عورتن جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان هڪ ننڍڙي نياڻيء صبا ملاح

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏14 آگسٽ 2014۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    عورتن جي عالمي ڏينهن جي نسبت سان هڪ ننڍڙي نياڻيء صبا ملاح (جنهن جو تعلق سجاول سنڌ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ سان آهي ) جي نيو يارڪ ۾ هڪ هال ۾ 400 معزز سامعين (جي سامهون عورتن جي حقن .خصوصا سنڌ ۾ ننڍي عمر جي شاديء جهڙي حساس موضوغ تي ڪيل تقرير تي ڀرپور پسنديدگي ۽ تاڙين سان داد مليو. سنڌي لهجي سان ڪيل انگريزي ء ۾ لکيل تقرير ايتري ته پر اثر لهجي ۾ ڪيائين جو سڃو هال اٿي بيهي تاڙيون وچائيندو رهيو .معصوم صبا ملاح جي اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها تري آيا .”سڀ اٿي بيٺا مون لاء تاڙيون وڄايائون جو مون روئي ڏنو“
    هي نياڻي ان وقت پنهنجي ننڍڙي ڳوٺ کان ڏه هزار ڪلو ميٽر پري سنڌي نياڻين سان ٿيندڙ نا انصافين خلاف آواز اٿارڻ جا خواب پنهنجين معصوم اکڙين ۾ سجائي آئي هئي ۽ دنيا وارن کي ٻڌائي رهي هئي ته اڄ به سنڌ ۾ نياڻي سڀ کان وڌيڪ بد نصيب آهي .. جا نياڻي هن وقت مشڪل سان 8 درجا پاس ڪري سگھي آهي.سابه سنڌ جي موجوده تعليمي معيار موجب انگريزي لکڻ ته پري پڙهڻ به مشڪل هوندو آهي .هيڏي وڏي فورم تي ڏه منٽ جي تقرير ڪڙڻ واقعي قابل داد آهي.سندس خواب آهي ته مان قانون دان ٿي سنڌ جي عورت جي حقن لاء وڙهان ....صبا ملاح جنهن لاء ڪجھ ڏينهن اڳم نيو يارڪ جو سفر خواب وانگر هئو پر ساڀيان ٿيو .....جهڙي طرح سڀ مشڪلاتن باوجود صبا اٺ درجا پاس ڪيا اميد آهي هن معصوم جا سڀ خواب سڄ ثابت ٿيندا .اسان طرفان سندس لاء ۽ سندس بزرگ والد لاء جيڪو سجاول جو هڪ ريٽائرڊ تيچر آهي احترا۾ ڀريو پيار ۽ نيڪ خواهشون .سلام امڙ سنڌ ....سلا۾ نياڻي
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو