عطا محمد ڀنڀرو : ليکڪ، مترجم ۽ سنڌ جي تاريخ کي سهيڙيندڙ ڪردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2014۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    عطا محمد ڀنڀرو : مترجم ، ليکڪ ۽ سنڌي تاريخ جو سهيڙيندڙ
    ناليوارو محقق، اديب ۽ مترجم عطا محمد ولد محمد بخش ڀنڀرو پهرين فيبروري 1936ع تي ڳوٺ بچل ڀنڀري، تعلقي سوڀيڍيري ضلعي خيرپور ميرس ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ حمزي رڪڻائيءَ جي پرائمري اسڪول ۾ حاصل ڪيائين ۽ انگريزيءَ جا پهريان پنج درجا ان وقت جي اي.وي اسڪول هڱورجا ۾ پاس ڪيائين . جڏهن ته مئٽرڪ ٺري ميرواهه جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪري پوءِ خيرپور ميرس جي ممتاز ڪاليج مان بي.اي جي ڊگري ورتائين. ايل.ايل.بيءَ جي تعليم لاءِ ايس.ايم لا ڪاليج ڪراچيءَ ۾ اچي پڙهيو. قانون جي ڊگري حاصل ڪري وڪالت جي شروعاتي مشق گمبٽ جي وڪيل هادي شيخ سان گڏ ڪيائين. جڏهن ته نامياري وڪيل ۽ مشهور شاعر شيخ اياز سان گڏ هن 1970ع ڌاري ڇهه مهينا ۽ 1980ع ڌاري پڻ ڇهه مهينا وڪالت جي پرئڪٽس ڪئي.

    عطا محمد ڀنڀري 1967ع ڌاري ”هوشو“ رسالو جاري ڪيو، جنهن بعد ڊي. پـي. آر لاڳـو ٿـي. ”هـوشـو“ رسـالـي جـو آخـري پـرچــو 1974ع ۾ شـايـع ٿـيـو ۽ انهــيءَ ئــي عـرصـي ۾ ڀـنـڀـري صـاحـب جــون ڪهـاڻـيــون ۽ لکڻيون ”هوشو“ سميت ٻين رسالن ۾ ڇپجنديون رهيون. 1980ع ڌاري هن ايراني ٻاراڻي ادب جو هڪ ڪتاب ترجمو ڪيو ۽ ائين انگريزي ۽ روسي ٻولين مان پڻ ٻاراڻي ادب جا بهترين ڪتاب ترجما ڪيائين. هن 1983ع ۽ 1986ع واري ايم.آر.ڊي تحريڪ جي شهيدن تي شاعري به تخليق ڪئي. 1989ع ڌاري عطا محمد ڀنڀرو حيدرآباد ۾ اچي رهيو ۽ ساڳئي سال هن ”هينري ڪزنس“ جو ڪتاب ”سنڌ جا قديم آثار“ نالي ترجمو ڪيو ۽ ائين هن ترجمي جي فن کي باقاعدي معمول بڻايو، هن وقت تائين هو هڪ سؤ کان وڌيڪ ڪتاب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي، جن مان ڪي مختلف ادارن وٽان ڇپيا ۽ ڪجهه اشاعت جا منتظر آهن.

    هن جاکوڙي شخص جا ترجمو ڪيل هيٺيان ڪتاب شايع ٿيا آهن: (1) ڀٽ جو شاهه، ايڇ. ٽي. سورلي (سنڌيڪا: 1992ع)، (2) سنڌو لکت ۽ ٻولي، ايس. آر. راءُ (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1994ع)، (3) سنڌ جو مهراڻ، ايڇ. جي. راورٽي (سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو:1995ع)، (4) سنڌو لکت جون بين القوامي لکتن سان لاڳاپو، جي. آر هنٽر (سنڌي ٻوليءَ جو باختيار ادارو: 1995ع)، (5) سنڌ ۾ قديم کنڊرن جي کوٽائي، اين. جي. محمدار (سنڌي ادبي بورڊ: 1997ع)، (6) سنڌوءَ جو سفر، اليگزينڊر برنس (سنڌيڪا:1998ع)، (7) سنڌ ۾ انگريزن جي حڪمت عملي، ڊاڪٽر ايڊرين ڊيورٽي (سنڌيڪا: 1998ع)، (8) سنڌو شينهن درياهه، جيئن فيئرلي (سنڌيڪا: 1999ع)، (9) سنڌ بابت انگريزن جي حڪمت عملي، سي. ايل. ماڙيوالا (سنڌ تحقيقي بورڊ: 1999ع)، (10) حرگوريلا جنگ، ايڇ. ٽي. لئمبرڪ (نيو فيلڊس پبليڪيشن: 2000ع)، (11) سنڌ جي تاريخ مؤرخن جي زباني، ايڇ. ايم. اليٽ (نيشنل بڪ فائونڊيشن اسلام آباد:2000ع)، (12) سڪندر جي ڪاهه، ايرين (روشني: 2000ع)، (13) سنڌ جي فتح، ليفٽيننٽ آئوٽرام (سنڌيڪا: 2001ع)، (14) سنڌوءَ جو موهه، جنرل سرجارج ميڪمين (سنڌ تحقيقي بورڊ: 2002ع)، (15) تاريخ جا سبق، ول ڊيورانٽ (روشني:2002ع)، (16) سنڌ جا قديم آثار، هينري ڪزنس (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (17) ٺٽي جا اسلامي درسگاهه، ڊاڪٽر احمد حسن داني (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (18) ٺٽي جا ڪاتب، محمد عبدالغفور (سنڌي ادبي بورڊ:2004ع)، (19) سنڌ جيئن مون ڏني، ٽي. پوسٽنس (سنڌيڪا: 2005ع)، (20) سنڌوءَ ڪناري وساريل شهر، مائيڪل جينسن (سنڌيڪا: 2005ع)، (21) سنڌ ڏکويل ماٿري، رچرڊ برٽن (روشني پبليڪيشن: 2006ع)، (22) سنڌ هند جي قديم جاگرافي، ليگزينڊر ڪننگهام (سنڌي ادبي بورڊ:2007ع) وغيره.

    انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانه جي ٿورن سان

    _______

    ياد رهي ته سندس ادبي خدمتن عيوض کيس 2012 ۾ صدارتي اوارڊ براء حسن ڪارڪردگي سان نوازيو ويو پر پاڻ سنڌ حڪومت پاران ٻٽي نظام ۽ سنڌ سان ٿيل نا انصافين سبب احتجاجن ان اوارڊ کي ٺڪرائي ڇڏيو.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏1 فيبروري 2015
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سنڌ جي تاريخ سهيندڙ عطا محمد ڀنڀري جي جنم ڏينهن تي سنڌ سلامت پاران کيس سلام پيش ڪيون ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو