ٽڪرا ٽٽل صليب جا (ڪتاب ):

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    [​IMG]

    ٽڪرا ٽٽل صليب جا (ڪتاب ):
    هي ڪتاب ناليواري شاعر شيخ -اياز- جي نثري شاعريءَ تي مشتمل آهي، جنهن جو پهريون ڇاپو، سڳنڌ پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران زيب سنڌيءَ نومبر 1984ع ۾ شايع ڪيو. ڊيمي سائيز جي 110 صفحن تي مشتمل پهرئين ڇاپي جي قيمت 35 روپيا هئي. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، -اياز- جي ٻئي هڪ ڪتاب ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ سان گڏيل صورت ۾، ڊيمي سائيز جي 266 صفحن تي مشتمل، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد پاران 1991ع ۾ ڇپايو ويو، جنهن جي ڪچي جلد جي قيمت 60 روپيا ۽ پڪي جلد جي قيمت 80 روپيا آهي.
    پهرئين ڇاپي ۾ ”ڳالهيون“ عنوان سان زيب سنڌيءَ لکيو آهي ته ”شيخ -اياز- جا ڪيترائي نوٽبڪ آهن، -جن- ۾ هن جي مطالعي ۽ مشاهدي جا نوٽ ورتل آهن، -جن- مان اڪثر نظري نظم جي صورت ۾ آهن. انهن مان ڪن ٽڪرن کي مجموعي تاثر نظم جو آهي، ۽ ڪي هن جي وسيع مطالعي ۽ مشاهدي جو مختصر لفظن ۾ نچوڙ آهن.
    ٻئي گڏيل ڇاپي جو انتساب، شيخ -اياز- پنهنجي پياري دوست مرحوم ع. ق. شيخ جي نالي ڪندي هيٺيون شعر ڏنو آهي:
    ”شال سڀاڻي جهول ڀري،
    جي به لُريءَ ۾ لوچي ويا،
    تن کي ڪوئي ياد ڪري!“
    هن جا ٻه اکر لکندي، شيخ -اياز- لکي ٿو ته: ”منهنجا نثري نظم جا ڪل ٽي ڪتاب ڇپيا آهن: ’-پتڻ ٿو پور ڪري-‘، ’-ٽڪرا ٽٽل صليب جا-‘، ۽ ’واٽون ڦلن ڇانئيون‘ (جنهن ۾ ڪجهه منظوم نظم به آهن).
    دراصل ٽنهي ڪتابن ۾ ڏنل نثري نظم، منهنجن ڪيترن نوٽبڪن -تان- ورتل آهن، -جن- ۾ مان پنهنجي مطالعي کان پوءِ ناول، ڪهاڻين، شاعريءَ ۽ ٻين ڪتابن -تان- ڪجهه ٽڪرا نوٽ ڪري ڇڏيندو هوس ۽ نوٽ ڪندي ڪنهن مهل پنهنجا ڪيئي اصل نثري نظم به ساڳين نوٽبڪن ۾ لکي ڇڏيندو هوس. ترجمي وارن ٽڪرن تي ڪٿي اصلي مصنفن جا نالا ڏنل هوندا هئا. ”-ٽڪرا ٽٽل صليب جا-“ ۾ شامل منهنجي منظوم شاعريءَ ۾ ته هڪ سٽ به ترجمو نه آهي.... ڪجهه سٽن ۾ منهنجي نوٽبڪن جا ترجما اچي ويا آهن.“
    حوالو؛ انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا مان کنيل.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 ڊسمبر 2014
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو