عورتن کي خوف مان نڪرڻ گهرجي

'سنڌ جون سرتيون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جنوري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    صفيه حيدر

    [​IMG]
    عورت به سماج جو برابر فرد آهي، جيڪا پنهنجي آزادي لاءِ جدوجهد سان گڏوگڏ سماج جو هڪ ڪارآمد فرد طور مرد سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي ڪمائي گهر تي خرچ ڪرڻ ۾ سندس مدد ڪري ٿي ۽ سماج جا ٻه ڪارآمد ڦيٿائي مرد، عورت، زال، مڙس هجن، توڙي فيملي جا فرد گڏجي سڏجي زندگي جو گاڏو هلائين ٿا ۽ جيترا کين ڪمائي جا موقعا ملن ٿا، هو ڪم ڪن ٿا.

    عورت نوڪري هئڻ جي صورت ۾ يا ڪوبه ڪم ڪرڻ لاءِ جڏهن ٻاهر نڪري ٿي ته ان آڌار کيس روڪڻ لاءِ سوسائٽي جو ماحول ۽ رويا آڏو اچن ٿا ۽ 99 سيڪڙو سوچ اها آهي ته عورت کي گهر جي چادر ۽ چار ديواري ۾ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ جيڪڏهن ڪم يا نوڪري ڪرڻي آهي ته سندس لاءِ سڀ کان بهتر نوڪري ماستريءَ جي آهي، پر ڪمائڻ ۽ گهر جي خرچ ۽ گذاري لاءِ عورت کي گهر کان ٻاهر نڪرڻو ئي پوي ٿو.

    نياڻين جي پڙهائي به اڄڪلهه مسئلو ٿي پيو آهي ته هو ڪيئن بلڪل محفوظ حالت ۾ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ اچن وڃن. ٻاهرين ماحول ۾ سندن جو اهم مسئلو مردن طرفان سندن لاءِ ڇيڙخاني آهي، جيڪا کين پوئتي ڌڪڻ لاءِ ڪافي آهي، انهن جي اڳتي وڌڻ جي خواهش اڳيان سماجي رويا اچي وڃن ٿا، جيڪي کين واپس گهر ۾ رهڻ لاءِ مجبور ڪن ٿا.

    اسان جي سماج ۾ اڄ به عورت اڪثريت ۾ ايتري بهادر نه آهي، سندس شخصيت کي گهر ۾ پڻ محدود نموني ڏٺو وڃي ٿو، پر جيڪي عورتون ۽ نياڻيون بهادري سان پنهنجي گهروارن جي مدد سان پڙهائي لاءِ نڪرن ٿيون يا نوڪري ڪن ٿيون ته سندن رستي ۾ سماج جا نام نهاد ٺيڪيدار عورت جي لاءِ تنگ نظري رکندڙ ڇڙواڳ ماڻهو سندن راهه ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا.

    سماج جي انهيءَ ڏوهي رويي کي حراسمينٽ چيو وڃي ٿو، جنهن لاءِ هڪ قانون 509 ٺهيو ته ڪنهن به قسم ڇيڙڇاڙ جنهن ۾ سندس لاءِ خوف ۽ ڊپ پيدا ڪيو وڃي، قانوني ڏوهه آهي.

    تازو ئي سنڌ جي محتسب ملازمت جي جڳهه تي عورتن کي ڊيڄارڻ يا حراسڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن تحت هڪ سرڪاري ادارو ايڪٽ بعنوان 7 مطابق ڪم ڪرڻ وارين عورتن کي ڊپ، خوف يا حراسان ڪرڻ جي صورت ۾ مفت، تڪڙو ۽ آسان انصاف ملي سگهي ٿو ۽ انهيءَ ۾ جنسي حراسگي پڻ قانوني ۽ اخلاقي ڏوهه ڏنل آهي. انهيءَ خصوصي ايڪٽ 2040-IV جو عنوان اهو آهي ته (ملازمت جي جڳهه تي عورتن کي حراس، ڊپ ڏيڻ) خلاف ايڪٽ 2010ع سينيٽ ۾ منظور ڪيو ويو.

    انهيءَ ايڪٽ جو مقصد عورتن کي ڪنهن به ڌمڪي يا استحصال ۽ خوف کان بچائي سندن لاءِ صاف سٿرو ۽ پاڪ ماحول ڏيڻ آهي، جيئن اهي بنا ڪنهن ڊپ جي پنهنجي نوڪري ڪري سگهن.

    انهيءَ ڊپ ۽ خوف ڏيارڻ جا جيڪي طريقا ڪيا وڃن ٿا، انهن ۾ جنسي ڊپ، زباني يا لکت ۾ رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ۽ هر اهو رويو جيڪو غير اخلاقي هجي.

    انهيءَ جرم جي شڪايت ڪرڻ بلڪل آسان ۽ سولي آهي. متاثر عورت سيڪشن (1) 8 مطابق لکت ۾ شڪايت ڪري سگهي ٿي.

    شڪايت ڪرڻ جو طريقو

    * سيڪشن 3 جي ايڪٽ مطابق اداري ۾ قائم ڪيل انٽرنل/ ڊپارٽمينٽل انڪوائري ڪميٽي ۾ لکت ۾ شڪايت درج ڪرائجي.

    * سيڪشن (1) 8 مطابق اها لکت ۾ شڪايت صوبائي محتسب سنڌ جي دفتر ۾ ڪارروائي لاءِ ڏئي سگهجي ٿي.

    * اها لکت ۾ شڪايت ويجهي انچارج ضلعي شڪايتي مرڪز ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي.

    * خط رستي، ڪوريئر سروس، فيڪس، اي ميل يا ڪنهن ٻئي وسيلي موڪلي سگهجي ٿي.

    سزائون

    حراسگي ۽ ڊپ ڏياريندڙ ماڻهو، جيڪو اهي حرڪتون ڪري انهيءَ کي ايڪٽ جي سيڪشن (4) 4 مطابق هيٺ ڏنل سزا يا سزائون ڏئي سگهجن ٿيون.

    گهٽ سزا

    - سمجهائڻ

    - ترقي يا سندس انڪريمينٽ روڪڻ.

    - ٽائيم اسڪيل ۾ انفيٽ ڏيکارڻ يا مخصوص ٽائيم تائين ترقي روڪڻ.

    - ملزم جي پگهار مان شڪايت ڪندڙ کي ڏنڊ ڀري ڏيڻ.

    سخت سزا

    - ترقي بدران گهٽ عهدي تي رکڻ

    - زوري رٽائر ڪري ڇڏڻ

    - ملازمت کان برطرفي

    - جرمانو

    انتظاميه جي اداري لاءِ پڻ هدايت ڪئي وئي آهي، جنهن تحت جيڪڏهن ڪو ادارو دفعه (1) 3 مطابق انڪوائري ڪميٽي ٺاهڻ ۾ ناڪام وڃي يا دفعه (4) 3 مطابق ڪامپيٽينٽ اٿارٽي مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام وڃي يا دفعه (2) 11 انهن اخلاقي ضابطن کي انگريزي، اردو يا سنڌي ٻولي جن کي اڪثريتي عوام سمجهندي هجي، ڪنهن صاف جڳهه تي لکي هڻڻ ۾ ناڪام وڃي ته دفعه (3) 11 مطابق ضلعي عدالت کي اطلاع ڏئي، انهيءَ اداري جي ڏوهي سربراهه کي 25 هزار کان هڪ لک تائين جو جرماڻو هڻي سگهجي ٿو.

    انهيءَ قدم کڻڻ سان اهو ٿيندو ته عورت پڻ پنهنجي آزادي ۽ عزت نفس سان نوڪري ڪري سگهندي. انهيءَ لاءِ هن جي پنهنجي اندر مان ڊپ ختم ڪرڻو پوندو. پنهنجي خواري سمجهڻ بدران هو ڏوهي ۽ کيس ڊپ پيدا ڪندڙ ماڻهو خلاف ڪارروائي ڪندي ته جيئن سندس چرپر ۽ خاندان لاءِ خودڪفيل ٿي سڪون، آرام ۽ عزت سان نوڪري ڪرڻ ۾ کيس ڪابه مشڪلات درپيش نه اچي.

    اهو ضابطه اخلاق انتظاميه جي مالڪن لاءِ رهنمائي ڪري ٿو ته پنهنجي ملازمن لاءِ صاف ۽ خوف کان پاڪ ماحول ٺاهين ته جيئن ڪم ڪار ۽ ڊيوٽي ۾ ڪا مداخلت نه هجي، نه ئي مخالف يا انتهاپسندي وارو ماحول جڙي، اختيارن جو غلط استعمال نه ٿئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو