مون جڏهن لطيف گهوٽ کي جڏهن جلاوطن ٿيڻ لاءِ سفر جو سامان ٻڌندي ڏٺو، تڏهن چيم “ تو مٿان مُلڪ مڙيوئي گهوريان، تون سنڌ ڇڏي ڪيڏانهن ٿو وڃين ؟ لطيف سائين وراڻيو : اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون اٺئي پهراٿن، سعيو ڪنهن سفر جو، سائينءَ کي عرض ڪيم “ توکانسواءِ ننگر ۽ ناڙيون، بندر ۽ بازاريون سڃا ٿي ويندا “ وراڻيائين “ منهنجو ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾، نيزاري ڪندي چيم ، “ تون ويندي اسان کان سنڌ ويندي “ ڏک، ارمان ۽ تڪليف وچان لطيف سائين چيو : “ سنڌ ۾ اڄ سنڌي ٻوليءَ خلاف آواز اُٿيو آهي، سڀاڻي ڪاٺ ڪهاڙا کڄندا، ان کا اڳ جو سنڌي ٻولي سنڌ مان نڌڻڪي ٿي نڪري ، مان اڳواٽ جلاوطن ٿيڻ ۾ ڀلائي ڀانيان ٿو، “ترس نئين نسل جو آواز ٻڌ، مون لطيف سائينءَ کي التجا ڪندي چيو “ توکي پنهنجو فيصلو بدلائڻو پوندو، سکر پار کان اياز جو آواز ٻڌين ٿو ، سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان ، مٽي ماٿي لايان ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين توکي چشمن چايان گيت بہ مون وٽ تنهنجا ماتا، بيت بہ تنهنجا ڀانيان تنهنجي مٽيءَ منجھ ملان جي ، آءٌ امرتا پايان سنڌ ديس جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نمايان لطيف سائين ترسي توهان ڏانهن ڏٺو آهي،نيئين نسل ڏانهن ڏٺو آهي، لطيف جي ٻولي ۽ لطيف جو وطن توهان وٽ سندس امانت آهن، توهين سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا رکپال آهيو امر جليل ڪتاب لهندڙ سج جي لام
هنن لفظن کي پڙهڻ کان پوءِ جيڪا پيڙا منهنجي دل ۾ ٿي شايد ٻئي ڪنهن کي ٿي هجي بيشڪ سائين جون لکڻيون امر آهن