فيض گنج ۾ گيس جي سهولت وٺڻ لاٰءِ شهرين طرفان گذريل ڏهن ڏينهن کان مسلسل احتجاج جاري!!!!!!!!!

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Nadeem Hussain Chang طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2015۔

  1. Nadeem Hussain Chang

    Nadeem Hussain Chang
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مينيجر يوٿ آف سنڌ
    ماڳ:
    Pacca Chang, Sindh, Pakistan
    [​IMG]
    فيض گنج ۾ احتجاج ته ڪا نئي شئي نه آهي پر هي احتجاج فيض گنج جي تاريخ جو پهريون احتجاج آهي جيڪو شهرين طرفان بنيادي سهولت حاصل ڪرڻ لا لڳايو آهي جيڪو گذريل ڏهن ڏينهن کان جاري آهي .پر افسوس جي ڳاله اها آهي ته ڏهن ڏينهن کان جاري هن احتجاج کي ختم ڪرائڻ لا نه ڪو چونڊيل نمائيندو نه ئي وري ڪو حڪومتي يا پيپلز پارٽي جو ڪو اڳواڻ وٽن پهتو روزاني بنياد تي لڳندڙ هن ڌرڻي ۾ صبح ٿيندي ئي شهري پهچي وڃن ٿا ۽ گيس ڏيو گيس ڏيو جا نعرا لڳائيندا رهن ٿا هتان گذرندڙ هر شخص جي نظر جو محور پڻ رهن ٿا 1921 ۾ قائم ٿيندڙ هن تعلقي جي آبادي 1998 مطابق 2 لک 85 هزار آهي پر انيڪ مسئلن کي منهن ڏئي پيو ان جو مکيه سبب اسانجي سياسي اڳواڻن طرفان نذرانداز ڪرڻ چئجي سياسي انتقام جو نشانو چئجي ته غلط نه هوندو هن تعلقي جي سياست تي سيد خاندانن ۽ ٻانڀڻ قبيلي جو قبضو رهيو آهي جن هميشه هن علائقي جي مسئلن کي پنهنجي انا جي ور چاڙهي ڇڏيو هن تڪ تي ايم اين اي رهندڙ عبدالقادر شاه جيلاني ڪڏنهن به هن علائقي جي مسئلن تي ڌيان نه ڏنو ان کان پو هن تڪ جي واڳ پير صدرالدين شاه راشدي جي هٿ اچي وئي جيڪو پير پاڳارو ستون جو پٽ ۽ موجوده پير پاڳاري جو ڀا آهي مسلسل چوٿون ڀيرو هن تڪ جو ايم اين اي رهندڙ سائين اليڪشن وقت ته وڏا واعدا وچن ڪري ويندو آهي پر کٽڻ کانپو عوام سندس چهرو ڏسڻ لا به پريشان رهندو آهي هن تڪ جو ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانڀڻ جيڪو ٽيون ڀيرو ايم پي چونڊيو آهي پر جڏنهن به هتان جو عوام سندس وٽ ڪنهن ڪم لا ويو ته هي لفظ ٻڌي واپس ٿيڻو پيو ته سائين منهنجي ايوان ۾ هلي ئي ڪو نه ٿي پيپلز پارٽي جي گذريل ستن سالن کان حڪومت آهي پر جڏنهن انهن کان ڪو سوال ٿيو ته اهو چيو ويو ته اسين ته هاريل اميدوار آهيون . اٽي جي سبسڊي هجي برسات متاثرن لا آيل ٻج ڪلر هجي يا ڪو ترقياتي ڪم هن حڪومت ۾ جيڪا هن علائقي سان جٺ ٿئي ان جي به تاريخ گواه آهي . هاڻي هلون ٿا پنهنجي اصل مقصد يعني گيس بابت احتجاج ڏانهن هي آواز ڪو نئون نه آهي 1988 کان وٺي هن علائقي کي گيس ڏيڻ جا ڪوڙا آسرا ڏنا پيا وڃن . هاڻي تازو وڏي وزير قائم علي شاه پاران 2013 ۾ فيضگنج جي هڪ دوري دوران عوام کي ته ڪجه نه ڏنو پر هتان جي ڪامورن کي لولي پاپ ضرور ڏنو اهو پي پي جي اڳوڻي ضلعي صدر ساجد ٻانڀڻ ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق ۽ پي پي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر فقير بخت علي هيسباڻي جي مخصوص ڳوٺن لا گيس جي سهولت جو اعلان ڪيو ويو پر افسوس جو ان وقت ڪنهن به اڳواڻ کي فيض گنج جي ياد نه آئي سڀ ڪو پنهنجو پنهنجو حصو وٺي گهر روانو ٿيو. هاڻي جڏنهن هن تڪ جو عوام احتجاج تي آيو ته شايد ان ئي سبب متان کين شرمسار ٿيڻو پوي ان ڪري ڪو اڳواڻ هت اچڻ لا تيار نه آهي هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته هي احتجاج ڪٿي دنگ ٿو ڪري سياستدانن جي ڪوڙ واري سياست ٿي کٽي يا عوام ....
    تحرير نديم حسين چانگ
    nadeemhussaichang@gmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سوئي گيس ۾ رهندي هڪ دفعي پنهنجي ڳوٺ جي گيس اسڪيم بابت ڪاغذ ۽ فائل پئي چيڪ ڪرايم، خبر پئي ته اسان جي تڪ جي ايم اين اي نواب وساڻ جون اسڪيمون سڀ کان وڌيڪ پيون هلن، هن وزير اعظم کان اسپيشل فنڊ رليز ڪرايو ۽ پنهنجي تڪ جي ڳوٺن لاء گئس فراهم ڪرائي .... حيرت ته تڏهن ٿي جڏهن اها خبر پئي ته فيض گنج واري تڪ تان کٽندڙ ايم اين اي جا فنڊ واپس ٿي ويا پر هن پنهنجون اسڪيمون ئي جمع ڪونه ڪرايون ....... منهنجا سائين مان ڇا چوان، فيضگنج جي عوام لاء هاڻ به وزير اعظم فنڊ مان پئسا اچي سگهن ٿا پر اهو تڏهن ٿيندو جڏهن ايم اين اي ڪجهه اڳڀرائي ڪري ....... مان سمجهان ٿو ته پ پ پ کي به گهرجي ته هتي ڪم ڪرائي پنهنجو ووٽ بينڪ وڌائي .....

    مان سڀني دوستن کي ۽ فيضگنج جي عوام کي سلام پيش ڪيان ٿو جيڪي لاڳيتو جدوجهد پيا ڪن.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. Nadeem Hussain Chang

    Nadeem Hussain Chang
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مينيجر يوٿ آف سنڌ
    ماڳ:
    Pacca Chang, Sindh, Pakistan
    ادا مسعلو اهو آهي ته هتي جي عوام ان اهو ئي ته ويڌن آهي نه ادا هتي ايم اين اي فنڪشنل جو ٿئي ٿو ۽ ڪم نه ٿو ڪرائي هن تعلقي مان سدائين پيپلز پارٽي کٽيو آهي جنهن جي ڪامورن پنهنجي گهرن تائين ته سي ايم صاحب کان گيس منظور ڪرائي پر افسوس جو انهن کي فيض گنج ياد نه آيو
     
  4. Nadeem Hussain Chang

    Nadeem Hussain Chang
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 نومبر 2013
    تحريرون:
    10
    ورتل پسنديدگيون:
    7
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مينيجر يوٿ آف سنڌ
    ماڳ:
    Pacca Chang, Sindh, Pakistan
    ٻيو ادا اوهان جي مهرباني اسانجي حوصلا افزائي ڪرڻ جي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو