طويل نظم اريشا پريت چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

'سنڌي شاعري' فورم ۾ areesha طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2014۔

  1. areesha

    areesha
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    طويل نظم

    اريشا پريت

    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    تنهنجي يادن کي دل ۾ سهيڙي سگهان ٿي
    تنهنجي قولن تي اعتبار ڪري سگهان ٿي
    تنهنجي ڪري لوڪ سان لڙي سگهان ٿي
    تنهنجي قدمن تي سر جهڪائي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    ڏس نيڻن ۾ پنهنجي عڪس منهنجو
    شامل ڪري ڇڏ مون سان وجود پنهنجو
    تولئه ڇڏينديس پرايو پنهنجو
    تنهنجو هر حڪم اکين تي رکان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    جيڪي لکيا ها تو مون کي خط
    چمي اکين تي رکيم سي خط
    روز ڏسان ٿي تنهنجا اهي خط
    اهي خط دل ۾ سانڍي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    منهنجي لبن تي سمايل تنهنجي خوشبو
    فضا مان آئي مون کي تنهنجي مهڪ
    جتان گذرين اتي سمائجي تنهنجي مهڪ
    تنهنجي مهڪ ساهن سمائي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    ڪجهه يادون آهن هن شهر ۾
    کلياسين رناسين هن شهر ۾
    ملياسين وڇڙي وياسين هن شهر ۾
    هن شهر کي ڪيئن ڀلائي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    وڻ مان آخر ڇڻياسين پن وانگر
    ڪٿي ته وکري وياسين پن وانگر
    صحرائن ۾ اڏرياسين پن وانگر
    پن وانگر ڇڻي وکري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    سگريٽ جيان دکندا رهياسين
    بڻجي خاڪ وري وسندا رهياسين
    ڪڏهن دکندا ڪڏهن جلندا رهياسين
    دکي دکي وسائجي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    روئي اسان گهريون دعائون تولئه
    پنهنجون ننڊون ڦٽايون تولئه
    ڪيئي سجدا اسان ڪيا تولئه
    توکي سجدا ڪري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    تنهنجي شهر ۾ متل هو ڪو ميلو
    جوڙا ڪيئي ڏٺم جت لڳل هو ميلو
    لڙڪ لڙي پيا جڏ ڏٺو مون ميلو
    اکڙين مان لڙڪ هاري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    تو کان پوءِ اڄ هيون سنسان ڳليون
    روشن هيون پر اجنبي لڳيون ڳليون
    پنهنجي هوندي به پرايون لڳيون ڳليون
    تن ۾ کڻي ٻيهر نه اچي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    تنهن ويل تنهنجي لبن تي هئي مرڪ
    موهي ڇڏيئي جنهن سان تنهنجي هئي مرڪ
    وسري نه سگهي مونکان تنهنجي معصوم مرڪ
    لبن تان مرڪ ختم ڪري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    ڇهيو هو توکي ان ويل منهنجي زلفن
    موهي ڇڏيو هو توکي منهنجي زلفن
    توکي قتل به ڪيو هو منهنجي زلفن
    ڪيئن اهي پل وساري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن تو کان وڇڙي سگهان ٿي

    وڇڙڻ وقت رنو هو آسمان
    ڪٿي آ پرين منهنجو اي آسمان
    جدائيءَ جو منظر ڏٺو هو آسمان
    ڪيئن منظر اهي ڀلائي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    اڄ به دل مهنجيءَ ۾ آ تصوير تنهنجي
    ڪتابن جي ورقن ۾ رکيل آ تصوير تنهنجي
    جتي به ڏٺو نظر آئي تصوير تنهنجي
    ڪيئن اهيو عڪس مٽائي سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي

    جياري اسان کي ماريندي رهي دنيا تنهنجي
    هٿ سان زهر جو جام ڏيندي رهي دنيا تنهنجي
    ڌار ڪري اسان کي خوش ٿيندي رهي دنيا تنهنجي
    ڀلا ڪيئن دنيا جا ٿورا وساري سگهان ٿي
    چوان ڪيئن توکان وڇڙي سگهان ٿي.
     
    11 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    واھ واھ.. منفرد خيال.
    ادي توهان جي نظم ۾ سنڌسلامت تي ڪاما (،) فل اسٽاپ ۽ تعجب جي نشاني جي کوٽ نظر اچي پئي. انهي کي دُرست ڪريو ته جيئن پڙهندڙ نظم کي صحيح نموني پڙهي سگهن.
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    بهترين نظم
     
  4. MUHAMMAD ASIF BROHI

    MUHAMMAD ASIF BROHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 مارچ 2013
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    323
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    173
    ڌنڌو:
    زمينداري
    ماڳ:
    سرهاري،شهدادپور ضلع سانگهڙ
  5. زاھد حيدر ملاح

    زاھد حيدر ملاح
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏21 جنوري 2014
    تحريرون:
    215
    ورتل پسنديدگيون:
    463
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    اسسٽنٽ لائيبريرين ، انڊس يونيورسٽي، ڪراچي ، سنڌ
    ماڳ:
    ڪراچي ، سنڌ
  6. راشد علي چانڊيو

    راشد علي چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 جولائي 2014
    تحريرون:
    788
    ورتل پسنديدگيون:
    1,065
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ماڳ:
    ضلو دادو تحصيل ميهڙ، وليج مٿيون عاليوال،
    بهترين نظم آهي
     
  7. منصور ميراڻي

    منصور ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    153
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڄامشورو
    اميد آهي ته اريشا پريت ايندڙ وقت ۾ نمايان شاعره ٿي اڀرندي
     
  8. areesha

    areesha
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 ڊسمبر 2014
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    52
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    مهرباني
     
  9. ڪامران عنايت بلوچ

    ڪامران عنايت بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 مارچ 2011
    تحريرون:
    20
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    223
    ڌنڌو:
    سنڌي ليڪچرار، ريڊيو آرٽسٽ، شاعر
    ماڳ:
    جاڏي ڪاڏي.
    ايڏي معصوميت...............! واھ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو