوري 2010۔

  1. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين سڀني دوستن بهترين رايا ۽ فراخ دلي جو مظاهرو ڪيو آهي سائين علي علي جن به عنايت ڪئي ڪجهه ڪلينڊر متعلق اسلامي مواد مون وٽ آهي اگر ان جي ضرورت هجي ته اوهان دوستن لاء حاضر آهي جيڪي اوهان مناسب سمجهو ان مان منتخب ڪريو ۔
    Islamic Occasion Month Date
    • شهادت حضرت سيدناعمر فاروق رضي الله تعالي عنه محرم الحرام 1
    • حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنه جي ڪربلا مين آمد محرم الحرام 2
    • عرس حضرت بابا فريد شکر گنج رحمة الله عليه محرم الحرام 6
    • شهادت حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعالي عنه محرم الحرام 10
    • وصال حضرت آدم عليه السلام محرم الحرام 11
    • وصال پير سيدنا محمد اسماعيل شاه رحمة الله عليه محرم الحرام 17
    • وصال سيدنا حضرت بلال حبشي رضي الله تعالي عنه محرم الحرام 20
    • وصال الحاج ميان محمد سليم رحمة الله عليه محرم الحرام 24
    • وصال سيدنا حضرت امام زين العابدين رضي الله تعالي عنه محرم الحرام 25
    • وصال ام المومنين سيده جويريه رضي الله تعالي عنها صفر المظفر 10
    • وصال سيده بي بي سکينه رضي الله تعالي عنها صفر المظفر 13
    • وصال ام المومنين سيده ميمونه رضي الله تعالي عنها صفر المظفر 15
    • شهادت سيدنا حضرت امام علي رضا رضي الله تعالي عنه صفر المظفر 17
    • چهلم سيدنا حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنه صفر المظفر 20
    • عرس حضرت داتا گنج بخش علي هجويري رحمة الله عليه صفر المظفر 20
    • وصال حضرت خواجه شمس الدين سيالوي رحمة الله عليه صفر المظفر 21
    • وصال اعلي حضرت امام احمد رضا خان بريلوي رحمة الله عليه صفر المظفر 25
    • وصال حضرت شرف الدين نقشبندي رحمة الله عليه صفر المظفر 27
    • شهادت سيدنا حضرت امام حسن رضي الله تعالي عنه صفر المظفر 28
    • وصال حضرت پير سيدنا مهر علي شاه گيلاني رحمة الله عليه صفر المظفر 29
    • عرس خواجه بهاءو الدين نقشبندي رحمة الله عليه ربيع الاول 2
    • وصال حضرت ميان شير محمد شرقپوري رحمة الله عليه ربيع الاول 3
    • وصال حضرت غوث علي شاه پاني پتي رحمة الله عليه ربيع الاول 6
    • وضال سيدنا امام مالک رضي الله تعالي عنه ربيع الاول 7
    • عرس ميان مير قادري رحمة الله عليه ربيع الاول 7
    • شهادت حضرت امام حسن عسکري رضي الله تعالي عليه ربيع الاول 8
    • وصال سيدنا امام احمد بن حنبل رضي الله تعالي عنه ربيع الاول 9
    • عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم ربيع الاول 12
    • وصال حضرت علاؤالدين صابري کليري رحمة الله عليه ربيع الاول 13
    • عرس حضرت قطب الدين کاکي رحمة الله عليه ربيع الاول 14
    • عرس شاه محمد غوث رحمة الله عليه ربيع الاول 15
    • وصال حضرت ميران موج دريا رحمة الله عليه ربيع الاول 17
    • ولادت سيده ام کلثوم رضي الله تعالي عنه ربيع الاول 18
    • عرس امام بري سرکار رحمة الله عليه ربيع الاول 20
    • وصال سيده رابعه بصري رضي الله تعالي عنها ربيع الاول 21
    • وصال حضرت شيخ عبدالحق محدث دهلوي رحمة الله عليه ربيع الاول 24
    • عرس حضرت بو علي قلندر رحمة الله عليه ربيع الاول 25
    • رحلت حضرت ابوطالب رضي الله تعالي عنه ربيع الاول 26
    • وصال ام المومنين سيده سوده رضي الله تعالي عنها ربيع الثاني 1
    • وصال زينب بنت خذيمه رضي الله تعالي عنها ربيع الثاني 3
    • ولادت حضرت امام حسن عسکري رضي الله تعالي عنه ربيع الثاني 10
    • عرس غوث الاعظم سيدنا عبدالقادر جيلاني رحمة الله عليه يارهين شريف ربيع الثاني 11
    • وصال الحاج ميان محمد امين رحمة الله عليه ربيع الثاني 14
    • عرس حضرت نظام الدين اولياءُ رحمة الله عليه ربيع الثاني 17
    • عرس شاه شمس تبريز رحمة الله عليه ربيع الثاني 21
    • وفات علامه محمد اقبال رحمة الله عليه ربيع الثاني 25
    • حضرت جمال الدين هانسوي رحمة الله عليه ربيع الثاني 29
    • ولادت سيده زينب رضي الله تعالي عنها جمادي الاول 5
    • وصال شاه رکن الدين رحمة الله عليه جمادي الاول 7
    • ولادت سيدنا حضرت امام زين العابدين رضي الله تعالي عنه جمادي الاول 15
    • عرس حجه الاسلام حامد رضا خان رحمة الله عليه جمادي الاول 18
    • وصال حضرت خواجه باقي بالله رحمة الله عليه جمادي الاول 25
    • عرس خواجه الله بخش رحمة الله عليه جمادي الاول 27
    • وصال حضرت خالد بن وليد رضي الله تعالي عنه جمادي الاول 28
    • وصال سيدنا امام شافعي رحمة الله عليه جمادي الثاني 4
    • وصال حضرت جلال الدين رومي رحمة الله عليه جمادي الثاني 5
    • عرس بي بي پاکدامن رضي الله تعالي عنها جمادي الثاني 7
    • وصال سيدنا امام غزالي رحمة الله عليه جمادي الثاني 14
    • ولادت با سعادت سيده حضرت بي بي فاطمه الزهراء رضي الله تعالي عنها جمادي الثاني 20
    • وصال سيدنا حضرت ابوبکر صديق رضي الله تعالي عنه جمادي الثاني 22
    • شاه عنايت قادري رحمة الله عليه جمادي الثاني 27
    • ولادت سيدنا حضرت امام باقر رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 1
    • شهادت سيدنا حضرت امام علي نقي رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 3
    • عرس مبارک خواجه معين الدين چشتي رحمة الله عليه رجب المرجب 6
    • ولادت سيدنا حضرت امام علي اصغر رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 9
    • ولادت سيدنا حضرت امام محمد تقي رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 10
    • ولادت سيدنا حضرت امام علي رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 13
    • وصال ام المومنين سيده زينب بنت جحش رضي الله تعالي عنها رجب المرجب 14
    • نياز امام جعفر صادق رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 22
    • فتح خيبر سن 7 هجري رجب المرجب 24
    • شهادت سيدنا حضرت امام موسي کاظم رضي الله تعالي عنه رجب المرجب 25
    • شب معراج رجب المرجب 26
    • وصال حضرت خواجي جنيد بغدادي رحمة الله عليه رجب المرجب 27
    • ولادت حضرت زينب رضي الله تعالي عنها شعبان المظم 1
    • رمضان جا روضا فرض تيا سن 2 هجري شعبان المظم 2
    • ولادت سيدنا حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنه شعبان المظم 3
    • وصال ام المومنين سيده حفصه رضي الله تعالي عنها شعبان المظم 4
    • ولادت حضرت عباس علمبردار رضي الله تعالي عنه شعبان المظم 4
    • وفات حضرت فضه رضي الله تعالي عنها شعبان المظم 5
    • ولادت حضرت امام قاسم بن حضرت امام حسن رضي الله تعالي عنهما شعبان المظم 7
    • ولادت حضرت علي اکبر بن حضرت امام حسين رضي الله تعالي عنهما شعبان المظم 11
    • ام المومنين سيده ام حبيبه رضي الله تعالي عنها شعبان المظم 14
    • شب برأت شعبان المظم 15
    • عرس سخي لال شهباز قلندر رحمة الله عليه شعبان المظم 18
    • وصال حضرت ميران حسين زنجاني رحمه الله عليه شعبان المظم 19
    • وصال حضرت سيده خاتون جنت بي بي فاطمه الزهراء رضي الله تعالي عنها رمضان المبارک 3
    • نزول تورات رمضان المبارک 6
    • وصال حضرت بو علي قلندر رحمة الله عليه رمضان المبارک 9
    • وصال حضرت بي بي خديجه الکبري رضي الله تعالي عنها رمضان المبارک 10
    • نزول انجيل رمضان المبارک 12
    • ام المومنين سيده ام سلمه رضي الله تعالي عنها رمضان المبارک 13
    • ولادت سيدنا حضرت امام حسن رضي الله تعالي عنه رمضان المبارک 15
    • وصال ام المومنين سيده عائشه صديقه رضي الله تعالي عنها رمضان المبارک 17
    • نزول زبور رمضان المبارک 18
    • وصال حضرت نصيرالدين چراغ دهلوي رحمة الله عليه رمضان المبارک 18
    • فتح مکه رمضان المبارک 20
    • شهادت حضرت علي رضي الله تعالي عنه رمضان المبارک 21
    • وصال مولانا حسن بريلوي رحمة الله عليه رمضان المبارک 22
    • نزول قران شريف رمضان المبارک 23
    • شب قدر رمضان المبارک 26
    • وصال الحاج ميان محمد رفيق رحمة الله عليه رمضان المبارک 27
    • عيد الفطر روزن واري عيد شوال المکرم 1
    • عرس خواجه عثمان هاروني رحمة الله عليه شوال المکرم 6
    • يوم انهدام جنت البقيع شريف شوال المکرم 8
    • وصال حضرت مادهولال حسين رحمة الله عليه شوال المکرم 13
    • شهادت حضرت سيدنا امير حمزه رضي الله تعالي عنه شوال المکرم 15
    • شهادت حضرت سيدنا امام جعفر صادق رضي الله تعالي عنه شوال المکرم 15
    • غزوه احد شوال المکرم 17
    • عرس حضرت امير خسرو رحمة الله عليه شوال المکرم 18
    • ولادت حضرت امام علي رضا رضي الله تعالي عنه ذو القعد 11
    • وصال حضرت گيسو دراز رحمة الله عليه ذو القعد 17
    • شهادت حضرت امام علي رضا رضي الله تعالي عنه ذو القعد 23
    • ولادت حضرت ابراهيم عليه السلام ذو القعد 25
    • ولادت حضرت عيسي عليه السلام ذو القعد 25
    • شهادت حضرت امام محمد تقي رضي الله تعالي عنه ذو القعد 29
    • شهادت سيدنا حضرت امام محمد باقر رضي الله تعالي عنه ذو الحج 7
    • حج شريف مکي مکرمه مين ذو الحج 9
    • عيد الاضحي قرباني واري عيد ذو الحج 10
    • شهادت شهزادگان امام مسلم رضي الله تعالي عنهم ذو الحج 12
    • شهادت حضرت سيدنا عثمان غني رضي الله تعالي عنه ذو الحج 18
    • وصال حضرت عبدالله شاه غازي رحمة الله عليه ذو الحج 20
    • وصال ام المومنين سيده صفيه رضي الله تعالي عنها ذو الحج 23
    سائين مون وٽ ته هن طرح نظر اچي ٿو ليڪن هتي صحيح نظر نه ٿو اچي سائين عبدالرشيد جن کي عرض آهي ته ان کي درست ڪندا.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    دوستو معاف ڪجو ۔۔۔۔ جو ڪافي ڏينهن کان هن طرف ڪا اڳ ڀرائي جي ڳالهه نه ٿي سگهي آهي ان جا ڪجهه سبب آهن ۔۔۔۔
    پروجيڪٽ انچارج محترم ابو واصف جي والده جي طبيعت جو انتهائي ناساز هجڻ
    اسد ڄامشورائي جي پروفيشنل مصروفيت جو امتحاني پرچن ۽ ڪاپين جي ڇپائي جي ڀرمار
    سائين نثار ناز جون گهريلو مصروفيتون۔۔۔ جنهن ڪري ڊيٽا سهيڙڻ ۾ مشڪلات۔۔۔۔
    ناچيز تي اڪثر مصروف هوندو آهي پر مون سان گڏ ڪم ڪندڙ ساٿي جو ايمرجنسي ۾ موڪل وڃڻ۔۔۔ جنهن ڪري سائين شمشير الحيدري سان ملاقات ۾ دير۔۔۔
    مٿين ٻڌايل مجبوريون عام به آهن ته اهم به ۔۔۔ ان جي باوجود ته ان ڳالهه جو احساس هر ماڻهون کي آهي ته نئون سال شروع ٿيندي هڪ مهينو گذري چڪو آهي مٿا وري پروجيڪٽ شروع ڪرڻ ۾ به دير ٿي وئي آهي ۽ وڌيڪ دير ٿي سگهي بهتر ڪاميابي نه ڏئي سگهي پر ان باوجود پروجيڪٽ تان هٿ نه کنيو ويو آهي ۔۔۔۔
    ان ڪري وس وارن کي هڪ دفعو ٻيهر ڪم اڪلائڻ لاءِ زور ڀريو ٿو وڃي۔۔۔۔
    مهرباني۔۔۔
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا سلطان نهايت ذهين ۽ معتبر شخصيت جو مالڪ آهي ۔۔۔ هن وقت پاڪستان کان ٻاهر نوڪري خاطر مصروف آهي کين جڏهن ذاتي پيغام ڪري هن پروجيڪٽ بابت سندس راءِ ۽ مددگهري ته سندن لفظ انتهائي اهم ۽ هٿي ڏيندڙ لڳا۔۔۔۔ سندن لک لائق جو انهن اهڙا مفيد مشورا موڪليا ۔۔۔۔ سندن پيغام حاضر آهي۔۔۔۔


    منهنجي ناچيز راء اها آهي ته ڪيلينڊر تي مختصر ۽ جامع مواد هجي ۽ ڪيلينڊر کي ڪيلينڊر ئي رهڻ ڏنو وڃي نه ڪي ان کي نيوز ليٽر بنايو وڃي۔

    ٻي ڳالهه ته ان کي مذهبي معلومات نه ڏيو، جيئين توهان ان کي سنڌ ۽ هند جي هندو دوستن کي به تحفو ڪري سگهو۔ان ۾ صرف سنڌ جي ڳالهه هجي۔۔ هونئن به اسلامي ڪيلينڊر جي ڪا ڪمي ڪانهي، هر شهر ۾ دستياب آهن۔

    اهم ڳالهه ته ڪيلينڊر تي ٿيندڙ محنت ۽ خرچ ته ذهن ۾ آهي ئي۔۔ليڪن اگر ڇپائي جو ٽارگٽ ۽ مقصد جي حصول لاء به ڪا حڪمتِ عملي جوڙي وڃي ته هوند محنت ساڀيان ٿيندي۔۔ منهنجي خيال ۾ اسان جو مقصد سنڌ جي تشهير آهي۔۔ اگر توهان ڪنهن دوست کي ڪيلينڊر ڏيندوء ته هو پنهنجي گهر ۾ لڳائي ڇڏيندو، ان مان ايترو فائدو حاصل ٿي نه سگهندو۔۔ سو اسان کي گهرجي ته اسان پهريان پنهنجو آبجيڪٽو پنهنجي ذهنن ۾ واضح رکون۔۔

    منهنجي راء آهي ته توهان هڪڙي لسٽ ٺاهيو، جنهن ۾ سنڌ جي تعليمي ادارن ۽ سنڌ جي هر شهر ۾ موجود پبلڪ لائبريرين کي شامل ڪريو۔۔ (هن وقت منهنجي ذهن ۾ لاڙڪاڻي جي شاهنواز لائبريري اچي پئي جتي ويهڻ جي جاء به نه ملندي هئي)

    ان کان پوءِ اتان جي ۽ تعليمي ادارن جي ڪجهه شعبن ۾ لڳل نوٽيس بورڊ تي اهو ڪيلينڊر لڳرائڻ لاء ڪوششون ڪيون وڃن ته جيئن وڌ کان وڌ نوجوانن تائين اهو ڪيلينڊر پهچي سگهي۔۔ مثال طور، سنڌ يونيورسٽي جي سينٽرل لائبريري اهڙي جاء آهي ته جتي صرف پڙهاڪو نه پر اهي نوجوان به ضرور طواف ڪندا آهن، جن کي پڙهڻ سان بخار ٿيندو آهي۔۔ ادا اسد توهان کي ٻڌائي سگهندو ته اتي لڳل نوٽيس کي گهڻا سنڌي نوجوان پڙهندا هوندا؟

    1ڄ کان چار پنج سال اڳ جي ڳالهه آهي ته ڪراچي جو هڪ ڇوڪرو هڪ سي ڊي کپائيندو هو، جنهن ۾ ڪارپوريٽ ۽ پرائيويٽ سيڪٽر مان پنجاهه هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي نالن جي لسٽ فون نمبر ۽ اي ميل ايڊريسون موجود هيون۔۔ يقينن اها معلومات هاڻ لکن ۾ هوندي۔۔

    ٻڌائڻ جو مقصد اهو هيو ته اهڙي قسم جي ڪا جامع ڊيٽابيس هٿ ڪئي وڃي، جتي ڪيلينڊر تيار ٿيڻ کانپوء ان جي اليڪٽرانڪ ڪاپي موڪلي سگهجي۔۔
    يا وري هڪ ٻيو طريقو هي به ٿي سگهي ٿو ته مختلف سائيٽس يا پورٽل تي ڳالهائي سگهجي ٿو۔۔ مثال طور ۔۔اپنا حيدرآباد جي سائيٽ اونر سان رابطو ڪري اتي به ڪيلينڊر کي لڳرائي سگهجي ٿو۔۔

    مٿي ڏسيل طريقن تي عمل ڪرڻ آسان ته ڪونهي پر ناممڪن به ڪونهي۔۔ معلومات گڏ ڪرڻ لاء محنت به کپندي ۽ وقت به لڳندو، پنهنجو ذريعا، دوستي ياري، اثر و رسوخ سڀ استعمال ڪرڻ سان ئي ڪو کڙتيل نڪرندو۔۔ نه ته ادا سائين ڪير پنهنجي شيشي ۾ بند ٿيل نوٽيس بورڊ تي ڪوغير متعلق مواد لڳائيندو؟۔۔ ان لاء ضروري آهي ته اسان جو مواد صرف سنڌ هجي، سنڌ سلامت تي ايترو زور نه هجي۔۔ مواد پُر ڪشش هوندو ته ڏسڻ ۽ پڙهڻ وارو خود بخود سنڌ سلامت ڏانهن متوجهه ٿيندو۔۔

    (دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته مٿي ڏسيل طريقا قابلِ عمل آهن ۽ انهن تي مان پاڻ عمل ڪري چڪو آهيان)

    پر جيڪڏهن توهان 10 يا20 ڪاپيون هر سنگت کي ڏئي ڇڏيون ته ڪو مقصد حاصل ڪونه ٿيندو، ها پنهنجي تسلي ضرور ٿيندي

    توهان وڌيڪ گڏجاڻي ۾ مشورو ڪري وٺو۔۔ جيڪڏهن ممڪن هجي ته اها لسٽ ٺاهيو، ۽ ان کان پوء ڪيلينڊر جي تعداد جو اندازو توهان کي ٿي ويندو ته گهڻيون ڪاپيون ڇپرائڻ کپن۔۔

    مثال طور: صرف ڄامشوري موجود يونيورسٽين جي ڪيترن شعبن تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي۔۔
    سنڌ يونيورسٽي 10 ؟؟؟
    مهراڻ يونيورسٽي 10 ؟؟؟
    لياقت يونيورسٽي 5 ؟؟؟؟
    ۽ اهڙي طرح ان فهرست کي وڌايو، لاڙڪاڻو، خيرپور، ٽنڊو آدم، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ۾ موجود يونيورسٽين ۽ ٻين آئي ٽي جي تعليمي ادارن ۾ اگر پهچي سگهجي ته ڪافي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا۔۔

    سائين نثار ناز کان معلوم ڪندا ته پريس ڪلب ۾ ڪيلينڊر جي لڳڻ سان ڪي فائدا ملي سگهن ٿا؟؟ يا سنڌي ادبي سنگت جي ڪو پليٽ فارم مهيا ٿي سگهي ٿو؟؟؟

    ۽ جيڪڏهن اسان وٽ تعداد جو مسئلو نه هجي ته سنڌ جي وڏن ادارن ۾ هڪ ڪاپي پوسٽ ڪري موڪلي سگهجي ٿي جيئن سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي لينگويج اٿارٽي، سنڌيالاجي وغيره وغيره۔۔


    ساٿ سلامت
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ڀائڙا رشيد! ادي سلطان جون ڳالهيون سون جهڙيون آهن ، مون اوهانکي شايد شروع ۾ ئي چيو هو ته سنڌ جي ثقافت سان سينگاريل ۽ اهم ڏيهاڙن سان مختصر ڪئلينڊر هجي ته بهتر رهندو ۔۔۔ هرو ڀرو تمام گهڻيون لکڻيون سونهن ۾ خرابو ڪنديون ۔۔۔

    ٻي ڳالهه جيڪا ادي سلطان چوڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ڪئلينڊر کي اهڙين جاين ۽ هنڌن تي پهچڻ گهرجي جتي گهڻي کان گهڻا پڙهيل لکيل ماڻهون هجن جيڪي سنڌ سلامت کي به سمجهي سگهن ۽ ڪئلينڊر مان فائدو به حاصل ڪري سگهن ۔۔۔ ڳالهه ۾ وزن آهي ۔۔۔ ايئن ٿي سگهي ٿو ۔۔۔ جيڪڏهن ڪئلينڊر تحفي طور ڇپرائجي ته پوءِ انکي تعليمي ادارن ۾ لائبريرن ۾ ۽ اهڙن ادارن تائين پهچائجي جت انٽرنيٽ جو استعمال ٿئي ٿو ته جيئن سنڌ سلامت جي اڱڻ تي پڻ سٺن دوستن جو اضافو ٿئي ۔۔۔

    هڪ ڳالهه ٻي جا سلطان صاحب چئي آهي ته هڪ نيٽ ورجن پڻ هجي جنهن کي ڪو دوست انٽرنيٽ ذريعي پڻ ڏسي سگهي يا لوڊ ڪري سگهي يا وري پرنٽ ڪري سگهي ۔۔۔ اها ڳالهه به لک جي آهي ۔۔۔ جي اهو ممڪن ٿئي ته اهو ڪئلينڊر دنيا جي ٻين هنڌن تائين پڻ پهچندو ۔۔۔

    مطلب ته ڳالهيون سامهون آهن، ۔۔۔ ممڪن هجي ڪئلينڊر جا ڪجهه نمونا ٺاهي دوستن کي ڏيکارجن ته بهتر ٿيندو ۔۔۔۽ اهي نمونا اوهان سميت جيڪي دوست ڪمپيوٽر جي پروگرامن تي ڪم ڪنٿا سي ڪري سگهندا ۔۔۔ باقي پاڻ ته ڍڳو پير پيران آهيون ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  5. عبدالوهاب

    عبدالوهاب
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2009
    تحريرون:
    4,157
    ورتل پسنديدگيون:
    268
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    اسٽينو ٽائپسٽ
    ماڳ:
    ڪنڌڪوٽ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سڀ کان پهريان سڄي سنگت کي اسلام عليڪم،
    جنهن ڏينهن کان وٺي هي پروجيڪٽ شروع ٿيو آهي ته هي ناچيز به تمام مصروف رهيو آهي، پوسٽ ۾ جواب دير سان ڏيڻ جي ڪري مان توهان سان معذرت ٿو ڪريان ۽ سڄي ساٿ جو ٿورائتو آهيان جنهن مونکي هر وقت ياد رکيو ته هڪ ساٿي گم آهي۔
    ادا رشيد توهان جي ڪاوشن، ڪوششن، محنتن ۽ چاهتن کي جيترو به داد ڏجي سا گهٽ ٿيندو، پر ان سان گڏوگڏ جيڪا ٻانهن ٻيلي ٿيا آهن، انهن جي کي ته آءُ سرخ سلام ٿو ڪريان،

    ڪلينڊر جو ڊزائين ڏسي ڪري تمام خوشي ٿي، مونکي ته سهڻي سنڌ جي ڏيهاڙن جون تاريخون ياد ته ناهن۔ پر مان اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌ جي سپوتن سان پروجيڪٽ جي باري ۾ رابطو ڪيو آهي، انهن کي اهو ناهي ٻڌايو ته اسان کي پروجيڪٽ جي لاءِ توهان جي مدد ٿي کپي، پر انهن کي پنهجو مشعلو ڄاڻايو آهي۔

    انهي پروجيڪٽ جي لاءِ منهنجي نظر ۾ هڪ ماڻهو آهي "محترم جناب شفيق احمد جوکيو صاحب" اگر وڏي ايڊمن ۽ ٻيا ٽيم جا سڪن انهي سان رابطو ڪرڻ چاهين ٿا ته مان توهان سان سائين جن جا نمبر پي ايم ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۔
     
  6. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين توهان سائين جن جا نمبر سائين ابوواصف ۽ سائين رشيد جن ڏانهن پي ايم ڪيو ڪافي دير ٿي چڪي آهي جيڪڏهن وقت سر ڪا معلومات جي ضرورت هجي ته فوري رابطو ممڪن ٿي پوي۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا مست جا تازا رايا۔۔۔


    ادا سائين۔۔۔۔ سلطان ڀاءُ جا مشورا لکن جي مَٽ آهن۔۔۔ ڳالهه بلڪل صحيح آهي، پر سنڌ سلامت کي هڪ عملي سنڌي فورم ٺاهڻو آهي۔۔ اسان کي پريڪٽيڪل ماحول ۾ قدم رکڻو آهي۔۔۔ ڪيلنڊر کان علاوهه منهنجي ذهن ۾ ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن، جن کي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان حقيقت جو رنگ ڏئي سنڌيءَ ٻوليءَ کي وڌيڪ ترويج ڏئي سگهجي ٿي۔۔


    ادا جيڪڏهن اليڪٽرانڪ ورزن جي ڳالهه آهي ته پوءِ ڪيلنڊر کان علاوه اسان وال پيپرز، ڊاڪومينٽريز ٺاهي به سنڌ سلامت جي لاءِ ڪم ڪري سگهون ٿا۔۔ اسان سڀ پنهنجي پنهنجي واسطي وارن ويب سائيٽن تي سنڌ سلامت جو لنڪ ڏئي سگهون ٿا ۽ بينر ڏئي سگهون ٿا۔۔
    هڪ ٻيو پراجيڪٽ جيڪو مونکي هينئر پبليڪيشن تي ڪم ڪندي ذهن ۾ آيو آهي اهو مان توهان سان شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته سنڌ سلامت کي مرڪز بڻائي اسان ڪالپوائنٽ گروپ وانگر مختلف ويب سائيٽون تخليق ڪري سگهون ٿا۔ جيئن نيوز ويب سائيٽ، ريزلٽ ويب سائيٽ، سنڌي واليپيپرس جي ويب سائيٽ۔۔۔
    پر اهي اڃان سوچن جي حد تائين آهن۔۔۔ هينئر هي ڪيلنڊر وارو پراجيڪٽ ضروري آهي۔۔۔ پوءِ ان کي اي ورجن ۽ پرنٽ ورزن ۾ جاري ڪرڻ ضروري آهي۔۔
    __________________
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    مهرباني ادا ابو واصف جن جي جنهن پنهنجي مصروفيت جي باوجود ڊزائينگ جي ڪم کي اڳتي وڌايو۔۔۔
    انهي مرحلي ۾ ڪيلنڊر جو پهريون نمونو حاضر آهي۔۔۔ جنهن تي توهان جي راين جي ضرورت آهي۔۔۔

    [​IMG]
    وڏي سائيز ۾ ڏسڻ لاءِ تصوير تي ڪلڪ ڪريو۔۔


    [​IMG]
    وڏي سائيز ۾ بهتر طريقي سان ڏسڻ لاءِ تصوير تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    منهنجي صلاح:
    • مٿين مان پهرين تصوير ڪيلنڊر جو فيس آهي جنهن ۾ موجود سنڌ جي نقشي ۾ ڪجهه ماڳ مقام پنهني بيهڪ جي لحاظ کان رکيا ويا آهن جتي سندن نالن لکڻ جي ضرورت آهي۔۔۔
    • ڪيلينڊر جو نالو سنڌ سلامت ڪيلينڊر رکيو وڃي۔۔۔
    • ٿي سگهي ته نقشي جي ٻنهي پاسن کان بارڊرس تي هڪ لائين ۾ سنڌي قومي ليجنڊس جون تصويرون ڏنيون وڃن۔۔۔
    • سنڌ سلامت جي نالي ۽ لوگو کي مٿي رکيو وڃي ۔۔۔ جڏهن ته هتي ان ساڳي جڳهه تي سائين نثار ابڙو جو لکيل نثري نظم نما مهاڳ لکيو وڃي جيڪو هر پني تي ظاهر ٿئي۔۔۔
    • باٽم لائين ۾ اجرڪ جي پٽي کان ٿورو مٿي هڪ لائين ۾ ڪيلنڊر واري پروجيڪٽ ۾ سهڪار ڪندڙن جا نالا ۽ مقام لکيا وڃن۔۔۔
    • جڏهن ته آخر ۾ رابطي لاءِ سنڌ سلامت جي اي ميل آئي ڊي لکي وڃي۔۔۔

    اميد ته باقي دوست پڻ ڪار آمد مشورا ڏيندا ته جيئن پروجيڪٽ کي تڪميل تائين پهچايو وڃي۔۔۔۔
     
  9. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين رشيد صاحب:
    حق موجود:
    سهڻا سائين، ڪم ته ڀلو ٿيو آهي ۽ جيئن ته ڪافي وقت گذري ويو آهي ۽ سال جو هي ٻيو مهينو نڪتو پيو وڃي انڪري، منهنجي خيال ۾ ته مناسب آهي ته ان ڪئلينڊر کي اوهانجي صلاحن جي مطابق حتمي ڪيو وڃي ۔۔۔ ان ڪئلينڊر جي ڇپجڻ کانپوٌ پڻ ڪجهه رايا ملندا جنکي گڏ ڪري هن سال جي آخر يعني نومبر/ڊسمبر ۾ وڌيڪ سٺي نموني سنڌ سلامت ڪئلينڊر 2011 سامهون ايندو ۔۔۔

    منهنجي صلاح:

    نالا لکجن ته بهتر ٿيندو جيئن نئين نسل جنهن اهي ماڳ نه ڏٺا آهن تن کي خبر پوي ۔۔۔ منهنجو سوال ته اهو پنو ڪيتري سائيز جو هوندو؟ ته جيئن اندازو ٿئي ته اهي تصويرون ڪيتريون وڏيون ڏسڻ ۾ هونديون؟

    جهڙي نموني سنڌ سلامت لکيل نظر اچي ٿو ته اهو ئي سٺو اظهار به آهي ۽ نالو به آهي ۔۔۔

    اها صلاح به ڪارائتي ۽ ڪئلينڊر کي وڌيڪ جاندار بڻائيندي

    [*]
    ٻنهي صورتن ۾ بهتر آهي ۔۔۔ ٻي ڳالهه ته هر مهيني ۾ ايندڙ ڪجه اهم ڏهاڙا ڪٿي هوندا؟ منهنجو مطلب ته ڇا هر پنو مٿي اٿلڻ کان پو ڀت ۾ ٽمبجي ويندو ۽ پٺيان ساڳيو سنڌ جو نقشو هوندو، ساڳيا ڦوٽو هوندا ۽ ڏهاڙن جي معلومات ۔۔۔۔ يا وري ۔۔۔ مٿي هڪ ئي پنو هوندو باقي صرف هيٺيان پنا ورندا ڏهاڙن جي معلومات سان ۔۔۔؟
    اها صلاح به ٺيڪ آهي ۔۔۔ پر جي ڪنهنجا نالا نه به هوندا ته مقصد پنهنجن نالن کي ظاهر ڪرڻو ناهي پر سنڌ سلامت کي سنڌ دوستن آڏو آڻڻو آهي ۔۔۔ باقي سنڌ سلامت جي ائڊريس ته ضرور هجي ۔۔۔

    مٺا سائين، اوهانجا خيال ۽ صلاحون ئي اسانجون صلاحون آهن ۔۔۔ بس بسم الله ڪريو ۔۔۔ نيت صاف مراد حاصل ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  10. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ماشآء الله سائين ابو واصف جن تمام پياري ڊزائين ٺاهي آهي .سائين نثار جن جي صلاح وانگر ته اوهان جي صلاح سان اسان متفق آهيون ائين ته هر فرد جي ذهن ۾ الڳ خاڪو ٺهندو پوء ته اڃا به دير لڳندي . بس الله جو نالو وٺي ڪم کي آخري مرحلي ۾ پهچايو جنهن مهيني ۾ ڪنهن خاص شخصيت جو ڏهاڙو هجي ان متعلق هِيٺ حاشيي طور ٻن ٽن سٽن ۾ معلومات هجي ته بهتر ۽ هر پيج ته ساڳيو مواد نه بلڪ نئون مواد هجي ته وڌيڪ موزون ٿيندو ۔ وڌيڪ اوهان جي راء اسان جي اکين تي آهي جيڪو اوهان جو فيصلو هوندو سو بهتر هوندو ۔
     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    جتي ڪافي سارن دوستن همت ٻڌائڻ ۾ پٺي ٺپي آهي اتي ڪافي مسئلا ۽ پريشانيون پڻ سامهون اچي رهيون آهن۔۔۔
    • منهنجي صاحب جي واپسي جا ڏينهن آهن جنهن ڪري پنهنجن سمورين اسائينمينٽس کي وائيڊپ ڪرائي رهيا آهن۔۔۔ اهو ئي سبب آهي جو مان مصروف آهيان۔۔۔
    • پروجيڪٽ انچارج محترم ابو واصف جن جي والده جي انتقال پڻ کين پروجيڪٽ کان پري ڪري ڇڏيو آهي۔۔۔
    • پروجيڪٽ جي نائب انچارج ادا مست ڄامشورائي پڻ پنهنجي بزنس ڏينهن جي ڪري مصروف آهي۔۔۔
    • سائين نثار ناز پڻ پنهنجي روز مره جي مصروفيتن ڪري پروجيڪٽ ته ٺهيو فورم کي به وقت گهٽ ڏئي رهيا آهن۔۔۔
    مٿين سمورن مسئلن باوجود مون همت نه هاري آهي۔۔۔ پروجيڪٽ سان چنبڙيل آهيان۔۔۔ڪجهه ڏينهن اضافو ڪندي هاڻي ڪيلينڊر کي پرنٽنگ تائين پهچائڻ جي تاريخ 22 فيبروري رکي اٿم۔۔۔۔ ۽ جيڪر ڪم مڪمل ٿي ويو ته انشاء الله 30 فيبروري تارخ تائين ڪيلينڊر پرنٽ ٿي ويندا۔۔۔۔
    هڪ ڳالهه ٻي جيڪا پريشان ڪري رهي آهي پنهنجي پهرين تاثر ۾ ڪا غلطي نه رهجي وڃي۔۔۔ ان ڪري ڪم جي رفتار سست پڻ آهي۔۔۔
    ۽ ڪم کي اڳتي وڌائيندي هڪ دفعو ٻيهر توهان جي راءِ جي ضرورت آهي ۔۔۔۔ سنڌ سلامت ڪيلينڊر جي چهري کي وڌيڪ چٽو ڪيو ويو آهي ۔۔۔ پنهنجي راءِ موڪليو۔۔۔


    [​IMG]
    وڏي سائيز ۾ ڏسڻ لاءِ تصوير تي ڪلڪ ڪريو


    منهنجيون ٻه صلاحون آهن۔۔۔
    • سنڌ سلامت ڪيلنڊر ۾ سال 2010 جو اضافو ڪيو وڃي
    • تصويرن کي ننڍو ڪري ٻنهي پاسن کان هڪ هل لائين ۾ رکيو وڃي جنهن جي هڪ پاسي سياسي ۽ ئي پاسي قومي تصويرون ڏينيون وڃن۔۔۔

    توهان ڇا ٿا چئو۔۔۔۔۔؟
     
  12. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    مٺڙا رشيد! اوهانجي همٿ کي سلام آهي ۽ حالتن مان اهو اندازو لڳي پيو ته ٻانهن ٻيلي همراهه ڪجه وڌيڪ مصروف آهن ۔۔۔ بلڪ مون ته اهو سمجهيو هو ته دوستن جي راءِ شايد 2011 تي وڃي بيهندي پر اوهان آهيو جو ان ڪم کي ڪري رهڻ واري وچن تي قائم آهيو ۔۔۔
    اسين ته اهو ئي چاهيون ٿا ته اوهين دوست ماشاء الله قابل آهيو ۔۔۔ ۽ اوهانجي صلاحيتون پڻ سهڻيون آهن ته پڪ سان ڪئلينڊر به وڻندڙ ٺهندو ۔۔۔ مون وٽ اها ڏنل تصوير کلي نٿي ۔۔۔ نه ته ڪجهه وڌيڪ چئجي ها ۔۔۔
    ٻيون سڀ ڳالهيون ته سمجهه ۾ آيون، پر هي ٻه ٽوٽڪا سمجهه ۾ نه آيا ۔۔۔؟؟؟
    فبروري جي 30 تاريخ تي ڪئلينڊر آيو ته پنهنجي پونئر به ڪونه ڏسندي شايد!!!:D
    ٻي جملي ۾ شايد اوهان 2011 چوڻ ٿا چاهيو ۔۔۔ منهنجي خيال ۾ جي ايئن هجي ته اضافي خوبي ٿيندي ۔۔۔ ۽ ساڳيو ڪئلينڊر ٻن سالن تائين ڪارآمد ٿيندو ۔۔۔

    آخر ۾ ائين چئبو ته پنهنجي ڪم دوارن وقت ڪڍڻ ڪو سولو ڪم ناهي پر اوهانجي ان همٿ شايد اهو ثابت ڪرڻ واري آهي ته ”همٿ مردان مدد خدا“
    دعائن ۾ گڏ
    sindhsalamatsaathsal
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين اوهان جي ڳالهه وانگر 30 فيبروري پڙهي مونکي به سمجهه ۾ آيو ته سائين عبدالرشيد تمام ؓگهڻو مصروف آهي يا وري پاڻ پنهنجي حرفت سان سنگت جي ڌيان کي متوجهه ڪرڻ لاء اها خوشطبعي ڪئي اٿن بهرحال سنگت کي عرض آهي ته سائين جي سڏ تي جلدي سندن ساٿ ڏين ته جيئن ڪم پنهنجي آخري مرحلي مان نڪري اچي ۔
     
  14. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    آخر ڪار محنتن رنگ لاتو ۽ اسان جو پهريون پروجيڪٽ تيار ٿي ويو۔۔۔ ان سلسلي ۾ مڙني دوستن جي مهرباني جن گهٽ يا وڌ ساٿ ڏنو۔۔۔۔ پر خصوصن ادا ابو واصف جن جو جنهن روز روز منهنجا نرم ۽ سخت جملا برداشت ڪيا۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته هي خالص سندن ئي محنت آهي ۔۔۔ جن ۾ هنن جي بي انتها مصروفيت، والده جي وفات ۽ ڀاء جي بيماري باوجود سندن ڪوشش ۽ جستجو جو نتيجو آهي۔۔۔ سندس جي اهڙي مهرباني جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي۔۔۔۔
    ڪيلينڊر جو چهرو حاضر آهي۔۔۔۔ ديوار تي لڳائيڻ سان هي حصو مٿيان هوندو۔۔۔۔

    [​IMG]

    جڏهن ته مڪمل ڪيلنڊر تصويري شڪل ۾ حاضر آهي۔۔۔ تصوير کي وڏو ڪري ڏسڻ لاءِ تصوير تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔۔

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    جڏهن ته هي ڪيلينڊر جو پويون حصو آهي۔۔۔ هن ۾ جتي سنڌ سلامت بابت سائين نثار ابڙو جو لکيل نثري نظم موجود آهي اتي جن دوستن پنهنجي سهڪار ۽ ڪيلينڊر ۾ هٿ ونڊائڻ جي حامي ڀري آهي انهن جا نالا ڏنا ويا آهن۔۔۔ هتي مان انهن دوستن کان معزرت گهرندس جيڪي ڪنهن سبب ڪري نالا ظاهر نه ڪرڻ چاهين پيا۔۔۔

    [​IMG]

    دوستو هن پروجيڪٽ تي خرچي جو اندازو مختلف پرنٽنگ پريس جي ريٽ معلوم ڪرڻ کان پوءِ جيڪو لڳايو ويو ان مطابق جيڪڏهن 500 ڪيلينڊر ڇپرائجن پيا ته ڪل خرچو لڳي رهيو هيو 18750 روپيه ۔۔۔ جنهن مطابق في ڪيلينڊر لڳ ڀڳ 38 روپيه پئجي رهيو هو۔۔۔۔
    پر دوستن جي مشورن کان پوءِ ڪيلينڊر جي ڇاپن جو تعداد وڌائي 1000 ڪيو ويو ۔۔ ان حساب سان ٽوٽل خرچو 27500 اچڻو آهي جنهن مطابق في ڪيلينڊر لڳ ڀڳ28 روپيه ايندو۔۔۔۔ ان ڪري 1000 ڪيلينڊر ڇپرائي في ڪيلينڊ 30 روپيه رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي۔۔۔

    اهو فيصلو ڪرڻ جو سبب اهو به هيو ته ڪافي دوست ڪيلنڊر کڻڻ کانسواءِ ئي هن نيڪ ڪم ۾ حصو اٽڪائڻ جا خواهش مند هئا۔۔۔ جن جا لک ٿورا ۽ احسان پڻ آهن۔۔۔

    هتي انتظاميه جي سڀني ميمبرن کي اڳتي وڌڻ جي دعوت ڏيان ٿو ۽ سڀ کان پهريان مان قدم اڳتي وڌائيندي 100 ڪيلينڊر کڻڻ جي ذميداري کڻان ٿو۔۔۔
    ادا زاهد سومرو جي طرفان پڻ 60 ڪيلنڊر کڻڻ جو اعلان آهي۔۔۔ باقي دوست بهتر رهندو ته پاڻمرادو والنٽيئر طور هتي اعلان ڪن ۽ پنهنجي رقم اڳواٽ هيٺين بينڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائين۔۔۔۔

    عبدالرشيد سمون
    اڪائونٽ نمبر 02013202419
    عسڪري بينڪ لميٽيڊ، مين برانچ، آئي آئي چندريگڙهه روڊ ڪراچي۔۔۔
    Abdul Rasheed Samo
    Account No. 020103202419
    Askari Bank Limited, Main Branch, I I Chundrigarh Road, Karachi
     
  15. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سائين اوهانکي مبارڪ هجي جو اوهان آخر پنهنجي مشن کي مڪمل ڪري ورتو 30 ڪيلينڊر جي رقم انشآء الله مان ادا ڪندس الله اوهان جو حامي و ناصر سائين ابو واصف جن جي محنت کي به سلام آهي سڄي سنگت کي الله تعالي خوش رکي جن هن ڪم ۾ تعاون ڪيو ۽ هر وقت مدد جي حامي ڀريندا رهيا۔
     
  16. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا ابوزين جي مهرباني
     
  17. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    دوست رشيد تمام سٺو ڪئلينڊر ٺهيو آهي، اوهانجي محنت ۽ ادي ابو واصف کي جس هجي جو آخر ڪم پورو ڪيو اٿوَ ۔۔۔ ادي ابو واصف کي اسان پاران واڌايون ضرور چئجو ۔۔۔
    1۔ ڇا ڪئلينڊر ڇپجي تيار ٿي ويو آهي يا پئسن جي گڏ ٿيڻ کانپوءِ ڇپبو؟
    2۔ چپجي ويو آهي ته 200 ڪاپيون منهنجي گهر پهتيون ٿين ۔۔۔ 200 ڪئلينڊرن جا پئسا به منهنجي گهران ورتا وڃن ۔۔۔
    3۔ ۽ جي اڃان به وٺڻ وارن جي ڪمي بيشي هجي ته آگاهي ٿي ڇاڪاڻ ته پاڻ کوٽي اڌيءَ ۾ ڀاڱيوار آهيون ۔۔۔

    سنڌي ثقافتي ۽ تاريخي ڪئلينڊر آهي ۔۔ ڪجهه پاڻ رکبا ۽ ڪجه دوستن يارن، رشتيدارن کي تحفي طور پيش ڪبا ۔۔۔ ۽ ڪجهه تعليمي ادارن ۽ لائبريرين ۾ پڻ ٽنگائبا ۔۔۔

    sindhsalamatsaathsal
     
  18. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا مون کي ڪيلينڊر ته ڪونه کپن پر ادا مان اوهان جي اڪاونٽ ۾ 250 ڪئلينڊرن جا پئسا جمع ڪرائي ٿو ڇڏيان ۽ اڃا به سنگت سان کوٽي واڌي ۾ گڏ آهيون ۔
     
  19. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    ادا علي علي،shabash
    ادي علي علي (جي اجازت ڏئي ته) ۽ ڪجهه سندس جي حصي جا ڪئلينڊر سنڌ جي ادارن، سنڌ جي سياسي پارٽين، سنڌ جي لائبريرين ۽ اهم اسڪولن ڪاليجن ۽ سنڌ جي اهم شخصيتن کي ڪاپيون موڪليون وڃن ۔۔۔ ته منهنجي خيال ۾ سٺو رهندو ۔۔۔
    sindhsalamatsaathsal
     
  20. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سنڌ سلامت پروجيڪٽ۔۔۔۔

    سلام سنگت کي

    دوستو ادا رشيد ۽ ابو واصف جن کي مبارڪون جن هيتري ساري محنت ڪري اهو ڪارنامو سر انجام ڏنو آهي مان انهن دوستن جي محنت کي سلام ڪريان ٿو افسوس جو مان جاب ليس آهيان نه ته اڌ کان وڌيڪ ڪاپيون خريد ڪري سڀني دوستن کي تحفو پيش ڪريان ها پر تنهن هوندي به مان 50 ڪلينڊرن جي ذميواري کڻان ٿو جيڪڏهن اڃان به ضرورت پئي ته مان کوٽي وڌي ۾ ٻڌل آهيان ڇو جو هي هڪ والنٽير ڪم آهي

    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو