موڪلن ۾ نينگر اسانجو ڇا ڪَري؟

'مقالا' فورم ۾ سائل مهراڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2014۔

  1. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    موڪلن ۾ نينگر اسانجو ڇا ڪَري؟
    الطاف شيخ
    حيدرآباد ۾ منهنجا ناناڻا آهن جن سان تعلق رکندڙ سوٽ، ماسات، ڀائيٽا ڀاڻيجا.... هڪ وڏو خاندان آهي. انهن مائٽن مان هڪ جي گهر ۾ منهنجو ٽي چار ڏينهن رهڻ ٿيو. هنن جي هڪ ڇوڪري انٽر جو امتحان ڏنو هو .... بلڪه امتحان جي رزلٽ به نڪري چڪي هئي ۽ هن جي مائٽن کي قوي اميد هئي ته هن کي مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽي ۾ داخلا ضرور ملي ويندي. هن جي مائٽن يعني والدين ڇوڪري جي پهرين ڏينهن ئي مون سان ڏاڍي تعريف ڪئي جيڪا ٻڌي مونکي به خوشي ٿي ته اسان وٽ اهڙا ئي ڇوڪرا هجڻ کپن.... پر ٽي ڏينهن رهڻ دوران هن ڇوڪر جي مونکي هڪ ڳالهه بنهه نه وڻي. رات جو جنهن وقت به اک کلي ته هي همراهه ڪمپيوٽر تي فيس بڪ کوليو ويٺو آهي يا ان تي پتي راند پيو کيڏي. رڌڻي مان ڪڏهن ڪا شيءِ کڻيو ويٺو کائي ته ڪڏهن چپس يا چونئرن جي ٿيلهي کولي ويٺو چَري. ٻي، اڍائي ٽي بجي ڌاري ٿي ستو. صبح جو ظاهر آهي اٿڻ جو نالو نٿي کنيائين. آئون روز صبح جو نيرن ڪري حيدرآباد ۾ رهندڙ ڪجهه سڃاڻن سان ملي ٻارهين هڪ بجي اچان ته به ستو پيو آهي. پوءِ ٻي بجي ڌاري اٿي پهرين چانهه ۽ پوءِ هيوي لنچ کائي رموٽ هٿ ۾ کڻي ٽي وي جي سامهون هڪ صوفا تي اڌ گابرو ليٽي گانا ۽ فلمون ڏسڻ جو سلسلو شروع ٿي ڪيائين ته رات ٿي ٿي وئي ۽ پوءِ وري ڪمپيوٽر جو سلسلو ـــ مونکي لڳو ٿي ته سگريٽ جو به شوق ڪيائين ٿي. ماءُ ۽ ننڍا ڀاءُ ڀيڻ سندس اڳيان اهڙا خذمتگار ٿيو پي هليا ڄڻ هن انٽر جي امتحان ۾ سٺيون مارڪون کڻي اهڙا ڪي ڦاڙها ماريا آهن جو هن جو رتبو پير مرشد کان به اتاهون ٿي ويو آهي.
    سندس ماءُ جيڪا منهنجي اولاد برابر ٿئي ان کي نيٺ آخري ڏينهن تي چيم ته ”پٽ هي آهي ڇا؟!“
    ”انڪل ڇا ڪريون يونيورسٽي ۾ داخلا ۽ سيمسٽر شروع ٿيڻ ۾ ته اڃان ٻه مهينا پيا آهن“، هن جي ماءُ وراڻيو، ”هن ملڪ ۾ ته ڪجهه آهي به ڪو نه جو هو وڃي دل وندرائي.“
    مونکان ٽهڪ نڪري ويو. ”ڳالهه ٻڌو هڪ ته هن ملڪ ۾ گهڻو ڪي ڪجهه آهي ۽ ٻيو ته هيءَ عُمر ڪا هن جي دل وندرائڻ جي ناهي. پنهنجي مستقبل جي زندگيءَ کي بهتر بنائڻ لاءِ هن کي وقت وڃائڻ بدران ڪو هنر سکڻ کپي.... جيڪو ٿي سگهي ٿو کيس اڳتي جي زندگيءَ ۾ ڪم اچي سگهي.“
    ”توهان ئي کڻي ٻڌايو ته هن کي سمجھايان ته ائين ڪري.“ هن پڇيو.
    ”آئون ڪجهه چوندس ته توهان دل ۾ ڪندائو پر سچ اهو آهي ته جسماني طرح توهانجي سُست پٽ کي کپي ته ٻيو ڪجهه نه ته حجامڪو ڪم کڻي سکي..... ان ۾ ڀڄ ڊُڪ ۽ محنت به گهٽ آهي. مونکي ڏاڍو افسوس ٿيندو آهي ته ڪاش جي زندگي موٽي اچي ۽ پوءِ ڀلي اها ئي زندگي ري پلي ٿئي پر انٽر بعد وارن ٻن ٽن مهينن جي موڪلن ۾ آئون جيڪر حجامڪو ڪم به سکي وٺان ها.“
    هوءَ اهو ٻڌي وائڙي ٿي وئي پر ٻي گهڙيءَ ان کي چرچو سمجھي کلڻ لڳي.
    ”انڪل توهان ڪهڙيون ته ڳالهيون ڪريو ٿا.“
    ”پٽ! آئون بلڪل سيريس آهيان. ڪو چرچو نٿو ڪريان. جيتوڻيڪ منهنجي والد منهنجو اهو موڪلن وارو وقت پنهنجي پَر ۾ ڪارائتو ڪرڻ لاءِ مونکي هڪ موٽر مڪينڪ وٽ ڪم تي لڳايو ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان جو فائدو مونکي جهازن جي انجنيرنگ جي تعليم دوران رسيو جو مونکي گئريج ۾ ڪم ڪرڻ ڪري انجڻ جي مختلف پارٽس جي اڳواٽ آئيڊيا ٿي وئي هئي ۽ مونکي ڪلاس روم ۾ ليڪچر سمجهه ۾ اچي ويندا هئا.“
    ”پر انڪل توهان حجامڪو ڪم سکڻ جي ڇو ٿا خواهش ڪريو؟“ ڇوڪري جي ماءُ پڇيو.
    ”بابا حجامڪي ڪم جي ته ڳالهه ئي نه پڇو! اسان وٽ ان کي عيب سمجھيو وڃي ٿو پر ولايت ۾ ته حجام جي وڏي لئه آهي.“ مون ٻڌايومانس.
    جپان يا آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جِتي جهاز جي ترسڻ ڪري گهڻي خوشي ٿيندي هئي اتي وار وڏا ٿيڻ تي باربر شاپ ڏي رخ ڪرڻ کان گھٻرائبو هو. هينئر به سَستي سَستي هيئر ڪٽ ته به آمريڪا ۾ ڏيڍ هزار رپين کان گهٽ ناهي ۽ ساڳي ريٽ جپان ۾ آهي. ڪوشش ته اها ئي ڪندا هئاسين ته ڪنهن سوڊان يا موزمبق جهڙي آفريڪي ملڪ ۾ جهاز پهچي ته اتي هيئر ڪٽ ڪرائجي يا پنهنجي ملڪ موٽي اچي.
    بهرحال جهاز جي نوڪري دوران ته وري به پگهار سٺو هجڻ ڪري ايڏي ٽينشن نٿي ٿي پر سئيڊن ۾ ٻه اڍائي سالَ تعليم دوران هيئر ڪٽ پٺيان ايترو پئسو وڃائڻ تي ڪڏهن به دل نه چاهيو. سئيڊن ۾ هيئر ڪٽ جو اگهه آمريڪا ۽ جپان کان به مٿي آهي پر اهو آهي ته اتي ڪي اهڙا به دڪان آهن جتي سيکڙاٽ ڇوڪريون فقط ڏيڍ هزار رپين ۾ جهڙي تهڙي هيئر ڪٽ ڪري وٺنديون هيون، اتي اسان جي يونيورسٽي جا ڪيترا ويٽنامي، چيني ۽ سنگاپوري شاگرد جن کي هيئرڪٽ ڪرڻ آئي ٿي اهي به انهن مان ملي هفتي جا موڪل وارا ٻه ڏينهن گراهڪن جا وار لاهيندا هئا ۽ ٻن ڏينهن ۾ ويهه هزار رپين کن جا ڪرونا (سئيڊن جا پئسا) ڪمائي وٺندا هئا. نه رڳو آئون پر منهنجا ٻئي پاڪستاني ڪلاس ميٽ اهوئي چوندا هئاسين ته ڪاش سئيڊن اچڻ کان اڳ اسان به هيئر ڪٽ سکي اچون ها. مٿين چيني شاگردن مان هڪ ته پنهنجي سال جي حجامڪي ڪمائيءَ مان سيڪنڊ هئنڊ ڪار به ورتي.... ۽ اسان ڏٺو ته هن جي زندگي اسان کان بهتر گذري ٿي.
    دراصل ڳالهه اها آهي ته ڪو به هنر سکڻ عيب ناهي. اهو اسان جهڙن پٺتي پيل ماڻهن جي دماغَ ۾ ويهي ويو آهي ته پورهيو ڪري حق حلال جو نه کائجي باقي گهٽ پگهار تي روينيو جهڙي کاتي ۾ ڪلارڪ ٿي ڪم ڪجي جو اتي رشوت جو پئسو آهي.... اتي عوام جي زندگيءَ سان راڱا ڪري پنهنجو کيسو ڀري سگهجي ٿو.... آئون سنڌ جي هڪ ٻن شهرن جي ڪجهه اهڙن ماڻهن کي به سڃاڻان جن ڊاڪٽري يا انجنيري ڇڏي ڪسٽم، ايڪسائيز ۽ روينيو جهڙن کاتن ۾ ڪلارڪي ڪرڻ قبول ڪئي ۽ هاڻ پئسن سان کيسا ڀري خوش نظر اچن ٿا.
    مونسان گڏ هڪ بنگالي ڪلاس ميٽ هو تنهن فقط ٻه سال جهاز جي نوڪري ڪئي ان بعد نظر نه آيو.... هن کي سمنڊ تي سي سڪنيس ڏاڍي ٿي ٿي. ايتريقدر جو اسانکي به ڏک ٿيندو هو جو هو هڪ غريب جو ٻارُ هو. انٽر تائين هن پورهيا ڪري اسڪولن جي في ۽ ڪِتاب ٿي ورتا. هو پنهنجي چاچي وٽ سلهٽ ۾ چاٻيون ٺاهڻ ۽ تالا کولڻ جو ڪم ڪندو هو. پر محنتي ۽ هوشيار هجڻ ڪري نه فقط اسان واري اڪيڊمي لاءِ چونڊجي ويو پر اسڪالرشپ به مليس. هن جا ڄڻ ڏک درد ختم ٿي ويا. پر قسمت جا ليکا به عجيب ٿين ٿا. تعليم مڪمل ڪري جهاز تي آيو ته هن لاءِ سمنڊ تي هڪ هڪ ڏينهن عذاب ٿي پيو.... ۽ پوءِ اسان هن بابت نه ٻڌو..... هن جهازن جي نوڪري شايد ڇڏي ڏني.
    اٺ نو سالن بعد هڪ دفعي منهنجو جهاز سنگاپور پهتو ته هي بنگالي ڪلاس ميٽ مونسان ملڻ لاءِ جهاز تي آيو..... بلڪه مونکي ۽ منهنجي فئملي کي اها شامَ گهمائڻ لاءِ پنهنجي ڪار ۾ وٺي هليو..... ۽ پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائين ته اڄ کان 8 سال کن اڳ جڏهن هن سامونڊي نوڪري کان استعيفا ڏني ته کيس سنگاپور ۾ پاڻي جي جهاز تان لاٿو ويو ۽ کيس ڪمپني طرفان پنهنجي وطن بنگلاديش موٽڻ جي هوائي ٽڪيٽ ڏني وئي. فلائيٽ ۾ ٻن ڏينهن جو گئپ هو سو ڪمپني طرفان کيس هوٽل ۾ رکيو ويو.
    ”اهي ٻه ڏينهن سنگاپور جي گهٽين جا چڪر هڻندي مونکي هڪ چاٻين ٺاهڻ واري جو دڪان نظر آيو“، هن ٻڌايو، ”مون هن جي مالڪ سان ڳالهه ڪئي ته مونکي هي ڪم اچي ٿو تون مونکي پاڻ وٽ رکندين؟ هن منهنجو ٽيسٽ وٺڻ لاءِ هڪ ٻه تالا ڏنا ته هنن کي کولي ڏيکاريان.“
    اسانجي جهازي دوست ٻڌايو ته هو ان ڪم ۾ ته تمام ماهر هو سو چيني دڪاندار هن مان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ هن کي يڪدم نوڪري ڏنائين.
    ياد رهي ته سنگاپور ۾ ڪار جي يا گهر جي چاٻي گم ٿي وڃي ته چاٻي ٺاهڻ واري کي فون ڪرڻ سان هو يڪدم پهچيو وڃي پر هن جي في تمام ڳري ٿئي ٿي. ان جو احوال پنهنجي سنگاپور واري سفرنامي ”سنگاپور ٿو سڏ ڪري“ ۾ به لکي چڪو آهيان.
    ”چيني دڪاندار ٻه سال کن مونکي پگهار تي رکيو“، اسان جي بنگالي دوست ٻڌايو، ”ان بعد هڪ نئون دڪان وٺي ڀائيواري سسٽم ڪيوسين.... ۽ هاڻ شڪر آهي جو اڄ پنهنجي ڪار اٿم ۽ شهر جي سٺي علائقي ۾ فلئٽ اٿم..... ٻار هتي جي اسڪولن ۾ پڙهي رهيا آهن.“
    سو يارو! هنر سکڻ يعني هٿ جي پورهئي ۾ ڪو نقصان نه آهي ۽ اهو فقط اتي عيب سمجھيو وڃي ٿو جِتي جا ماڻهو جاهل آهن ۽ احساس ڪمتري جو شڪار آهن..... مونکي هر دفعي انڊيا وڃي ان ڳالهه جو شديد احساس ٿيندو آهي ته ڇو ڀلا ٻئي ملڪ ساڳي ننڍي کنڊ ۾ هوندي اسان وٽ هنر ۽ پورهئي کي عيب سمجھيو وڃي ٿو پر انڊيا ۾ هندو توڙي مسلمان نوجوان ٽهي پڙهائيءَ کان علاوه ڪنهن نه ڪنهن ڪرت ۾ به رڌل نظر اچي ٿي!
    For the travelogues of Altaf Shaikh pl. visit
    Altafshaikh.com.pk
    محترم الطاف شيخ جي فيس بوڪ ٽائيم لائين تان کنيل
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سائل مهراڻ

    سائل مهراڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    839
    ورتل پسنديدگيون:
    1,155
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    مٺي ،ٿرپارڪر، ، سنڌ
    سائين الطاف شيخ جا ڪالم گهڻن ماڻهن کي اچرج ۾ وٺي ڇڏين ٿا پر سائين جو صلاحون تمام بهترين آهن.
    سائين جا هر ڪالم مان اخبار ۾ پڙهندو آهيان يا فيس بوڪ تي هنن ڪالمن مان هميشه تمام سهڻي نصحيت به ملي ٿي ته ڄاڻ به
    سائل مهراڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون

    عمران فقيرسنجراڻي پاٽويون
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 سيپٽمبر 2013
    تحريرون:
    176
    ورتل پسنديدگيون:
    334
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    433
    ڌنڌو:
    گاه پٺو
    ماڳ:
    پاٽويون
    ڏاڍو وڻيو
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو