معدي جي تڪليف

'سنڌ سلامت هوميو پيٿڪ ڪلينڪ' فورم ۾ غفوررند طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2014۔

  1. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا آصف چارڻ صاحب اسلام عليڪم ، ھن فقير جو ب مرض ٻُڌو ۽ مھرباني ڪير ڪو علاج ٻڌايو ؟ مون کي معدي جي تڪليف آھي جيڪڏھن ڪو گرم کاڌو کاوان ٿو مثلا مڇي، ڪڪڙ کاوان ٿو ت گيس ، بدھضمي ۽ الٽي ٿئي ٿي ۔ توھان مھرباني ڪا دوا تجويز ڪيو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    مون کي وري تيزابيت (Acidity) ٿئي۔۔ ڪڏهن ته شدت سان ڳلو ورتل لڳي ۔۔۔ هڪ دوست جي مشوري سان هجمولا (ڪينڊي) کائڻ لڳس ته ڪجهه فرق محسوس ٿيو۔۔۔ پر هڪ دفعي دوست منظور ڪلهوڙو جي مشوري تي Gaviscon سرپ وٺي پيڻ لڳس ته ڪجهه عرصي تائين شڪايت ختم ٿيندي رهي۔۔۔

    [​IMG]

    وڌيڪ لاءِ ڊاڪٽر صاحب جي مشوري جو انتظار رهندو۔۔۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    تيزابيت اڄ ڪلهه هر ٻئي ماڻهو کي آهي جو اسان جا کاڌا ڪجهه اهڙي قسم جا ٿي ويا آهن۔ ان لاء ڪافي دوائون آهن ليڪن ڊاڪٽر صاحب جن جيڪو مشورا ڏيندا اهو ئي بهتر رهندو۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    سائين غفور رند صاحب
    معدي جي تڪليف لا ڪجھ سوال موڪلي رهيو آهيان ۔ انهن جا جواب موڪليو ته جيئن صحيح دوا تجويز ڪري سگهجي۔

    1۔ اها تڪليف ڪڏهن کان وٺي آهي ؟
    2۔ ڇا توهان کي قبضي جي به شڪايت آهي ؟ جي ها ته سدائين رهي ٿي يا وقتي طور تي ؟
    3۔ پنهنجي ماني کائڻ جا وقت ٻڌايو
    4۔ معدي ۾ ڦٽ ته ڪڏهن نه رهيو آهي نه منهنجو مطلب ڪڏهن السر جي تڪليف ته نه رهي آهي نه ؟
    5۔ ڇا هن وقت ڪنهن ڊاڪٽر جي دوا استعمال ڪري رهيا آهيو ؟
    6۔ اُلٽي ڪڏهن ڪڏهن اچي ٿي ادا ؟

    سائين انهن سوالن جا جواب موڪليو ته علاج ڪريون۔۔۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏12 جنوري 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز قريشي

    ممتاز قريشي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 جنوري 2013
    تحريرون:
    1,481
    ورتل پسنديدگيون:
    5,965
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    پيڊياٽرڪ سرجن.
    ماڳ:
    قاسم آباد حيدرآباد
    ڪجهه ڏينهن لاڳيتو مذهبي بحث مباحثن ۾ مصروف رهڻ جي ڪري صحت بابت ڪا نئين ڄاڻ ڏئي نه سگهيو آهيان۔
    اڄ معدي جي تڪليف بابت پڙهي خيال آيو آهي ته معدي جي تيزابيت تي به ڄاڻ ڏيڻ گهرجي۔
    هوميو پيٿڪ جي علاج سان گڏوگڏ اها معلومات به مفيد رهندي۔
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2014
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين معاف ڪجو ڪجهه ڏينهن لاڳيتو مذهبي بحث مباحثن ورا مضمون پڙهندي معدي جي تڪليف ٿي پئي آهي ۔۔۔۔ انڪري اوهان جي مضمون جو شدت سان انتظار آهي۔
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    سليمان وساڻ چئو ته آئون ڪهاڙا وهايان۔ ڇو ته مون وارا ڌڪ ٻيو نه ته ٻه ٽي منٽ جو وقتي فائدو ڏيو وڃن۔
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين اسلام عليڪم اميد ت خيريت سان ھوندو عرض ت مان توھان کي تفصيل سان ٻڌايان ٿو اٽڪل سال پھرين سياري جي موسم جي ڪري مون ( آنا ) ناشتي ۾ استعمال ڪيا ، ڪو ٽي چار ڏينھن ،ھڪ ڏينھن مون صبح جو گيھ کاڌو ۽ ڏينھن جو ھوٽل جي ڪڪڙ کاڌي ، ان کان پو مون کي چڪر اچڻ لڳا مٿي ۾ سور مون مٿي جو سور سمٍجھي گوري ورتي ۽ شام ڌاري الٽي آئي تنھن کان پو سڪون مليو تنھن کان پو مون ڊاڪٽر کي ڏيکاريو ان دوا لکي 1 ليووپريڊ 2 نيبل 3 اسٽروجن 4 اينٽاميزول تنھن کان پو طبيعت بھتر ٿي ان کان پو مان کاڌي ۾ احتياط ڪندو آھيان خاص ڪري آنو ، مڇي ، ڪڪڙ ،گيھ وغيره باقي قبضي مون کي ڪڏھن ڪڏھن ٿئي ٿي ۔ ماني جا وقت صبح جو ناشتو چانھ ماني ،ماني اڻمکيل ،ڏينھن جو 2 بجي ۽ رات جو 8 بجي ۔ھيئنر ھمدرد جي سيرپ ( تن سک ) پيان ٿو سا ب ڪڏھن ڪڏھن ۔توھان ڪا دوا تجويز ۽ مشورو ڏيو جئين مستقل فائدو ٿئي ۔۔۔۔۔۔
     
  9. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    ھوالشافي۔۔۔
    سائين منهنجا توها ن لاءِ هيٺيون دوائون تجويز ڪيان ٿو.

    1. CARBO VEGETABILIS 30 چار ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ هر مانيءَ کان 15 منٽ پهريان

    2. NUX VOMICA 30 چار ڦڙا دوا اڌ ڪوپ پاڻيءَ ۾ هر مانيءَ کان 15 منٽ پوءِ


    رک (پرهيز)

    تريل شيون، ديڳ جو ڀت، آچار، بادي ڀاڄيون وغيره

    توهان پاڻي تمام گهڻو استعمال ڪيو ادا.

    ادا هي دوا DR.WILLMAR SCHWABE CO GERMANY وارن جون وٺجو مهرباني ڪري.


    ياد رهي ته هي دوا بنا ڪنهن وقفي ساڻ کائجو. متان هڪ ڏينهن کائو ۽ ٻه ڏينهن نه کائو پوءِ معيار ڏيو. دوا 20 ڏينهن تائين کائي مونکي آگاهي ڏيندا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏15 جنوري 2014
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. غفوررند

    غفوررند
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 آڪٽوبر 2013
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    168
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ادا سائين ٺيڪ آھي انشاالله دوا وٺي کائيندس ۔ مير پورخاص ۾ ڪو اسٽور ٻڌائجو جي ڄاڻ ۾ ھجي ت ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ لک قرب توھان جا
     
  11. Dr. Asif Jamal Charan

    Dr. Asif Jamal Charan
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏20 ڊسمبر 2013
    تحريرون:
    173
    ورتل پسنديدگيون:
    721
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Network Administrator and Computer Programmer
    ماڳ:
    Dadu, Pakistan
    پيارا اُتي جي ايتري خبرگيري ڪونهي توهان پاڻ معلومات وٺو نت حيدرآباد پري ڪونهي۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو